سنڌي ساھت جو ستارو: ڀڳوان نردوش ورھاڱي وقت مائٽن کان وڇڙي ويو ھو
اُڻويھ ڪتابن جو خالق ڀڳوان نردوش 5 آگسٽ 2025 تي احمدآباد گجرات ۾ 84 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس ويھون ڪتاب ”ڀڳوان نردوش جا 100 غزل“ ڇپائيءَ ھيٺ آھي
نوشھري فيروز جي ڳوٺ دريا خان مريءَ ۾ 1940 ۾ جنم وٺندڙ ڀڳوان نردوش پنھنجي ڀيڻ سمت ڀرتپور ريلوي اسٽيشن تي مائٽن کان وڇڙي ويو ھو. شروع ۾ ھُو ڀيمن گمراھ جي نالي سان لکندو ھو
نصير اعجاز
سال 1947 جي آگسٽ ۾ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي وقت ساھتي پرڳڻي ۾ تعلقي نوشھري فيروز جي ڳوٺ دريا خان مريءَ جي گھٽين ۾ پاڻ جيڏن سان راند روند ڪندڙ ننڍڙي معصوم ٻار ڀيمنداس کي ايتري سمجھه ھئي ته سندس امڙ تِيجل ٻائي، اَبَو ڪمون مل ھوتچنداڻي ۽ ٻيا مِٽ مائٽ تڙ تڪڙ ۾ پنھنجا گھرگھاٽ ڇڏي ڪيڏانھن وڃي رھيا آھن پر اھو سڀ ڪجھه ڇو ٿي رھيو آھي، اھو سمجھڻ جي سندس ڄمار ئي نه ھئي. ھن ته بس سڀني جي مُھانڊن تي خوف ۽ ھراس ڇانيل ڏٺو. ھڪ ڏينھن مِٽن مائٽن جو اھو قافلو ريل گاڏيءَ ۾ چڙھي پيو ھو. سندن رُخُ ھندستان جي رياست راجسٿان ڏانھن ھو پر منزل ڪھڙي ھئي، کين به پوري ڄاڻ ڪانه ھئي. ريلوي اسٽيشن تي وڏي ڀِيڙ ھئي ۽ ريل گاڏي به لڏپلاڻ ڪندڙ سنڌين سان سٿيل ھئي. جنھن کي جٿي جاءِ ملي چڙھي پيو ھو ۽ ھڪ ئي ڪٽنب کي به خبر ڪانه ٿي پئي ته ڪھڙو ڀاتي ڪٿي آھي. ريل گاڏي جڏھن راجسٿان جي ڀَرتپور اسٽيشن تي پھتي ته ڀيمنداس ۽ سندس ڀيڻ پنھنجي امڙ اَبَي کان ايئن وڇڙي ويا جيئن ڪي پکي ولر کان وڇڙي وڃن. سندن ٻُڍڙي ڏاڏي به کانئن وڇڙي پنھنجي ڏيرن سان گڏ وڃي اندور پھتي ته ڏاڏو وري بڙوده وڃي پھتو. بي وطن ۽ بي گھر ٿيل ھن ڪٽنب کي نئين ملڪ نئين ڌرتيءَ تي آباد ٿيڻ کان وڌيڪ پنھنجي پيارن کي ڳولڻ جو اُونو ھو جنھن ۾ کين ٽي چار مھينا لڳي ويا ۽ نيٺ جڏھن پاڻ ۾ مليا ته ھنن ھميشه لاءِ بڙوده (موجوده وِدودرا) ۾ آباد ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

کيئل مائيءَ جي تعمير ڪرايل تاريخي مندر ۽ مُناري جي ڪري مشھور ھن ننڍڙي شھر دريا خان مريءَ ۾ گيھه جو واپار ڪندڙ ڪمون مل ھوتچنداڻيءَ جي خوشحال ڪُٽنب جي حياتي جلاوطنيءَ ۾ ڏاڍي ڏُکي گذرڻ لڳي ھئي. پناھگير ڪئمپ ۾ رھندي ھنن پنھنجي جياپي لاءِ ھٿ پير ھنيا ۽ نيٺ کير ۽ ڏھيءَ جو دُڪان کوليائون پر سندن مالي حالت ڪانه سُڌري جو ڪمائي گھٽ ۽ سندن ڪُٽنب جا ڀاتي وڌيڪ ھئا، جن ۾ ڀيمنداس، سندس ٻه ٻيا ڀائر ۽ ھڪ ڀيڻ شامل ھئا.
