Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسماج

مسئلي جو حل يا مسئلي جو حصو؟ اسان ٻن انتھائن وچ ۾ ڦاٿل انسان آھيون

اسين شعوري يا لا شعوري طور تي انھن ئي مسئلن کي هٿي ڏيندا آهيون جن تي اسين پاڻ تنقيد ڪندا آهيون، پر ساڳئي وقت اسان وٽ انھن کي حل ڪرڻ جي طاقت به موجود هوندي آهي

ٻين تي آڱريون کڻڻ تمام سولو آهي، پر سڀ کان ڏکيو ڪم پاڻ کي آئينو ڏيکارڻ آهي. خود احتسابي يعني پنهنجو گهيرو ڪري پنهنجو حساب ڪرڻ، تعليم ۽ کليل بحث ذريعي ئي اسين پاڻ کي ”غير فعال شريڪِ جرم“ مان ڪڍي ”فعال سڌارڪ“ بڻائي سگهون ٿا.

تاريخ جي هر وڏي تبديلي، غلاميءَ جو خاتمو هجي يا عورتن جا حق انهن ماڻهن ذريعي آئي جن پاڻ کي بي وس سمجهڻ ڇڏي ڏنو ۽ اڳواڻ بڻجي عمل ڪيو.

عبداللّه عثمان مورائي

ذميواريءَ بابت بحثن ۾ گهڻو ڪري هڪ مشهور جملو ورجايو ويندو آهي ته: ”جيڪڏهن توهان ڪنهن مسئلي جي حل جو حصو نه آهيو ته پوءِ پڪ سان توهان مسئلي جو حصو آهيو.“ ظاهر ۾ هي جملو سادو لڳي ٿو پر حقيقي زندگي ايتري سادي ناهي هوندي. حقيقت ۾ اسين اڪثر انھن ٻنھي انتھائن جي وچ ۾ موجود هوندا آهيون. اسين شعوري يا لا شعوري طور تي انھن ئي مسئلن کي هٿي ڏيندا آهيون جن تي اسين پاڻ تنقيد ڪندا آهيون، پر ساڳئي وقت اسان وٽ انھن کي حل ڪرڻ جي طاقت به موجود هوندي آهي. موضوع ڀلي ڪرپشن هجي، ماحولياتي تباهي هجي يا سماجي ناانصافي، اسان جا روزمره جا فيصلا ئي طئہ ڪندا آهن ته اسين مسئلي جي اندر يعني ان جو حصو آهيون يا مسئلي جي حل جو حصو آهيون.

پُڇاڻي جو آئينو

ٻين تي آڱريون کڻڻ تمام سولو آهي، پر سڀ کان ڏکيو ڪم پاڻ کي آئينو ڏيکارڻ آهي. اسين سماج جي خرابين لاءِ اڪثر ڪري ”نظام،“ سياستدانن يا ادارن کي الزام ڏيندا آهيون، پر ان نظام کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي ڪردار تي سوال ناهيون اٿاريندا. جڏهن اسين ظلم تي خاموش رهندا آهيون، سهولت لاءِ بي ايمانيءَ کي برداشت ڪندا آهيون يا وسيلن کي ضايع ڪندا آهيون، تڏهن اسين انھن ئي غلط ڍانچن کي مضبوط ڪندا آهيون جن کي اسان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا.

مثال طور، ڪرپشن تي تنقيد ته هر ڪو ڪري ٿو ۽ ان کي خراب به سمجهي ٿو پر جڏهن اسين پنهنجو ذاتي ”ڪم ڪرائڻ“ لاءِ رشوت پيش ڪندا آهيون، تڏهن اسين ان بدعنوان نظام جو حصو بڻجي ويندا آهيون. اهڙي طرح، ماحولياتي پاليسين تي ڳالهائيندڙ جڏهن پلاسٽڪ جو پاڻ به تمام گهڻو استعمال ڪن ٿا، تڏهن اهي منافقت جي ان دائري ۾ اچي وڃن ٿا. هيءَ اها تڪليف ڏيندڙ حقيقت آهي ته نظام ان ڪري قائم رهن ٿا ڇو ته عام ماڻهو کين سهاري ڏيڻ لاءِ تيار هوندو آهي. تنهنڪري حل جو رستو ذاتي ذميواريءَ سان شروع ٿئي ٿو.

مسئلي جا مختلف طبقا ۽ اڻڄاڻائيءَ جو ڪردار

مسئلي جو حصو هجڻ هميشه خراب ارادي مان پيدا نٿو ٿئي، پر گهڻو ڪري اهو جهالت، عادت يا مجبوريءَ جو نتيجو هوندو آهي. سماجي اڻ برابريون، جنسي تعصب يا طبقاتي فرق اسان جي روزمره جي روين، مذاق مشڪري ۽ روايتن ذريعي اڻڄاڻائيءَ ۾ مضبوط ٿيندا آهن. اهي تبصرا جيڪي اسان کي بي ضرر لڳن ٿا، اهي اڳتي هلي قومن لاءِ صدين تائين تعصب جو ٻج بڻجي ويندا آهن. اهڙن معاملن ۾ غيرجانبداري يا خاموشي، دراصل شريڪِ جرم بڻجڻ برابر آهي. عمل جي غير موجودگي ئي ظلم کي وڌڻ جي اجازت ڏئي ٿي.

بهرحال، تبديليءَ لاءِ آگاهي پيدا ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي. خود احتسابي يعني پنهنجو گهيرو ڪري پنهنجو حساب ڪرڻ، تعليم ۽ کليل بحث ذريعي ئي اسين پاڻ کي ”غير فعال شريڪِ جرم“ مان ڪڍي ”فعال سڌارڪ“ بڻائي سگهون ٿا.

مسئلي جي حل جو حصو ڪيئن بڻجي؟

حل جو حصو بڻجڻ جو مطلب هميشه ڪنهن وڏي تحريڪ جي شروعات ڪرڻ ناهي، پر هي ايمانداريءَ جي ننڍڙن عملن سان شروع ٿئي ٿو. جڏهن فرد، سهولت جي بدران ايمانداري ۽ تعصب جي بدران انصاف کي چونڊيندا آهن تڏهن سماج جو اخلاقي ماحول بدلجڻ شروع ٿيندو آهي. اسڪولن ۾ غير ضروري روايتي سوچن کي چئلينج ڪرڻ، ڪم جي جڳهن تي غير اخلاقي عملن خلاف آواز اٿارڻ ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ همدرديءَ جو اظهار ڪرڻ ئي اصل اجتماعي ڀلائي آهي.

سماج ۾ ٻين جي غلطين جي سڃاڻپ سولي آهي پر پنهنجي اندر موجود خرابين کي مڃڻ ۽ تسليم ڪرڻ لاءِ همت گهرجي. جڏهن اسين پنهنجي غلطين کي سڃاڻي کين سڌارڻ جي ڪوشش ڪنداسين تڏهن ئي حقيقي ترقيءَ جو خواب ساڀيان ٿيندو.

اجتماعي ذميواري ۽ نظامي تبديلي

حقيقت ۾ رڳو ذاتي ذميواري ڪافي ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي مسئلا ساختي يا انتظامي آهن جن جو تعلق قانون ۽ حڪمرانيءَ سان آهي. پر نظامي تبديلي به فردن جي اخلاقي توانائيءَ کانسواءِ ناممڪن آهي. قانون سماجي مطالبن ۽ عوامي دٻاءُ مان جنم وٺندا آهن. جڏهن ماڻهن جي وڏي اڪثريت ظلم برداشت ڪرڻ کان انڪار ڪندي آهي تڏهن ئي پاليسيون بدلجنديون آهن. ماحولياتي تبديليءَ کان وٺي انساني حقن جي تحريڪن تائين تاريخ شاهد آهي ته اجتماعي آگاهي هميشه انفرادي جاڳرتا کان شروع ٿي آهي.

ذاتي سوچ جي اهميت

اسان جي سوچ ئي طئہ ڪري ٿي ته اسين پاڻ کي بي وس مظلوم سمجهون ٿا يا فعال مددگار. هڪ شهري يا ته گهٽي ۾ گندگي ڏسي حڪومت کي بددعا ڏئي سگهي ٿو يا وري پاڻ جهڪي ان کي کڻڻ جي همت ڪري سگهي ٿو. هڪ استاد يا ته شاگردن جي بي دلچسپي تي افسوس ڪري سگهي ٿو يا وري پنهنجي پڙهائڻ جو طريقو بدلائي سگهي ٿو. فرق حالتن ۾ نه پر سوچ ۾ آهي. جڏهن اسين پاڻ کي ذميوار سمجهون ٿا تڏهن اسان جا ننڍڙا عمل به معنيٰ اختيار ڪن ٿا.

تاريخ جي هر وڏي تبديلي، غلاميءَ جو خاتمو هجي يا عورتن جا حق انهن ماڻهن ذريعي آئي جن پاڻ کي بي وس سمجهڻ ڇڏي ڏنو ۽ اڳواڻ بڻجي عمل ڪيو. حقيقي اخلاقي قيادت سياسي عهدن ۾ ناهي پر اها والدين جي ٻارن کي ايمانداري سيکارڻ، هڪ دڪاندار جي سچائي ۽ هڪ صحافي جي ايمانداريءَ ۾ موجود آهي.

هڪ اندروني چونڊ

حاصل مقصد ته مسئلي ۽ ان جي حل جي وچ واري لڪير نظامن يا سماجن مان نه پر هر انسان جي دل مان گذري ٿي. اسين يا ته پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ تباهيءَ جا خاموش شاهد بڻجي سگهون ٿا يا وري ان جي بحاليءَ ۾ حصو وٺي سگهون ٿا. حل جو حصو بڻجڻ ڪو نعرو ناهي پر هي شعور، همت ۽ همدرديءَ سان زندگي گذارڻ جو نالو آهي.

هر لمحو ۽ گهڙي اسان کي اها چونڊ پيش ڪري ٿي ته اسين دنيا جي مسئلن جي وزن ۾ واڌارو ڪريون يا پنهنجي عملن سان ان وزن کي ٿورو گهٽائي هلڪو ڪريون. اچو ته نئين سال 2026ع جي شروع ۾ پاڻ کان اهو سوال ڪريون ته جڏهن تاريخ اسان کي ياد ڪندي ته ڇا اسان جو نالو مسئلي جو حصو بڻجي رهجي ويندو يا اسان کي ان جي حل جي حصي طور سڃاتو ويندو؟

_____________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button