Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

دليل ڪوٽ، سنڌ جو تباھ ٿيندڙ ورثو

دليل ڪوٽ يا قلعو سنڌ جو اهم ورثو آهي، جيڪو سرڻي ڪوٽ، سيوهڻ جي قلعي، برھمڻ آباد ۽ ٻين اهڙن قلعن ۽ ڪوٽن جيان تباھ ٿي گمنامي ءَ جي اونداهيءَ ۾ گم ٿي رهيو آهي.

قلعي جي برھمڻ گهراڻي جي دور ۾ موجود هجڻ منجهان ان ڳالھ جي تصديق ٿئي ٿي ته دليل قلعو برھمڻ گهراڻي کان اڳ تعمير ٿيل هو. گمان غالب آهي ته دليل ڪوٽ سنڌ جي اڪثر قلعن جيان راءِ گهراڻي جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو هيو.

دليل ڪوٽ هڪ مڪمل دائري يا گول نموني ٺهيل آهي، جنهن ۾ ٻارهن برج هئا. دليل قلعي جي پکيڙ لڳ ڀڳ سٺ ايڪڙ لڳي ٿي

عزيز ڪنگراڻي

دليل ڪوٽ يا قلعو سنڌ جي ٻين قلعن يا ڪوٽن جيان نهايت قديم ڪوٽ يا قلعو آهي. هيءُ قلعو نواب شاھ، هاڻوڪي ضلعي بينظير آباد جي شهر سڪرنڊ ويجهو نواب شاھ ويندڙ روڊ جي قريب تر ڳوٺ دليل ديرو جي بس اسٽاپ وٽ واقع آهي جنهنڪري دليل ديرو ڪوٽ طور پڻ مشهور آهي. مستند تحقيق نه ٿيڻ سبب دليل ڪوٽ يا قلعي جي تاريخي حيثيت ۽ پسمنظر کي مشڪوڪ بڻايو ويو آهي. هن قلعي کي اشتياق انصاري پڻ پنهنجي ڪتاب ‘سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا’ ۾ ذڪر هيٺ آندو آهي.  مورخ بلاذري پنهنجي ڪتاب فتوح بلدان ۾ هن ڪوٽ کي ‘دهليله’ نالي سان درج ڪيو آهي.

سنڌ جي مشڪوڪ تاريخي ماخذ چچ نامي مطابق محمد بن قاسم جي ڪاھ وقت برهمڻ گهراڻي (632ع_712ع) ڪن تاريخن مطابق (652ع-712ع) جي دور ۾ راوڙ ۽ برهمڻ آباد کانپوءِ ٻہ قلعا هيا. هڪ ’بھراور‘ ۽ ٻيو ’دهليل‘ سڏبو هيو. دهليل قلعي جي آس پاس وڏي زرخيزي هئي ۽ قلعو مسلح هو. راءِ گهراڻي (450ع- 632ع) جي حڪمراني ۾ سنڌ وسيع هئي. راءِ گهراڻي جي حڪومت دوران تاريخي طور سنڌ ۾ قلعن جي تعمير تمام گهڻي نظر اچي ٿي.  هن قلعي جي ٻارهن برجن يا مينارن سان  سج وانگر دائري يا گول اڏاوت جي ڪري ڪي مورخ سورج ونسي يا سج جي پوڄاري حڪمرانن جو جوڙايل سمجهن ٿا. جيڪو تاريخي مغالطو لڳي ٿو ڇاڪاڻ ته سج جي پوڄاري حڪمرانن صرف هڪ دليل قلعو جوڙايو؟ ٻيا اهڙا قلعا تعمير ڇو نه ڪرايا؟ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، قريشي حامد علي خانائي ۽ ٻين هن قلعي بابت لکيو آهي. روايتن موجب دليل ڪوٽ ٽالپور حڪمرانن جي نواب  دليل خان يا سندن ڪنهن ڪوٽوال  تعمير ڪرايو. حامد علي خانائي لکيو آهي ته دليل ڪوٽ واري علائقي ۾ انهن نالن بابت ڪا تصديق ڪانه ٿي سگهي آهي البت مير نور محمد ٽالپور ان جي مرمت ڪرائي هئي. قلعي جي برھمڻ گهراڻي جي دور ۾ موجود هجڻ منجهان ان ڳالھ جي تصديق ٿئي ٿي ته دليل قلعو برھمڻ گهراڻي کان اڳ تعمير ٿيل هو. گمان غالب آهي ته دليل ڪوٽ سنڌ جي اڪثر قلعن جيان راءِ گهراڻي جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو هيو.