ڀيمنداس کي پڙھائيءَ جو شوق ھو تنھنڪري ڏکين حالتن ھوندي به پڙھندو رھيو. مائٽن شروع ۾ کيس مرھٽي اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي ھن نرسري ۽ پرائمريءَ جا ڪجھ سال پڙھائي ڪئي ۽ جڏھن وارسيا ڪئمپ ۾ سنڌي اسڪول کُليو ته اُتي پڙھڻ لڳو. اڳتي ھلي ھُن بڙودا جي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ ڀوپال مان بي ايڊ ڪري اسڪول ۾ پڙھائڻ لڳو ۽ سڄي حياتي تعليم جي شعبي کي ارپي ڇڏيائين.
ورھاڱي، پنھنجي ڌرتيءَ تان بيدخل ٿيڻ ۽ حياتي گذارڻ لاءِ ڪشالا ڪڍڻ وارو درد ۽ پِيڙا ڀوڳيندڙ ڀيمنداس ھوتچنداڻيءَ جو لاڙو شاعري ۽ ادب جي ٻين صنفن ڏانھن ٿي ويو ھو ۽ مئٽرڪ ۾ ھوندي ئي ھُن شاعري شروع ڪري ڇڏي ھئي. سندس پھريون گيت ھو ”وطن جي آن رکڻي آھي، وطن جي آن رکنداسين.“

ادب ڏانھن لاڙو ٿيس ته ادبي گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيڻ لڳو ۽ ارجن حاسد ۽ ٻين ناليوارن اديبن جو ساٿ مليس. اھو ئي ڀيمنداس ڪُمون مل اڳتي ھلي ادب جي دنيا ۾ ڀڳوان نردوش جي نالي سان مشھور ٿيو.
سال 2019 ۾ مون جڏھن ھندستان ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جي سنڌين جي ڳولا شروع ڪئي تہ ڀڳوان نردوش بابت معلوم ٿيو. وڏي ڄمار ۽ طبيعت صحيح نہ ھجڻ سبب ساڻس فون تي تہ ڳالھ ٻولھ نہ ٿي سگھي پر سندس نياڻي ھِينا اڳناڻي، جيڪا پاڻ بہ پنھنجي پِتا جي رنگ ۾ رنگجي ناليواري شاعرہ، ليکڪہ ۽ براڊڪاسٽر بڻجي چُڪي آھي، تنھن سان کوڙ وقت ڳالھ ٻولھ ٿي ھئي.

تازو ئي 5 آگسٽ 2025 تي ڀڳوان نردوش پنھنجي حياتيءَ جو سفر پورو ڪري ابدي ننڊ سُمھي پيوتہ مون ھِينا اڳناڻيءَ سان وري رابطو ڪيو. لاڏاڻي وقت ڀڳوان نردوش جي عمر 84 ورھيہ ھئي. ھِينا ٻُڌايو تہ سندس پِتا جا 19 ڪتاب شائع ٿيل آھن جن ۾ شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊ ڪئي چانڊاڻ“ (1974)، ٻاراڻيون ڪھاڻيون ”گُل گُلاب جا“ (1975)، ٻاراڻيون ڪھاڻيون ”سوني مڇي“ (1976)، ٻارن جي شاعري ”رنگ برنگي ڦوڪڻا“ (1978)، تنقيدي مضمون ”مُون جي مَيا موتي“ (1989)، شاعري ”آءُ ته اوريون حال“ (1990)، سوانح حيات ”نام ڪٺيا ناٽڪ نويس“ (1991)، سوانح ۽ ادبي تنقيد ”ھري دلگير _ ھڪ اڀياس“ (1993)، شاعري ”سُر سُريلا ساز جا“ (1994)، سنڌي ڪھاڻين جو گجراتيءَ ۾ ترجمو ”سنگھرش“ (1995)، ٻاراڻا گيت ”رم جھم رم جھم“ (1995)، واسديو نرمل جي ڪتاب ”امان توکي خبر آھي“ جو گجراتيءَ ۾ ترجمو ”ٻاتو ڄاڻي ڇا“ (1996)، غزلن جو ڳُٽڪو ”سُک جا پاڇا“، شاعري ”سُرھا سُرھا سُواس“ (1996)، ”غزلن جي گونج“ ۽ ”ميڙيا جي مون موتي“ شامل آھن. سندس ڪيترائي ڪتاب گجرات جي درسي ڪتابن طور به پڙھايا وڃن ٿا.
ھن وقت سندن ويھون ڪتاب ”ڀڳوان نردوش جا 100 غزل“ ڇپائيءَ ھيٺ آھي، ھِينا ٻُڌايو.
ڀڳوان نردوش جي ادبي خدمتن جي مڃتا عيوض کين مختلف ادارن پاران ٻارھن کان وڌيڪ ايوارڊ ملي چُڪا جن ۾ گجرات سنڌي ساھت اڪئڊميءَ جا پنج ايوارڊ به شامل آھن. سال 1993 ۾ دھليءَ جي مرڪزي سرڪار پاران به کين قومي سطح جو ايوارڊ ڏنو ويو ھو. ڀڳوان نردوش گجرات سنڌي ساھت اڪئڊميءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو به ڪافي ورھيه ميمبر رھيو جڏھن ته آل انڊيا سطح جي مشاعرن، ادبي سيمينارن، آل انڊيا ريڊيو احمد آباد ۽ دھليءَ جي ادبي پروگرامن ۾ به شريڪ ٿيندو رھيو.
ڀڳوان نردوش جون ادبي خدمتون اتي ئي ختم نٿيون ٿين. ھن نه رُڳو ”سنڌي احوال“ رسالي ۾ ڪالم لکيا پر پاڻ ”سجني سنڌ“ ادبي رسالي جو ڏھه سالن تائين ايڊيٽر به رھيو ۽ ھڪ ٻئي ادبي رسالي ”نذرانو“ جي ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين. ڀڳوان نردوش کوڙ ورھين کان ھنسول، احمدآباد ۾ رھندو ھو.

ڀيمنداس جو جنم ته 13 آڪٽوبر 1940 تي ٿيو ھو پر ورھاڱي ۽ لڏپلاڻ سبب عمر چڙھي وڃڻ ڪري سندس والد ھندستان جي اسڪول ۾ جنم جو سال 1942 لکرائي ڇڏيو ھئس.
ھند ۾سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جو نالو روشن ڪندڙ ھن ستاري جي شخصيت ۽ ادبي سفر بابت سندس نياڻيءَ ھِينا ھير اڳناڻيءَ ھيءَ ڄاڻ ڏني. ”شروع ۾ ته بابا پنھنجو تخلص ”گمراھ“ رکيو ۽ ڀيمن گمراھه جي نالي سان لکڻ لڳو پر اسڪول جي پرنسيپال کيس تخلص مٽائڻ جي صلاح ڏني ڇو ته سندس خيال ۾ ”گمراھ“ اکر شاگردن تي به سٺو تاثر نه ڇڏي ھا. جيئن ته بابا جو سڀاءُ سرل، سُٺو ۽ معصوم ھو تنھنڪري سڀني جي راءِ سان تخلص ڦيرائي ڀڳوان نردوش رکيو ويو“، ھِينا واٽس ايپ تي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ھو.
ھِينا ھِير جي سنڌي ڪھاڻين جو ھڪ ڪتاب ”ڪاري چيخ“ تڏھن ئي (2019) گجرات جي سنڌي اڪئڊميءَ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو ھو. ھِينا، جنھن جو ساھتي شھر ڀريا جي اڳناڻي گھراڻي ۾ شاديءَ کان اڳ وارو خانداني نالو ريکا ھوتچنداڻي آھي، 12 سيپٽمبر 1972 تي جنم ورتو، ۽ پنھنجي والد جي ادبي سرگرمين کان متاثر ٿي پاڻ به ادب جي دنيا ۾ لھي پئي. پاڻ سائنس گريجوئيٽ ھجڻ باوجود بمبئي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيائين ۽ سال 2005 کان آل انڊيا ريڊيو ۽ آڪاشواڻي احمدآباد تي سنڌي ٽرانسليٽر ۽ نيوز ريڊر طور ڪم ڪرڻ سان گڏ سنڌي ٽي وي چينل تي به پروگرام ڪري رھي آھي جن ۾ عورتن ۽ ٻين شخصيتن جا انٽرويو پيش ڪيا ويندا آھن. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ به سندس ليک ڇپجندا رھن ٿا. ھيل تائين اڌ ڊزن کن ڪتاب ڇپجي چُڪا آھن جن ۾ ھڪ اسٽيج ناٽڪ، ڪھاڻين جو مجموعو ”جگا جاسوس“، شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”ڇم ڇم“ ۽ ”شبنم موتي“ شامل آھن. عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ھِينا ھير ماضيءِ ۾ ڪجھه سنڌي فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪم ڪري چُڪي آھي.
________________
ھيءُ ليک 2019 ۾ ڪاوش ميگزين ۾ شائع ٿيو ھو جنھن ۾ وڌيڪ معلومات شامل ڪري ٻيھر شائع ڪري رھيا آھيون
Well written and important information giver article.