Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

سنڌ جي صوفي يونيورسٽيءَ ۾ ميگا اسڪينڊل! خانداني راڄ، ميرٽ جو قتل، مالي بيقاعدگيون

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي نالي تي قائم صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاھ  هن وقت سخت اندروني تڪرارن ۽ مالي بي ضابطگين جي سنگين الزامن هيٺ آيل آهي

ڀٽ شاھ

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي نالي تي قائم صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاھ  هن وقت سخت اندروني تڪرارن ۽ مالي بي ضابطگين جي سنگين الزامن هيٺ آيل آهي. انھن الزامن موجب يونيورسٽيءَ جي انتظاميا کي هڪ مخصوص خاندان ۽ ان جي سهولتڪارن جي ناجائز قبضي هيٺ آندو ويو آهي، جتي ميرٽ ۽ قانون جي کلئي عام ڀڃڪڙي  ڪئي وڃي ٿي.

صوفي يونيورسٽي بچايو ايڪشن ڪاميٽيءَ جي ڪنوينر رشيد ڏيٿي موجب  پروجيڪٽ ڊائريڪٽر فهيم سومري جي نگرانيءَ هيٺ هڪ پروجيڪٽ تي هڪ ارب رپين جي وڏي رقم ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته اصل ڪم جي ماليت ان جي برابر به نه آهي، جنهن تي وڏا سوال اٿاريا ويا آهن.

  چيو پيو وڃي ته هي سموري مالي هٿ چراند اعليٰ عملدارن جهڙوڪ سڪندر مصطفيٰ جروار ۽ ارشد سليم آرائين کي ذاتي سهولتون ۽ خوش ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪئي وئي، جن جا دستاويزي ثبوت ايڪشن ڪميٽيءَ وٽ موجود آھن. ڪميٽيءَ جي الزامن  ۾ هڪ اهم عملدار لاءِ فليٽ خريد ڪرڻ جي دعويٰ به شامل آهي.

ايڪشن ڪميٽيءَ اھو بہ الزام ھنيو آھي تہ ڀرتيءَ جي عمل ۾ ميرٽ کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي، ۽ اهم عهدن تي خاندان جي ميمبرن يا وفادارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. مثال طور پروڪيورمينٽ آفيسر  جهانگير مصطفيٰ جروار، سڪندر مصطفيٰ جروار جو پٽ. خريداري جهڙي اهم عهدي تي خاندان جو ميمبر ويهارڻ اخلاقي ۽ قانوني اصولن جي سراسر خلاف ورزي آهي . اسٽور انچارج وقاص شاهه  بنا مناسب تجربي جي عهدي تي فائز ڪيو ويو . اسٽور ڪلارڪ  عظمت  بنا ڪنهن درخواست يا ميرٽ جي سڌو ڀرتي ڪيو پيو. اھڙي طرح  ٻين اهم کاتن جھڙوڪ  ٽرانسپورٽ ۽ اڪائونٽس ۾ سڪندر مصطفيٰ جروار جي ڀائرن ۽ مائٽن کي مقرر ڪري، مالي نظام تي خانداني قبضو ڪيو ويو آهي.

ايڪشن ڪميٽيءَ وارن الزام ھنيو تہ هي سڄي ڀرتي ارشاد سليم جروار ۽ فهيم سومري جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي ته جيئن سندن هٿ مضبوط ٿين ۽ علائقي جي لائق ماڻهن لاءِ اداري جا دروازا بند ٿي وڃن.

ڳالھ رُڳو اتي ئي ختم ڪانہ ٿي. ھڪ ٽيچر جويريا ميمڻ کي بنا ڪنهن شوڪاز نوٽيس جي نوڪري مان ڪڍي ويو. علي گل بگٽي، سڪندر مصطفي جروار ۽ ارشد سليم آرائين  پنھنجون آفيسون ڇڏي شاگردياڻين جي فيڪلٽيءَ ۾ ويھن ٿا جنھن مان  سندن سوچ جي عڪاسي ٿئي ٿي.

  ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻ چيو تہ يونيورسٽي کي خاندان جي جاگير بنائڻ ۽ ڪرپشن جي انهن سنگين الزامن خلاف جلد ئي عدالتي پٽيشن داخل ڪرائڻ ۽ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تہ جيئن هن  اداري کي تباهي کان بچائي سگهجي.

صوفي يونيورسٽي بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر رشيد ڏيٿي ۽ سردار اياز ميمڻ، مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي سينئر نائب صدر سيد شاه محمد شاه سان بہ ملاقات ڪئي.

  ملاقات جو مقصد کيس صوفي يونيورسٽي جي تباهي ۽ بربادي بابت آگاهي ڏيڻ هو. ڪاميٽي جي اڳواڻن سيد شاه محمد شاه کي سمورا تفصيل ٻُڌايا. ھنن آل پارٽيز ڪانفرنس بہ سڏائڻ جو اعلان ڪيو ۽ سيد شاه محمد شاه کي ان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

سيد شاه محمد شاه ملاقات دوران يونيورسٽي جي موجوده صورتحال تي سخت رد عمل ڏنو.   هن چيو ته سنڌ صوفين جو ديس آهي ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائي جي نگري ڀٽ شاهه ۾ قائم ٿيل صوفي يونيورسٽي ۾ ٿيل ڪرپشن انتهائي ڏکوئيندڙ آهي.

  هن سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه، ۽  صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو کي اپيل ڪئي ته هو هن معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ يونيورسٽي جي تباهي ۽ ڪرپشن جي جاچ پڙتال ڪرائن.

 سيد شاه محمد شاه مطالبو ڪيو ته شاه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه ڀرسان جيڪي زمينون پيون آهن ۽ جيڪا زمين مير صاحب ڊونيٽ ڪئي آھي  اتي سٺي بلڊنگ ٺاهي وڃي. ان سان گڏ، يونيورسٽي لاءِ ميرٽ جي بنياد تي هڪ سٺو وائيس چانسلر ۽ اسٽاف مقرر ڪيو وڃي، ڇو ته موجوده عملدار ۽ اسٽاف ناڪاره آهن ۽ يونيورسٽي جي تباهي جا ذميوار آهن.

  سيد شاه محمد شاه اعلان ڪيو ته هو وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري صوفي يونيورسٽي لاءِ هڪ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرائيندو، ڇاڪاڻ ته لطيف جي نگري ۾ علم دشمن ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي ھڪ پڌرائيءَ ۾ ايڪشن ڪميٽيءَ چيو تہ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ بہ صوفي يونيورسٽيءَ ۾ مٿي ڄاڻايل بيقاعدگين ۽ مالي ڪرپشن جي ٻين ڪيسن ۾ جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي. انھيءَ ڏس ۾ عامر ڪبريا ۽ محمد زاھد کوسي جا بيان تڪارڊ ڪيا ويا آھن. ھنن گاڏين جي غلط استعمال، ٻہ ارب رڦين کان وڌيڪ ماليت جي گھوٻين ۽ ٻين الزامن جي حوالي سان بيان رڪارڊ ڪرايا آھن. (پريس رليز)

__________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button