Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

آمريڪي سامراج جنگين ذريعي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي

آمريڪا هن وقت 38 هزار ارب ڊالرن جو قرضدار بڻجي چڪو آهي، جنهن ڪري اتان جا شهري سماج دشمن پاليسين سبب ملڪ مان فرار ٿي ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن.

پاڪستان ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته هو موجودهه پرڏيهي پاليسين سبب بچي ويندو، پر خدشو آهي ته ايران بعد پاڪستان کي به جنگ جي باهه ۾ ڌڪيو ويندو.

سکر (رپورٽ: مجيد نواز مغل)

آمريڪي سامراج جنگين ذريعي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. آمريڪا هن وقت 38 هزار ارب ڊالرن جو قرضدار بڻجي چڪو آهي، جنهن ڪري اتان جا شهري سماج دشمن پاليسين سبب ملڪ مان فرار ٿي ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف چين دنيا جو سڀ کان وڏو قرض ڏيندڙ ملڪ بڻجي چڪو آهي.

مختلف اڳواڻن ۽ اديبن اهڙن خيالن جو اظهار سکر آرٽس ڪائونسل ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي زبيده گھانگھرو جي وفات تي ڪوٺايل تعزيتي تقريب ۾ ڳالھائيندي ڪيو.

هنن چيو ته پاڪستان ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته هو موجودهه پرڏيهي پاليسين سبب بچي ويندو، پر خدشو آهي ته ايران بعد پاڪستان کي به جنگ جي باهه ۾ ڌڪيو ويندو.

ھنن چيو تہ اڄوڪي دور ۾ سنڌ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي ادي زبيده گھانگھرو جهڙي بهادر ۽ مدبر عورتن جي سخت ضرورت آهي. طبقاتي جدوجهد ۽ هڪ خوبصورت معاشري جي جوڙجڪ لاءِ سڄي دنيا ۾ عورتون پاڻ ملهائي رهيون آهن. زبيده گھانگھرو جي شخصيت بي پناهه صلاحيتن جي مالڪ هئي.

“جاڳرتا فورم” جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام رسول گهمري صدارتي تقرير ۾ چيو تہ زبيده جون ترقي پسند، روشن خيال ۽ نظرياتي سياست لاءِ وڏيون قربانيون آهن. سندس والد ڪامريڊ هاشم گھانگھرو جو سمورو خاندان هن پٺتي پيل سماج جي تبديليءَ لاءِ سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتون انجام ڏيندو رهيو آهي.

زبيده گھانگھرو جي نياڻي شهناز منگي ڏکاري انداز ۾ پنهنجي ماءُ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته: سنڌ اندر رڳو ٻه-ٽي خاندان اهڙا آهن جيڪي نظرياتي طور تي اڄوڪي مدي خارج سماج کان باغي رهيا آهن. انهن وٽ مظلوم ۽ پورهيت طبقي جي حقن جي حاصلات هر مفاد کان مٿانهين رهي آهي.

خاص مهمانن طور ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي، نامياري شاعر ادل سومري، پورهيت اڳواڻ گلشير شر، مير منور ٽالپر، ارشاد پيرزادي، مالڪ کوسي، ذبيح الله جتوئي، فيض سومري، ممتاز منگي ايڊوڪيٽ ۽ الاهي بخش ميتلي خطاب ڪيو.

مقررن ادي زبيده جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته کيس علاج دوران ڊاڪٽرن ۽ عملي جي نااهلي ۽ غفلت سبب موت جو منهن ڏسڻو پيو. انهن مغرور ڊاڪٽرن جي رويي سبب هي هڪ “سياسي قتل” آهي، جنهن جي کاتي وار جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ملوث عملي کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

هنن چيو ته ڪامريڊ هاشم ۽ سندس خاندان کي عظيم ڀيٽا ڏيڻ جو رستو اهو ئي آهي ته جيڪا مشعل هنن ٻاري هئي، ان مشن کي اڳتي وڌايو وڃي. اسان کي پهرين پنهنجن خاندانن ۾ انسانيت جو شعور ۽ جدوجهد جو روح ڦوڪڻو پوندو، جنهن لاءِ ادي زبيده سڄي عمر وقف ڪري ڇڏي.

تقريب جي پڄاڻي تي جاڳرتا فورم جي ڪارڪن ۽ صحافي مجيد نواز مغل ڪجهه ٺھراءَ پيش ڪيا، جيڪي حاضرين هٿ کڻي منظور ڪيا.

گھُر ڪئي وئي تہ ادي زبيده گھانگھرو جي علاج ۾ غفلت ڪندڙ عملي خلاف اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي ۽ خاندان جي مالي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ سندس ڪنهن هڪ نياڻي کي تعليم کاتي ۾ نوڪري ڏني وڃي.

پروگرام جي شروعات ۾ ادي زبيده جي وفات تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. تقريب جي ڪارروائي جاڳرتا فورم جي سيڪريٽري سچل ڀٽي ايڊوڪيٽ هلائي.

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button