Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياوڻج واپار

ٽياڪڙيءَ جو فائدو: پاڪستان وچ ايشيا لاءِ ايران رستي نئون واپاري لنگھ کولي ڇڏيو

اسلام آباد پاران گهرا لاڳاپن جي وچ ۾ ايران جي رستي ازبڪستان ڏانهن پهرين برآمدي کيپ رواني. نئين ‘پاڪ-ايران ٽرانزٽ ڪوريڊور’ کي باقاعده فعال ڪرڻ لاءِ جمعي ڏينهن ڄميل گوشت (frozen meat) تي ٻڌل پهرين کيپ تاشقند، ازبڪستان ڏانهن رواني ڪئي وئي

عامر لطيف

ڪراچي: پاڪستان ايران جي رستي هڪ نئون واپاري رستو شروع ڪري ڏنو آهي. ماهر هن اڳڀرائي کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر ٿيندڙ لاڳاپن ۽ وچ اوڀر ۾ جاري جهڙي کي روڪڻ لاءِ اسلام آباد پاران ڪيل ڪامياب ثالثي سان جوڙي رهيا آهن.

ان نئين ‘پاڪ-ايران ٽرانزٽ ڪوريڊور’ کي باقاعده فعال ڪرڻ لاءِ جمعي ڏينهن منجمد گوشت (frozen meat) تي ٻڌل پهرين کيپ تاشقند، ازبڪستان ڏانهن رواني ڪئي وئي. هن انتظام تحت، پاڪستاني سامان گوادر بندرگاهه (جيڪو چين پاڪستان اقتصادي راهداري ‘سي پيڪ’ جو حصو آهي) تان کڻي ايران جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچايو ويندو.

اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر منور حسين پنهور جو چوڻ آهي ته، “هي ڪوريڊور اسلام آباد ۽ تهران جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن جو نتيجو لڳي ٿو.” هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال جُون مھيني  ۾ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ 12 ڏينهن واري جنگ دوران پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سميت عالمي فورمن تي ايران جي حمايت ڪئي، جنهن سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مدد ملي.

پروفيسر پنهور چيو ته “وچ اوڀر جي تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ثالثي ڪوششن ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو آندو آهي.” هي قدم پاڪستان پاران برآمدي قاعدن ۾ تازي نرميءَ کانپوءِ کنيو ويو آهي، جنهن تحت هاڻي کاڌ خوراڪ، دوائون ۽ خيما ايران جي رستي وچ ايشيا ڏانهن موڪلي سگهجن ٿا.

ايٽمي قوت رکندڙ پاڪستان، ترڪي، چين، سعودي عرب ۽ مصر سان گڏجي، گذريل هفتي واشنگٽن ۽ ايران جي وچ ۾ ٻن هفتن جي سيز فائر (جنگ بندي) ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي. اها اڳڀرائي ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي 39 ڏينهن کانپوءِ سامهون آئي آهي. اسلام آباد ڇنڇر ڏينهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جي ميزباني پڻ ڪئي، جيڪي جيتوڻيڪ ڪنهن حتمي معاهدي کانسواءِ ختم ٿيون، پر ايران جي ايٽمي پروگرام کان علاوه ٻين ڪيترن ئي نقطن تي اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي.

چين لاءِ ان ۾ ڇا آهي؟

پروفيسر پنهور موجب، چين پڻ هن معاملي ۾ هڪ اهم ڪردار آهي. “چين، جنهن ايران تي زور ڀريو هو، اهو چاهي ٿو ته سي پيڪ (CPEC) جو رابطو وچ ايشيا سان ٿئي، ۽ هي ڪوريڊور ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. مونکي پڪ آهي ته آمريڪا به ان سلسلي ۾ راضي آهي.”

64 ارب ڊالرن جو سي پيڪ منصوبو اتر-اولهه چين کي پاڪستان جي گوادر بندرگاهه سان رستن، ريلوي ۽ پائپ لائنن ذريعي ڳنڍي ٿو، جيڪو وچ اوڀر، وچ ايشيا ۽ آفريڪا تائين پهچ جو رستو فراهم ڪري ٿو. پاڪستان جي پاڙيسري ۽ روايتي حريف ملڪ ڀارت کي، جنهن جا ايران سان ڪنهن دور ۾ گهرا لاڳاپا هئا، هن نئين پاڪ-ايران ٽرانزٽ ڪوريڊور کان ٻاهر رکيو ويو آهي.

2016 جو چابهار بندرگاهه معاهدو

2016 ۾ ايران، هندستان ۽ افغانستان ايران جي ڏکڻ-اوڀر ساحل تي چابهار بندرگاهه کي ترقي ڏيڻ لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. هي بندرگاهه هندستان جي وڏي سيڙپ سان تيار ڪيو ويو هو ته جيئن پاڪستان کي باءِ پاس ڪري افغانستان ۽ وچ ايشيا تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي.

پر آمريڪي پابندين ۽ اپريل 2026 جي آخري تاريخ ويجهو اچڻ سبب هندستان پنهنجي شموليت گهٽائي ڇڏي آهي. هندستان 120 ملين ڊالر منتقل ڪري پنهنجي مالي ذميواري تان هٿ کڻي ورتو آهي، ۽ ‘انڊيا پورٽس گلوبل ليميٽڊ’ (IPGL) جي ڪيترن ئي آفيسرن آمريڪي ڏنڊن کان بچڻ لاءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ٻئي طرف، پاڪستان هندستان جي ڇڏيل هن واپاري خال مان فائدو حاصل ڪيو آهي.

وچ ايشيا ( افغانستان سميت) سان پاڪستان جي واپار ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي، جيڪو 2024 ۾ 1.92 ارب ڊالر هو پر 2025 ۾ وڌي 2.41 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو جنهن ۾ 1.77 ارب ڊالرن جون برآمدات ۽ 641 ملين ڊالرن جي درآمدات شامل آهن.

__________________

عامر لطيف سينئي صحافي ۽ ترڪيءَ جي خابرو اداري انادولُو ايجنسيءَ جو عيوضي آھي  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button