Editor's pickMain Slideڪالم

هٿرادو ڏاهپ انساني هٿن جي مهارت، فني تجربي ۽ صلاحيت جو مقابلو نٿي ڪري سگھي   

سسٽم ۽ سافٽ ويئر ته هٿرادو ڏاهپ سنڀالي سگهي ٿي، هڪ مشين شايد مشورو ڏئي سگهي ٿي، پر گهر جي ڀڳل نلڪي، ٽٽل پائيپ کي هٿ سان ٺيڪ ڪرڻ، بجليءَ جي خرابي ڳولڻ ۽ انهن جي وائرنگ جون تارون ڳنڍڻ، مشين کولڻ ۽ ان جا نٽ بولٽ ڪَسڻ يا ڪا پيچيده فني مرمت ڪرڻ اڃا تائين انسان جي هنر تي دارومدار رکي ٿي. ماهر نوجوانن کي هڪ اهم صلاح ڏئي رهيا آهن ته جسماني ۽ عملي مهارتون سکو ۽ انهن کي هٿي ڏيو. ڇو ته هٿرادو ڏاهپ ڪيترائي ذهني ۽ وڏا وڏا آفيس جا ڪم ته ڪري سگهي ٿي، پر انساني هٿن جي مهارت، فني تجربي ۽ عملي مسئلا حل ڪرڻ واري صلاحيت کي مڪمل طور تي تبديل نٿي ڪري سگهي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل فوٽو

ترقي يافته ملڪن ۾ اھڙن ڪاريگرن کي هينڊي مين سڏجي ٿو جن کي وڏي عزت سان ڏٺو ويندو آهي. اتي ماڻهو پنهنجن گهرن، آفيسن ۽ ڪارخانن جي مرمت لاءِ اهڙن ماهرن کي سڏيندا آهن. وٽن ٽيڪنيڪل علم هوندو آهي، عملي تجربو هوندو آهي ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي فطري صلاحيت هوندي آهي. ڪيترن ملڪن ۾ ته هينڊي مين هڪ مڪمل پيشو بڻجي چڪو آهي، جتي ماڻهن کي باقاعده تربيت، لائسنس ۽ معاشي تحفظ ڏنو وڃي ٿو.

سُئيڊن مان عبدالله عثمان مورائي لکي ٿو  

انساني معاشري جي ترقيءَ ۽ روزمرہ جي نظام کي روان دوان رکڻ ۾ جتي وڏن سائنسدانن، انجنيئرن ۽ مفڪرن جو هٿ هوندو آهي، اتي هڪ اهڙو طبقو به آهي جيڪو پردي جي پٺيان رهي پنهنجي آڱرين جي جادوءَ سان اسان جي زندگيءَ کي سولو بڻائيندو آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ انهن لاءِ هڪ تمام گهڻو مشهور ۽ معزز لفظ استعمال ٿيندو آهي، “Handyman” يعني هر فن مولي يا سونهري هٿن وارو ڪاريگر.

هينڊي مين لفظ بظاهر سادو لڳي ٿو پر ان جي اندر هڪ وڏي معني ۽ اهميت لڪل آهي. هينڊي مين اهو ماڻهو هوندو آهي، جيڪو پنهنجي هٿن جي مهارت، ذهني قابليت، معمولي اوزارن ۽ تجربي سان اهڙا ڪم ڪري سگهي ٿو جيڪي عام ماڻهو نه ٿا سمجهي سگهن يا اهي ڪم ڪرڻ انهن جي سوچ ۽ وس کان ٻاهر هوندا آهن.

هڪ اهڙو هينڊي مين يا ڪاريگر گهر جي مرمت کان وٺي بجلي، پلمبنگ، مشينن، گاڏين، ڪاٺ جي ڪم، لوهي ڪم، جديد اليڪٽرانڪس ۽ ڪيترن ئي روزمره جي مسئلن جو حل ڪڍي سگهي ٿو. يعني اهي هٿ هر مشڪل جو حل هوندا آهن. اهڙن ماڻهن لاءِ انگريزيءَ ۾ “Golden Hands” يعني “سون جهڙا هٿ” جو اصطلاح پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهي واقعي سونهري هٿ آهن، جن جي مهارت کين معاشري جو هڪ لازمي جزو بڻائي ٿي.

ترقي يافته ملڪن ۾ هينڊي مين کي وڏي عزت سان ڏٺو ويندو آهي. اتي ماڻهو پنهنجن گهرن، آفيسن ۽ ڪارخانن جي مرمت لاءِ اهڙن ماهرن کي سڏيندا آهن. انهن وٽ ٽيڪنيڪل علم هوندو آهي، عملي تجربو هوندو آهي ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي فطري صلاحيت هوندي آهي. ڪيترن ملڪن ۾ ته هينڊي مين هڪ مڪمل پيشو بڻجي چڪو آهي، جتي ماڻهن کي باقاعده تربيت، لائسنس ۽ معاشي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. ڇو ته اهي ماڻهو سماج جي روزمره زندگي کي هلائڻ ۾ خاموش پر انتهائي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

سنڌ جا سونهري هٿ

جڏهن به آئون “هينڊي مين” جو لفظ ٻڌان ٿو، منهنجي ذهن ۾ ٻه شخصيتون تري اچن ٿيون. هڪ موري جو جان محمد المعروف اعجاز سومرو ۽ ٻيو نوابشاهه جو مرحوم محمد قاسم سومرو. اهي ٻئي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ اهڙا ماڻهو هئا، جن کي ڏسي محسوس ٿيندو هو ته الله تعالي انهن کي خاص قسم جي ذهني صلاحيت ۽ هٿن جي هنر سان نوازيو آهي. اهي ٻئي اسان جي مقامي سطح تي ان عظيم مهارت جا مثال آهن.

