انتھائي سخت حالتن ۾ بقا: متاثر ماڻھو آبهوا جي تبديليءَ کي ڪيئن مُنھن ڏئي رهيا آهن
جيڪڏهن ڌرتيءَ جو گرمي پد 2 يا 3 درجا سيليسيئس وڌي ويو، ته پوءِ سگھارا فصل به سُڪي ويندا

ڊاڪٽر حسن حميده لکي ٿو
ڪيل، جرمني: آبهوا جو بحران پوري شدت سان اسان تي نازل ٿي رهيو آهي، پر اهو سڀني کي هڪجهڙو متاثر نٿو ڪري. جڏهن گرميءَ جون لهرون رڪارڊ توڙين ٿيون، طوفان ساحلن کي تباهه ڪن ٿا، يا سوڪھڙو زمين کي چيري ڇڏي ٿو، ته ڪجهه آباديون، بغير ڪنهن تحفظ جي اڳئين صف ۾ بيٺل نظر اچن ٿيون. انهن لاءِ، اهو هاڻي آبهوا جي بحثن تائين محدود ناهي رهيو، پر اهي هاڻي بالڪل سامهون موجود ۽ روزاني بقا جي حڪمت عملين تي عمل پيرا آهن. متاثر ٿيل ماڻهن تي هڪ نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته ضرورت ڪيئن ايجاد جي ماءُ بڻجي ٿي، ۽ ماحول سان مطابقت حاصل ڪرڻ جون حدون ڪٿي ختم ٿين ٿيون.
ساحلي رهواسي ۽ مڇي ماريندڙ: پاڻيءَ سان گڏ جيئڻ
دکڻ ايشيا يا ننڍن جزيرا نما ملڪن جهڙن خطن ۾، سمنڊ جي سطح جو وڌڻ ۽ ان سان گڏ خوفناڪ طوفان روز جو خطرو بڻجي چڪا آهن. زمين ۾ لوڻياٺ وڌڻ جي ڪري پوريون وسنديون پيئڻ جي پاڻي ۽ پوک واري زمين کان محروم ٿي رهيون آهن.
ماڻهو همٿ هارڻ بدران هن حقيقت سان مطابقت اختيار ڪري رهيا آهن. بنگلاديش ۾، امدادي تنظيمون ۽ مقامي ماڻهوگلِ بڪاولي/جل کنڀي ۽ بانس جي پڙن تي ترندڙ اسڪول، اسپتالون ۽ باغيچا جوڙي رهيا آهن. گهرن کي ڪيترن ئي ميٽرن تائين ٿنڀن تي اوچو ڪيو پيو وڃي. گرم ٿيندڙ سمنڊن سبب مڇين جو روايتي ذخيرو گھٽجڻ ڪري مڇي ماريندڙ هاڻي لوڻياٺي پاڻيءَ واري آبي حياتيات (جيئن ته جھينگو فارمنگ) ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن.
ننڍا هاري: سوڪھڙي خلاف جنگ
دنيا جي 2 ارب کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ، خاص طور تي سب سحارا آفريقا ۾، جيڪي ننڍي پيماني تي پوکيءَ تي ڀاڙين ٿا، برسات جي موسم جو ناڪام ٿيڻ انهن جي فصلن لاءِ موت جي پرواني جي برابر آهي.
متاثر ٿيل ماڻهو پراڻي وساريل علم ۽ جديد ٽيڪنالوجي ٻنهي ڏانهن موٽي ردعمل ڏئي رهيا آهن. آفريقي ملڪن ۾، هاري وڌ ۾ وڌ ‘اگرو فاريسٽري’ (Agroforestry) جو سهارو وٺي رهيا آهن: فصلن کي ڇانوَ ۽ زمين ۾ قائم رکڻ لاءِ ٻنيءَ ۾ سوچي سمجهي وڻ پوکيا وڃن ٿا. ان کان علاوه، مناسب قيمت واري ڊرپ آبپاشي ۽ مقامي روايتي ٻج، جيئن باجھري يا ڪاساوا، جيڪي پاڻيءَ کان سواءِ مهينن تائين زنده رهن ٿا، وڏي پيماني تي استعمال ٿي رهيا آهن.
شهري خطري واريون آباديون
وڏن شهرن جي سيمنٽ وارن ريگستانن ۾، چاهي اهي گلوبل سائوٿ ۾ هجن يا يورپ ۾، سخت گرميءَ جي لهرن دوران بزرگ، ٻار، بيمار ماڻهو ۽ بي گھر ماڻهو سڀ کان وڌيڪ تڪليف سهن ٿا. شهري علائقن ۾ رات جو گرمي پد گهٽ نه ٿيڻ سبب تيز حرارتي دٻاءُ (Heat stress) پيدا ٿئي ٿو جنهن سان فوتين جي شرح ۾ سخت واڌ ٿئي ٿي.
هتي تنظيمي ۽ تعميراتي اپاءَ وڌيڪ اثرائتا ثابت ٿي رهيا آهن. شهر سرڪاري عمارتن ۾ “ڪولنگ سينٽر” قائم ڪري رهيا آهن جتي نازڪ ماڻهو ڏينهن جو گرميءَ کان بچي سگهن ٿا. جرمني جهڙن ملڪن ۾، ‘هيٽ ائڪشن پلان’ ۽ رضاڪار وڏي عمر جي پاڙيسرين جي سنڀال لاء کين پاڻي پهچائن ٿا. تعميراتي حوالي سان “اسپنج سٽي” (Sponge city) جي تصور کي هٿي ڏني پئي وڃي: ڇتين ۽ عمارتن جي سامهين حصن کي مسلسل وڻڪار سان ڍڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڻي ذخيرو ٿئي ۽ گھم ذريعي ماحولياتي گرمي پد گهٽجي سگهي.
متاثر ٿيل آبادين جو اهڙو تخليقي ۽ همت وارو روپ انسان جي زنده رهڻ جي اڻکٽ جذبي کي ظاهر ڪري ٿو. بهرحال، آبهوا سان مطابقت اختيار ڪرڻ واريون اهي حڪمت عمليون ان حقيقت کي لڪائي نٿيون سگهن ته برداشت جي حد جلد ختم ٿيڻ واري آهي. جيڪڏهن ڌرتيءَ جو گرمي پد 2 يا 3 درجا سيليسيئس وڌي ويو، ته ترندڙ باغات وهي ويندا ۽ مضبوط کان مضبوط فصل به سُڪي ويندا.
تنهن ڪري، سخت موسم سان نبرڻ جو سڀ کان ايم ڪارآمد طريقو عالمي هجڻ گهرجي: گرين هائوس گئسس ۾ وڏي پيماني تي گھٽتائي ۽ امير ملڪن پاران انهن غريب آبادين جي اڻ ڌري مالي مدد ڪرڻ، جن هن بحران ۾ سڀ کان گهٽ حصو وڌو آهي، پر ان جي سڀ کان وڏي قيمت ادا ڪري رهيا آهن.
_____________

حسن حميدھ، جرمني
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



