زندگيءَ جو فلسفو: امڪان کان اڳتي: لاحد ۽ بيحد جو روحاني سفر
“لاحد” جو مطلب آهي جنهن جي ڪا حد مقرر نه هجي، جيڪو اسان جي نظرن کان اوجهل هجي. پر “بيحد” ان کان به مٿانهون هڪ مقام آهي. لاحد جيڪڏهن وسعت آهي، ته بيحد ان وسعت جو به روح آهي. اها هڪ اهڙي ڪيفيت آهي جتي نه ڪو آغاز آهي ۽ نه ڪو انجام.

اڄ جو انسان مادي دنيا جي ننڍڙن دائرن ۾ قيد ٿي چڪو آهي. اسان پنهنجي سوچ کي رڳو گهر، ٻارن، ذاتي مفادن ۽ عارضي شهرت تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. پر جيڪي ماڻهو سماج کي نئين راهه ڏيکاريندا آهن، جيڪي قلم جا ڌني هوندا آهن، اهي انهن ننڍڙن دائرن کان ٻاهر نڪري سوچيندا آهن. انهن جي سوچ پنهنجي ذات کان شروع ٿي پوري انسانيت تي ختم ٿيندي آهي.
حڪيم پريم چاندواڻي
ڪائنات جو سڄو نظام عقل، فهم ۽ حواسن جي محدود دائرن ۾ قيد ناهي. انسان جتي سوچڻ جي سگهه وڃائي ويهندو آهي، جتي عقل جا پيمانا جواب ڏئي ويندا آهن ۽ جتي امڪانن جون سڀئي سرحدون ختم ٿي وينديون آهن، اتان ئي هڪ سچي تخليقڪار، سوچيندڙ ۽ عارف جي سفر جي شروعات ٿيندي آهي. اسان عام طور تي ان شئي تي يقين رکندا آهيون جيڪا اسان کي نظر اچي ٿي يا جنهن جو هجڻ ممڪن لڳي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته اصل سچائي ان امڪان جي پار لڪيل آهي.
هڪ خوبصورت فڪر آهي: امڪان کان اڳتي ڇاهي، لاحد کان وڌ بيحد آهي۔
هيءَ رڳو شاعراڻي خيال جي پرواز ناهي، پر انساني روح، فلسفي ۽ ڪائنات جي ان راز جي عڪاسي آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ دل جي اک ۽ روح جي بيداريءَ جي ضرورت آهي.
امڪان جي حد ۽ انساني عقل
اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا، اها امڪانن جي دنيا آهي. هتي هر شئي جو هڪ پيمانو آهي، هڪ حد آهي ۽ هڪ انجام آهي. انسان پنهنجي محدود سوچ سان هر شئي کي ماپڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر جڏهن اسان پنهنجي اندر جي گهرائين ۾ جهاتي پايون ٿا، يا ڪائنات جي وسعتن کي نهاريندڙ اکين سان ڏسون ٿا، ته اسان تي اهو واضح ٿئي ٿو ته امڪان ته رڳو هڪ شروعاتي سرحد هئي. اصل منزل ته ان کان به اڳتي آهي. امڪان کان اڳتي اها اڻڄاتل ۽ اڻکٽ سچائي آهي، جتي پهچي انساني انا ۽ غرور ختم ٿي ويندا آهن ۽ صرف حيرت جو هڪ سمنڊ بچندو آهي.
لاحد ۽ بيحد جو فرق
جڏهن اسان چئون ٿا “لاحد”، ته ان جو مطلب آهي اهو جنهن جي ڪا حد مقرر نه هجي، جيڪو اسان جي نظرن کان اوجهل هجي. پر “بيحد” ان کان به مٿانهون هڪ مقام آهي. لاحد جيڪڏهن وسعت آهي، ته بيحد ان وسعت جو به روح آهي. اها هڪ اهڙي ڪيفيت آهي جتي نه ڪو آغاز آهي ۽ نه ڪو انجام.
فڪر جي آزادي: انسان جڏهن ظاهري لاڳاپن، لالچن ۽ دنيا جي عارضي فائدن کان مٿانهون ٿي سوچيندو آهي، تڏهن هو لاحد جي دائري ۾ داخل ٿيندو آهي.
روح جو معراج: پر جڏهن هو محبت، سچائي ۽ انسانيت جي ان آعليٰ مقام تي پهچندو آهي جتي ڪو ٻيو مفاد باقي ناهي رهندو، تڏهن هو بيحد ٿي ويندو آهي.
اڄ جي دؤر ۾ هن فڪر جي اهميت
اڄ جو انسان مادي دنيا جي ننڍڙن دائرن ۾ قيد ٿي چڪو آهي. اسان پنهنجي سوچ کي رڳو گهر، ٻارن، ذاتي مفادن ۽ عارضي شهرت تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. پر جيڪي ماڻهو سماج کي نئين راهه ڏيکاريندا آهن، جيڪي قلم جا ڌني هوندا آهن، اهي انهن ننڍڙن دائرن کان ٻاهر نڪري سوچيندا آهن. انهن جي سوچ پنهنجي ذات کان شروع ٿي پوري انسانيت تي ختم ٿيندي آهي.
اسان کي پنهنجي اندر جي ان اڻکٽ سگهه کي سڃاڻڻو پوندو. جيڪڏهن اسان رڳو ممڪن ڳالهين تائين محدود رهياسين، ته ڪڏهن به ڪو وڏو معجزو جنم نه وٺندو. تاريخ شاهد آهي ته دنيا ۾ جتي به ڪا وڏي تبديلي آئي آهي، اها انهن ماڻهن جي ڪري آئي آهي جن “امڪان کان اڳتي” ڏسڻ جي جرئت ڪئي.
امڪان کان اڳتي جو اهو سفر اصل ۾ پاڻ سڃاڻڻ جو سفر آهي. جڏهن انسان پنهنجي اندر جي حسد، نفرت ۽ ڪاوڙ کي ختم ڪري، سچائيء ۽ بيغرض محبت جو رستو اختيار ڪري ٿو، تڏهن هن لاءِ ڪائنات جا سڀئي بند دروازا کلي ويندا آهن. اچو ته اسان به پنهنجي فڪر کي ان مقام تي کڻي هلون، جتي ڪا حد اسان جو رستو روڪي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي روح جو اصل سچ ته لاحد کان به وڌيڪ، بيحد آهي.
اڳي به هو ان، پوء به ٿيندو ان،
پوٽو ۽ پن، وچان ويندو نڪري۔
(نامعلوم)
خالق الارواح،
آهي باري بي پرواھہ۔
_______________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو



