يورپ ۾ ھنگامي حالتون: ٻيلن جي باهه وڏو بحران پيدا ڪري ڇڏيو
اسپين، فرانس، اٽلي، يونان ۽ پرتگال جهڙن ملڪن ۾ وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل باھ جا ڀڀڙ هاڻي صرف ماحولياتي مسئلو ناهن رهيا، پر هڪ وڏو انساني ۽ اقتصادي ايمرجنسي وارو بحران بڻجي چڪا آهن.

مانيٽرنگ ڊيسڪ
ڏکڻ ۽ اولهه يورپ هن وقت تاريخ جِي ٻيلن جي بدترين باهه ۽ وايون بتال ڪندڙ گرميءَ جي لهر جي لپيٽ ۾ آهن. شديد گرمي پد، ڊگهي سوڪھڙي ۽ تيز هوائن جو اهو ملاپ، جنهن کي ماحولياتي ماهر “موسمياتي بم” سڏين ٿا، خطي لاءِ اڻ ڏٺل ۽ اوچتي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي. اسپين، فرانس، اٽلي، يونان ۽ پرتگال جهڙن ملڪن ۾ وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل باھ جا ڀڀڙ هاڻي صرف ماحولياتي مسئلو ناهن رهيا، پر هڪ وڏو انساني ۽ اقتصادي ايمرجنسي وارو بحران بڻجي چڪا آهن.
متاثر ٿيندڙ وڏا علائقا ۽ ايمرجنسيءَ جي صورتحال
اسپين ۽ سينٽرل يورپ
اسپين هن بحران جو مرڪز بڻيل آهي. گاديءَ جي هنڌ ميڊرڊ (Madrid)، آويلا (Ávila) ۽ ٽوليڊو (Toledo) صوبن جي آسپاس ٽن وڏين باهين پاڻ ۾ ملي هڪ ميگا فائير (Mega-fire) جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي.
اسپين ۽ فرانس مان 2,20,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻو پيو آهي، جن مان رڳو ميڊرڊ ۽ آويلا واري خطي مان 60,000 کان وڌيڪ ماڻهو لڏي ويا آهن. هلندڙ سال ئي اسپين ۾ 1,30,000 هيڪٽرن کان وڌيڪ قدرتي ٻيلا باهه جو شڪار ٿي چڪا آهن.
فرانس جي ڏکڻ-اولهه واري علائقي، خاص ڪري جيرونڊ (Gironde) ۾ هزارين هيڪٽر ايراضيءَ تي بيٺل ٻيلا سڙي رک ٿي چڪا آهن. انھيءَ خطرناڪ باهه سبب هتان جي ڏهاڪا پراڻن قدرتي ٻيلن ۽ جهنگلي حياتيءَ کي بي پناهه نقصان پهتو آهي.
ميڊيٽرينين سمنڊ جي پٽيءَ وارا ملڪ اٽلي، يونان ۽ پرتگال پڻ مسلسل باهه جي لپيٽ ۾ آهن. خشڪ هوائون چڻنگن کي ڪلوميٽرن تائين کڻي وڃن ٿيون، جنهن سان چند منٽن اندر نوان ڀڀڙ ڀڙڪي اٿن ٿا.
صورتحال جي سنگينيءَ کي ڏسندي مختلف قومي ۽ بين الاقوامي ادارا متحرڪ ٿي ويا آهن. يورپي يونين پنهنجو Civil Protection Mechanism فعال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت بين الاقوامي فائر فائٽنگ جھاز، هليڪاپٽر ۽ پروفيشنل امدادي ٽيمون متاثر علائقن ڏانهن موڪليون ويون آهن. عالمي صحت اداري ۽ ماحولياتي ادارن هن حالت کي هڪ “غير معمولي صورتحال” قرار ڏيندي زهرِيلي دونھين ۽ گرميءَ سبب عام ماڻھن جي صحت تي پوندڙ اثرن بابت الرٽ جاري ڪيو آهي.
اسپيني وزيراعظم پيڊرو سانچيز متاثرين صوبن جي صورتحال کي “دردناڪ” قرار ڏيندي چيو: “اسان سڀني کي تمام گهڻي احتياط ڪرڻ، هر وقت ايمرجنسي ٽيمن جي هدايتن تي عمل ڪرڻ ۽ هر قسم جي خطري کان بچڻ جي درخواست ڪريون ٿا.”
فرانسيسي وزير سيبسٽين ليڪورنو: هن بحران کي تاريخي قرار ڏيندي چيو ته: “اسان جي پهرين ۽ اهم ترين ترجيح واضح آهي: انسانن جون جانيون بچائڻ.”
باهه جا بنيادي سبب: موسمياتي ربديلي ۽ انتظامي لاپرواهي
باهه جي هن خطرناڪ شدت جي پٺيان صرف هڪ سبب ناهي، بلڪه اهي بنيادي عنصر شامل آهن:
موسمياتي تبديلي: عالمي گرمي پد ۾ واڌ سببن ڏکڻ يورپ جا ٻيلا سڪي بارود جي ڍير وانگر بڻجي چڪا آهن.
ٻيلن جي انتظام ۽ سار سنڀال ۾ نقص: ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته رڳو موسم کي ڏوهه ڏيڻ ڪافي ناهي. سياري جي موسمن ۾ ٻيلن جي صفائي نه ڪرڻ، فائربلاڪس (باھ کي روڪڻ وارا رستا) نہ ٺاهڻ، سڪل ڪاٺ نه هٽائڻ، ۽ گهاٽين جھاڙين کي گھٽائڻ لاءِ مال چارڻ جهڙن روايتي طريقن کي نظرانداز ڪرڻ بحران کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي.
انھيءَ صورتحال ۾ لکين ماڻهو عارضي ڪئمپن يا رليف سينٽرن ۾ رهڻ تي مجبور آهن. ٻيلن، ناياب ٻوٽن، ۽ جھنگلي جيوت کي ناقابلِ تلافي نقصان پهتو آهي. باهه مان نڪرندڙ زهرِيلو دونھون سوين ڪلوميٽرن تائين پکڙجي، ساهه جي بيمارين ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيو آهي.
يورپ جي هي تاريخي باهه دنيا لاءِ هڪ وڏو چتاءُ آهي. گڏيل قومن ۽ حڪومتن کي هاڻي روايتي فائر فائٽنگ حڪمت عملين کان هٽي اڳواٽ قدم کڻڻا پوندا، جن ۾ سياري جي موسم ۾ ئي باهه جي خطري واري مواد کي هٽائڻ ۽ قدرتي فائربلاڪس جو قائم ڪرڻ، ٻيلن ۾ مال چارڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ، جنهن سان جهنگلي باهه لاء ٻارڻ بڻجندڙ بيڪار گاه ختم ٿي وڃن ٿا.
__________________