ڪجھ مورخ ان راءِ جا آهن ته دليل ڪوٽ مهراڻ جي ڪناري تي تعمير ڪيو ويو هيو ۽ ڪن جو خيال آهي ته هاڪڙي درياھ جي ڪپ تي اڏيو ويو هو. قياس قرين آهي ته دليل ڪوٽ مهراڻ جي ڪناري تي تعمير ڪيل ڪيو ويو هئو. ڇاڪاڻ ته هاڪڙي درياھ جو وهڪرو هن علائقي کان گهڻو ڏُور معلوم ٿئي ٿو.

دليل ڪوٽ چيڪي  مٽي سان ٺهيل آهي. قلعي جون ڀتيون ۽ قلعي جي مک دروازي واري ديوار پڻ مٽيءَ جي تعمير ٿيل آهي جن کي ڪافي نقصان رسيو آهي. قلعي جون ڀتيون اندران ٻاهران ڀُري ويل آهن جنهنڪري قلعو جهڙوڪر ڊهي چڪو آهي. دليل ڪوٽ هڪ مڪمل دائري يا گول نموني ٺهيل آهي، جنهن ۾ ٻارهن برج هئا. دليل قلعي جي ايراضي ۽ علائقو لڳ ڀڳ سٺ ايڪڙ لڳي ٿو. آثارن منجهان لڳي ٿو ته دليل ڪوٽ يا قلعي جي ديوار جي اوچائي لڳ ڀڳ 30 فوٽ ٿيندي ۽ ان جي ويڪرائي 8 فوٽ لڳي ٿي. قلعي ۾ ڪم آيل پٽيون ڪاٺ مان ٺهيل هيون. جڏهن ته اندر ڪنڊن کان هيٺ 4 کان 5 فوٽ رستو يا فوٽ پيري نما اڏاوت آهي. قلعي جي اوڀر ۾ هڪ مک دروازو آهي، جتي چوڪيءَ لاءِ ٻه تنبو نما اڏاوتون آهن.  اتر، اولھ ۽ ڏکڻ ۾ ٽن ننڍن دروازن جانشان آهن، جن کي ‘چور دروازو’ سڏيو وڃي ٿو. انهن دروازن ۾ ڪو ڪاٺ وغيره جو در لڳل نه ٿو لڳي ان ۾ صرف نشان هئا جيڪي شايد به وقت ضرورت نڪري وڃڻ لاءِ ڪم ايندا هوندا. دليل ڪوٽ يا قلعي ۾ هر طرف کان ڪنگرا آهن. جڏهن ته قلعي جي اندر يا ٻاهر ڪن قديم عمارتن وغيره جا آثار يا يادگار نشان موجود ناهن.

بھرحال دليل ڪوٽ يا قلعو سنڌ جو اهم ورثو آهي، جيڪو سرڻي ڪوٽ، سيوهڻ جي قلعي، برھمڻ آباد ۽ ٻين اهڙن قلعن ۽ ڪوٽن جيان تباھ ٿي گمنامي ءَ جي اونداهيءَ ۾ گم ٿي رهيو آهي.

_________________

عزيز ڪنگراڻي اينٿروپولجسٽ ۽ ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button