Congratulatory message by Abdullah Usman Morai, Stockholm, Sweden the Launch of the Sindhi Version of The AsiaN
سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ شاندار قدم
اهو هڪ انتهائي خوشي جو لمحو آهي ته دي ايشيا اين، جيڪا ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي ميڊيا وِنگ آهي ۽ ايشيائي نيوز نيٽورڪ جو حصو پڻ، اها هاڻي پنهنجي ويب پيج تي سنڌي ٻولي ۾ ادب شايع ڪرڻ شروع ڪري رهي آهي. هڪ سنڌي پرڏيهي طور تي، مان هن خوشخبري تي تمام گهڻو خوش آهيان ۽ انهن سڀني منتظمين جو ٿورائتو پڻ آهيان، جن اهم قدم کنيو آهي ۽ دنيا جي قديم ترين ۽ گهڻي ڳالهائيندڙ ٻولين مان هڪ سنڌي ٻولي کي اهميت ڏئي رهيا آهن، جيڪا دنيا جي مختلف ملڪن سان گڏوگڏ خاص طور تي پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
اهو قدم يقيناً دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين يا انهن کي جيڪي سنڌي سمجهن ۽ ڳالهائين ٿا ، کي هڪ ڊجيٽل پل جي صورت ۾ ڳنڍڻ جو ذريعو بڻجندي، جتان هو پنهنجي اسڪرين تي مقامي سنڌي ادب سان گڏ بين الاقوامي ادب پڻ سنڌي ٻولي ۾ پڙهي سگھندا.
هتي مان خاص طور تي محترم سائين نصير اعجاز صاحب جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، جن هن ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بيشڪ، هي قدم سنڌي ٻولي جي خدمت جي زمره ۾ اچي ٿو، ۽ ان لاءِ سندن جذبي کي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.
عبدالله عثمان مورائي
اسٽاڪهولم سئيڊن

Abdullah Usman Morai
Columnist and Travelogue Writer
Stockholm, Sweden
25 June 2025




شاندار ڪم