هُو جِنتائو، چين جو صدر، جنھن کي موسيقي ۽ ڊانس جو گھڻو شوق ھو
هُو جِنتائو جي دور ۾ چين بي مثال معاشي ترقي ڪئي ۽ مُلڪ ۾ دنيا جا سڀ کان وڌيڪ زر مبادله جا ذخيرا هئا، پر امير ۽ غريب وچ ۾ فرق وڌي رھيو ھو، جنھن تي کيس پريشاني ھئي
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
هو جنتائو 1942ع ۾ ’جيانگ سو‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ چانھه جو واپاري هو ۽ هو انقلابي شخصيت نه هو. هن يونيورسٽيءَ مان انجينئرنگ جي ڊگري ورتي ۽ پنھنجي ڪلاس فيلوءَ سان شادي ڪئي. هوجنتائو ’چائنا يوٿ ليگ‘ جو اڳواڻ به رهيو، جنھن جا ميمبر ڪميونسٽ پارٽيءَ کان وڌيڪ هئا. ڊينگ، هوجنتائو کي پسند ڪندو هو. جڏهن هوجنتائو چين جو اقتدار سنڀاليو ته چين بدلجي چڪو هو. طبقاتي جدوجھد سرمائي پرستيءَ جي شڪل اختيار ڪري چڪي هئي. هو جنتائو گهڻو نوڙت پسند هو ۽ ميڊيا کان پري رهندو هو. هو جنتائو ويھن سالن تائين (2001-1992ع) تائين پولٽ بيورو جي اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ ڏهن سالن (2012ع-2002ع) تائين چين جي اڳواڻي ڪيائين. منجهس وڏائي نه هئي ۽ گهڻو صبر ڪندڙ هو. سندس يادگيري گهڻي تيز هئي، دوست ساڻس گهڻي محبت ڪندا هئا. هن پنھنجي شروعاتي زندگي پٺتي پيل علائقن گانسو، گوئيذو ۽ تبت ۾ گذاري. کيس موسيقي ۽ ڊانس جو گهڻو شوق هو. کيس 1993ع ۾ پارٽي اسڪول جو انچارج مقرر ڪيو ويو.

هو جنتائو جي دور ۾ چين بي مثال معاشي ترقي ڪئي. چين وٽ دنيا جا سڀ کان وڌيڪ زر مبادله جا ذخيرا هئا ۽ چين دنيا جو سڀني کان وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ بنجي ويو ۽ دنيا ۾ ٻي وڏي معاشي طاقت جي حيثيت حاصل ڪري ورتي. هو جنتائو پنھنجي دور جي للڪارن جو وڏي ڏاهپ ۽ حڪمت عملين سان مقابلو ڪيو. چن ليانگو پولٽ بيورو جو ميمبر هو ۽ شنگهائي ۾ عظيم الشان ميگا پراجيڪٽس تعمير ڪري مشھوري ماڻي هئائين. هن جا سترهن عورتن سان لاڳاپا هئا. شنگهائي انشورنس ايجنسي تمام وڏو مالياتي ادارو ۽ پبلڪ پينشر جو ذميوار هو. 2007ع ۾ نيشنل آڊٽ آفيس انڪشاف ڪيو ته غير قانوني طور تي 4.2 بلين ڊالرن جي موڙي پراپرٽي ڊولپرز کي ڏني ويئي آهي. چين جي ٻارهين امير ترين شخص زيائو زينگئي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس سورهن سال قيد جي سزا ڏني وئي. چن ليانگو کي به سورهن سال قيد جي سزا ڏني ويئي ۽ کيس گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو، سندس ڏوهه ۽ سزا جي باري ۾ مختلف قسم جا افواهه پکڙيا ۽ ان کي سياسي سزا قرار ڏنو ويو، جنھن جو مقصد سياسي طاقت جي مرڪز کي سگهارو بنائڻ هو.

2008ع ۾ تبت ۾ پُرتشدد تحريڪ جي شروعات ٿي، ان سال چين ۾ اولمپڪس رانديون ٿي رهيون هيون، جن تي سيڙپ ٿي چڪي هئي ۽ اولمپڪ راندين جي ملتوي ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿيو. تبت چين جي لاءِ اسٽريجڪ اهميت وارو علائقو آهي، جيڪو هندستان کان بچاءُ جو سيڪيورٽي بيريئر ۽ دريائن جي سسٽم جو محافظ آهي، تبتي شھري مھانگائيءَ ۽ بي روزگاريءَ جي ڪري به گهڻا پريشان هئا. تبت جي ماڻهن 14 مارچ 2008ع تي پُرتشدد احتجاج شروع ڪيو، جنھن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ چين جي فوج کي استعمال ڪيو ويو. ان فوجي آپريشن ۾ ٻنهي پاسان موت ٿيا. چيني حڪومت جا تبت جي جلاوطن اڳواڻ ”دلائي لاما“ سان تعلقات وڌيڪ خراب ٿيا. 2008ع ۾ سنڪيانگ صوبي جي ايغور مسلمانن پُرتشدد احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. جنھن ۾ 200 شھري مئا ۽ 1700 زخمي ٿيا. ان ئي سال 10 ڊسمبر 2008ع تي چين جي 303 منحرف دانشورن هڪ پڌرنامو شايع ڪيو، جنھن ۾ گهُر ڪئي ويئي هئي ته ’ون پارٽي رول‘ ختم ڪيو وڃي. چونڊون ڪرايون وڃن ۽ عدليه کي آزاد ڪيو وڃي. ان تحريڪ جو اڳواڻ ’ليوباز‘ هو، جنھن کي 23 جون 2009ع تي گرفتار ڪيو ويو. هن ’تيانن من اسڪوائر‘ هلچل ۾ به دليراڻون ڪردار ادا ڪيو هو. 2010ع ۾ کيس نوبيل انعام ڏنو ويو. هو پنھنجي موت تائين جيل ۾ رهيو.
هوجنتائو جي دور ۾ ’بيجنگ اولمپڪس‘ راندين تي 40 بلين ڊالر ۽ شنگهائي ايڪسپو تي 45 بلين ڊالرن جا ميگا ايونٽ ٿيا. سندس ڏهن سالن جي دور ۾ واڌ جي شرح 10 سيڪڙو رهي. چين جي معيشيت برطانيه، فرانس، جرمني ۽ جاپان کان به اڳتي نڪري ويئي.
هو جنتائو اڻ برابريءَ جي ڪري گهڻو پريشان هو. پسمانده علائقا ترقيءَ ۾ پويان رهجي ويا، امير ۽ غريب ۾ فرق وڌي ويو. مجموعي طور تي هوجنتائو جو دور شاندار رهيو ۽ پنھنجو مدو ختم ٿيڻ تي 2012ع ۾ اقتدار ’شي چن پنگ‘ جي حوالي ڪري ڇڏيو.
__________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ چين ۾ آھي



