ڪارو ڪاري ۽ جرڳائي نظام خلاف سنڌياڻيون 17 آڪٽوبر تي بک هڙتال ڪنديون
حيدرآباد ۾ پريس ڪلب جي اڳيان علامتي بُک ھڙتال ڪري ڪاروڪاري، سڱ چٽيءَ سميت ھر عورت دشمن ڪڌين روايتن خلاف احتجاج ڪيو ويندو
حيدرآباد
سنڌياڻي تحريڪ ڪارو ڪاري ۽ جرڳائي نظام خلاف 17 آڪٽوبر جمعي واري ڏينهن تي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.
سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي سنڌو، مرڪزي اڳواڻ سڀاني ڏاھري ۽ ماھنور ملاح پڌرائي ڪندي چيو آهي ته موجوده جاگيرداراڻو سماج عورتن لاءِ ھڪ قاتل نظام آھي جيڪو ھر ايندڙ ڏينھن ڪيتريون ئي معصوم جانيون ڳڙڪائي رھيو آھي.

ھنن چيو تہ جرڳائي نظام جي سرڪاري سرپرستيءَ سبب سنڌ اندر عورتن جي قتل جي واقعن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ڏينھون ڏينھن واڌ ٿي رهي آهي. هڪ طرف سنڌ جي نياڻين کي سڱ چٽي ۾ ڏنو وڃي ٿو تہ ٻئي طرف زبردستيءَ جون شاديون ڪرايون وڃن ٿيون، اغوا ڪري زوريءَ مذهب تبديل ڪرايو وڃي ٿو.
ھنن چيو تہ معصوم نياڻين کي وڪرو ڪري وڏي عمر جي مردن سان شادي ڪرائي وڃي ٿي، ڪيترين ئي عورتن کي ڪاري قرار ڏيئي ذبح ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي پاسي وري عورتن کي سنگسار ڪري ۽ جنسي ڏاڍائين جو نشانو بڻائي قتل ڪيو وڃي ٿو. عورتن کي هراسان ڪرڻ ۽ تيزاب هاري سندن مستقبل داءَ تي لڳائڻ جا واقعا ھر روز وڌندا پيا وڃن ۽ گھريلو تشدد ڪري قتل ڪرڻ جي واقعن ۾ به اضافو ٿيو آھي، پر اھڙن واقعن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ حڪومت ڪا به قانوني ڪاروائي نٿي ڪري.
اڳواڻن چيو ته سنڌ جي عورتن کي ڪو به قانوني تحفظ حاصل ناھي، سنڌ حڪومت عورتن کي سماجي تحفظ مھيا ڪرڻ بدران جرڳائي نظام کي هٿي ڏئي عورتن کي قانوني ۽ آئيني حقن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بي گناهه عورتن کي قتل ڪندڙ قاتلن جو تحفظ ڪن ٿا.
هنن وڌيڪ چيو ته پي پي جيڪا جاگيردارن جي نمائنده تنظيم آھي، ان جي گذريل سترنھن سالن تي مشتمل سنڌ تي حڪمراني جي دور ھن جديد دور ۾ سنڌ اندر عورتن جي حيثيت کي انسان مان جانور ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. وڏيرن، سردارن، جاگيردارن جي سربراھي ۾ ٿيل جرڳن اندر سنڌ جي عورتن خلاف انسان دشمن فيصلا ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ مقامي انتظاميا وڏيرن جي ساٿاري بڻيل آهي. هنن چيو ته ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته عورتن جي تحفظ لاءِ نه رڳو سخت قانونسازي ڪئي وڃي پر ان قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ لاءِ اپاءَ پڻ ورتا وڃن. هنن چيو ته سنڌياڻي تحريڪ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ ۽ ملڪ ۾ جتي به عورتن کي بي دردي سان ماريو پيو وڃي ان معاملي جو سوموٽو نوٽيس وٺي لاڳاپيل ضلعن جي ايس پيز، ڊي آئي جي کي ذميوار قرار ڏئي انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ جتي به جرڳا ٿين ٿا انهن جي خبر پوليس جي اعلي عملدارن کي هوندي آهي پر هُو علائقي جي ڀوتارن ۽ سردارن جي ونگار وهندي جرڳا ڪندڙن جي خلاف ڪو به قانوني قدم ڪو نه کڻندا آهن، جڏهن ته عدالت جرڳا سسٽم غيرقانوني قرار ڏنو آهي پر بدقسمتي سان سرڪاري سرپرستي ۾ جرڳا ٿي رهيا آهن ۽ قانون ۽ آئين خلاف انسان دشمن فيصلا ڪيا وڃن ٿا (پريس رليز).
______________