مرحوم محمد قاسم سومرو هڪ اهڙو ئي سونهري هٿن وارو ڪاريگر هو، جيڪو تقريبن هر شئي ٺيڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو. ڪا مشين خراب هجي، بجليءَ جو مسئلو هجي، ڪا گهريلو شئي بيڪار ٿي وڃي يا ڪا اهڙي ٽيڪنيڪل خرابي هجي، جنهن کي عام ماڻهو ڏسي مايوس ٿي وڃن، پر هن وٽ ان هر ڀڳل ٽٽل شئي جو علاج هوندو هو. قاسم سومرو ان کي صبر، مشاهدي ۽ پنهنجي هنر سان بحال ڪري ڇڏيندو هو. اهڙا ماڻهو ڪتابن مان گهٽ ۽ زندگيءَ جي تجربن مان وڌيڪ سکندا آهن. انهن وٽ مسئلن کي ڏسڻ جو رخ ئي مختلف هوندو آهي. هو صرف ٽٽل شئي نه ڏسندا آهن، پر ان جي اندر موجود لڪل  امڪان کي پڻ ڏسندا آهن. هو رڳو شين کي ٺيڪ نه ڪندو هو، پر ان ڪم ۾ هڪ آرٽسٽ واري صفائي ۽ لڳاء پڻ رکندو هو.

ساڳيءَ ريت اهڙي ئي طبيعت ۽ مهارت جو مالڪ اعجاز سومرو به هڪ اهڙي شخصيت آهي، جيڪا ڪيترن ماڻهن لاءِ حيرت جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هو اهڙا ڪيترائي ڪم ڪمال حيرت ۽ مهارت سان ڪري سگهي ٿو، جيڪي عام ماڻهو يا ته سمجهي نه سگهن يا ڪرڻ کان ڪيٻائين. وٽس هڪ “Developing Mindset” يعني ترقي ڪندڙ سوچ موجود آهي. اهڙا ماڻهو هميشه سکڻ، سمجهڻ ۽ نوان تجربا ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. هو مسئلن کان ڊڄڻ بدران انهن کي چئلينج سمجهندا آهن. ڪنهن به شيءِ کي کولڻ، سمجهڻ ۽ ٻيهر ٺيڪ ڪرڻ جي جيڪا فطري تجسس واري صلاحيت هوندي آهي، اها هر ماڻهوءَ ۾ ناهي هوندي. منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ اهڙي قسم جا ٻيا به ڪيترائي سونهري هٿن وارا ڪاريگر هوندا جيڪي شايد رڳو پنهنجي تر ۽ علائقي تائين مشهور ۽ محدود هوندا.

موقعن ۽ ماحول جو وڏو ۽ تلخ فرق

عام طور تي دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا هينڊي مين هڪ تمام بهترين، مثبت ۽ تخليقي ذهن کڻي پيدا ٿيندا آهن جيڪي صحيح ماحول، صحيح تعليم ۽ مناسب موقعا ملڻ سبب وڏي سطح تائين پهچي ويندا آهن. پر بدقسمتي سان هر ماڻهوءَ کي اهو ماحول نصيب نٿو ٿئي. ڪيترائي اهڙا تيز ذهين، هنر مند ۽ تخليقي ماڻهو غلط ماحول، معاشي تنگي، وسيلن جي کوٽ، ناقص تعليمي نظام يا سماجي بي قدريءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. انهن جي صلاحيتن کي ڪڏهن صحيح نموني سڃاتو ئي نٿو وڃي.  جيڪڏهن کين صحيح ماحول، مناسب تعليم ۽ جديد اوزار ملي وڃن ته اهي وڏا موجد (Inventors) بڻجي سگهن ٿا.

اسان جي سماج ۾ اڪثر ذهين ٻارن کي رڳو ڊاڪٽر، انجنيئر يا آفيسر بڻجڻ واري نظر سان ڏٺو ويندو آهي، جڏهن ته هٿن جي هنر کي گهٽ سمجهيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ دنيا جي ترقي يافته معاشرن ۾ ٽيڪنيڪل مهارتن کي وڏي اهميت ڏني ويندي آهي. اتي هڪ سٺو پلمبر، اليڪٽريشن، مشين ٽيڪنيشن يا هينڊي مين به عزت، سٺي آمدني ۽ معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهي ٿو.

