Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: ڌنڌوڙي (آزاد نظم)

شاعر فرحان تنيو

فرحان تنيو صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ڌنڌوڙي (نظم)

تون به ڌنڌوڙي

مان به ڌنڌوڙي،

هر ماڻهو هت،

آهي ڌنڌوڙي،

صاحب ڌنڌوڙي،

نوڪر ڌنڌوڙي،

باس ڌنڌوڙي،

ورڪر ڌنڌوڙي،

ڪارڪن ڌنڌوڙي،

ليڊر ڌنڌوڙي،

صحافي ڌنڌوڙي،

ڪامورو ڌنڌوڙي،

ڪلارڪ ڌنڌوڙي،

ماستر ڌنڌوڙي،

جج ڌنڌوڙي،

وڪيل ڌنڌوڙي،

ڪيس ڪيو جنهن،

 اصيل ڌنڌوڙي،

دخل تي دڪاندار ڌنڌوڙي،

وڌندڙ هي واپار ڌنڌوڙي،

هٿ جنهن جي ڪاروبار، ڌنڌوڙي،

رسالو ۽ اخبار ڌنڌوڙي،

سيڪريٽري ۽ صلاحڪار ڌنڌوڙي،

وڏيرو، واٺو، ٻئي ڌنڌوڙي،

دنيا بس ٿي وئي ڌنڌوڙي،

ڪارائو ۽ ڪمدار ڌنڌوڙي،

داروغو، بيلدار ڌنڌوڙي،

صدر، وزيراعظم ۽

“سائين وڏي سرڪار” ڌنڌوڙي

پير ڌنڌوڙي،

مريد ڌنڌوڙي،

محبوبن جي ديد ڌنڌوڙي،

اينڪر ۽ رپورٽر ڌنڌوڙي،

ڊائريڪٽر، پروڊيوسر ڌنڌوڙي،

اخباري ايڊيٽر ڌنڌوڙي،

سڀ پيا ڪن،پيٽ لئه پنهنجي،

ٻئي ڪنهن لئه ڪو، ڪين لڇي ٿو

سچ ٽنگيل آ سوريءَ تي ۽

هر ڪو پنهنجي اگهه اگھي ٿو!

____________ 

Farhan Tunio-TheAsiaN

فرحان تنيو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button