جيتوڻيڪ محمد قاسم سومرو پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، پر اعجاز سومرو  اڄ به پنهنجو ڪم پاڻ ڪري ٿو ۽ پنهنجي ٻل تي پنهنجي ذاتي محنت سان گهر جو گاڏو هلائي رهيو آهي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن هي ٻئي ڪاريگر ڪنهن ترقي يافته ملڪ ۾ پيدا ٿين ها، جتي ‘هينڊي مين ڪلچر’ کي مٿانهون مقام ۽ باقاعده لائسنسنگ ملي ٿي، ته اڄ سندن زندگي، سماجي رتبو ۽ معاشي حيثيت ڪا ٻي هجي ها. اتي کين پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ چمڪائڻ جا بيشمار موقعا ملن ها. ممڪن آهي ته انهن وٽ جديد تربيت، بهتر اوزار، سرڪاري سهڪار ۽ عالمي سطح تي ڪم ڪرڻ جا موقعا هجن ها. شايد اهي وڏن صنعتي ادارن، ٽيڪنيڪل ڪمپنين يا انجنيئرنگ مرڪزن جو حصو بڻجن ها. ڇو ته ترقي يافته سماج ماڻهن جي قابليت کي سڃاڻڻ ۽ ان کي وڌائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

مصنوعي ذهانت (AI) جو دور ۽ هٿ جي هُنر جي اهميت

اڄ جڏهن دنيا هٿرادو ڏاهپ (AI) ۽ آٽوميشن جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، تڏهن ڪيترائي ماهر نوجوانن کي هڪ اهم صلاح ڏئي رهيا آهن ته جسماني ۽ عملي مهارتون سکو ۽ انهن کي هٿي ڏيو. ڇو ته هٿرادو ڏاهپ ڪيترائي ذهني ۽ وڏا وڏا آفيس جا ڪم ته ڪري سگهي ٿي، پر انساني هٿن جي مهارت، فني تجربي ۽ عملي مسئلا حل ڪرڻ واري صلاحيت کي مڪمل طور تي تبديل نٿي ڪري سگهي. سسٽم ۽ سافٽ ويئر ته هٿرادو ڏاهپ سنڀالي سگهي ٿي ۽ هڪ مشين شايد مشورو ڏئي سگهي ٿي، پر گهر جي ڀڳل نلڪي، ٽٽل پائيپ کي هٿ سان ٺيڪ ڪرڻ، بجليءَ جي خرابي ڳولڻ ۽ انهن جي وائرنگ جا تار ڳنڍڻ، ڪا مشين کولڻ ۽ ان جا نٽ بولٽ ڪَسڻ يا ڪا پيچيده فني مرمت ڪرڻ اڃا تائين انسان جي هنر تي دارومدار رکي ٿي ۽ ان کي هميشه هڪ انسان ۽ ان جي سونهري هٿن جي ضرورت پوندي.

انهيءَ ڪري هي مستقبل جو هڪ نئون مارڪيٽ آهي جيڪو اڀري رهيو آهي جنهن جو بنياد رڳو ڊگريءَ تي نه پر مهارتن تي به بيهندو. جيڪي نوجوان هٿن سان  هنري ڪم ڪرڻ، ٽيڪنيڪل هنر سکڻ، مشينن کي سمجهڻ ۽ عملي مسئلا حل ڪرڻ  يعني هينڊي مين واريون صلاحيتون حاصل ڪندا ته اهي مستقبل ۾ پنهنجي روزگار کي محفوظ ڪندا ۽ زندگيءَ کي تيزيءَ سان اڳتي وڌائي سگهندا. دنيا کي هميشه اهڙن ماڻهن جي ضرورت رهندي، جيڪي مرمت ڪري ۽ مسئلن جو حل پيش ڪري سگهن.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته اسان جي سماج کي به هاڻي سوچ بدلائڻ جي ضرورت آهي. هر هنر مند ماڻهو عزت جو حقدار آهي. هر اهو هٿ، جيڪو ڪنهن مسئلي کي حل ڪري سگهي، ڪنهن خراب شيءِ کي ٻيهر زندگي ڏئي سگهي يا ڪنهن انسان جي تڪليف گهٽائي سگهي اهو واقعي سونو هٿ آهي.

شايد اسان جي ڀر پاسي ۾ به ڪيترائي قاسم سومرا ۽ اعجاز سومرا موجود آهن، انهن  جهڙا ماڻهو رڳو ڪاريگر ناهن، اهي اسان لاءِ حوصلي جو مينار آهن. پر اسان انهن کي رڳو عام ماڻهو سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيون ٿا. جڏهن ته اهي ئي ماڻهو اصل ۾ سماج جا خاموش انجنيئر، بي آواز موجد ۽ روزمره زندگيءَ جا اصل هيرو هوندا آهن. ضرورت ان گالهه جي آهي ته اسان پنهنجي معاشري ۾ اهڙن هيرن جو قدر ڪريون ۽ نئين نسل کي اهي هُنر سکڻ تي راغب ڪريون، ڇاڪاڻ ته مستقبل انهن جو آهي جن جا هٿ سونهري آهن.

_______________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.    soomro.sweden@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button