خيمن جو شهر ۽ پرڏيهي خيرات: 20 لک فلسطيني پنھنجي ڌرتيءَ تي پناهگير
غازہ جو ستر سيڪڙو علائقو اسرائيل جي قبضي ۾. ٽيھ سيڪرو پٽيءَ تي خيمن جو شھر. عارضي بفر زون پڪن فوجي اڏن ۾ بدلجڻ لڳو. غازه تي اسرائيل جي مستقل قبضي جا اهڃاڻ.

لنڊن مان ٽام آرمس لکي ٿو
سڄي دنيا جي نظر هن وقت ايران، لبنان ۽ هرمز واري لنگهه تي کتل آهي، جنھن ڪري غازه جو معاملو خاموشيءَ سان اخبارن جي مکيه سرخين مان غائب ٿي چڪو آهي. اها هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته هي علائقو هڪ اهڙي خطرناڪ صورتحال ڏانهن وڌي رهيو آهي جتان واپسيءَ جو ڪو دڳ نظر نٿو اچي.
وقت بہ وقت ٿيندڙ معمولي فائرنگ کي ڇڏي، حماس ۽ اسرائيلي فوج وچ ۾ وڏي پيماني تي هلندڙ ويڙهاند هاڻي بيهي چڪي آهي. پر جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، سا ڪا امن واري ناهي، بلڪه هڪ اهڙو ماحول آهي جنهن جي پٺيان بيوسي ۽ هڪٻئي تي انتهائي بي اعتمادي ڇانيل آهي. ان ئي بي اعتماديءَ گذريل سَرءَ جي مند ۾ جوڙيل امن منصوبي تي اڳڀرائيءَ جا سڀ رستا روڪي ڇڏيا آهن.
اسرائيلي فوج اڃا تائين غازه جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصي تي قابض آهي ۽ بنيامين نتنياهو جا کين اها پٽي وڌائي 70 سيڪڙو ڪرڻ جا حڪم مليل آهن. ٻئي طرف، غازه جا ويهه لک مظلوم پناهگير باقي بچيل 30 سيڪڙو ساحلي پٽيءَ تي خيمن جي شهر ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. اتي بيروزگاري انتها تي آهي ۽ غازه واسي مڪمل طور تي پرڏيهي امداد جي آسري تي ڏينهن ڪاٽي رهيا آهن.
شروعات ۾ اسرائيلي قبضي کي “عارضي سيڪيورٽي بفر زون” جو نالو ڏنو ويو هو، جيڪو اڄ به ورجايو وڃي ٿو. پر نون مهينن کان پوءِ، انهن ‘عارضي’ علائقن ۾ هاڻي پڪا فوجي اڏا، پڪا رستا، نظرداريءَ جا برج، رسد جا مرڪز ۽ جنگي حڪمت عملي تحت صاف ڪيل ميدان نظر اچي رهيا آهن. اهي انتظام واضح ڪن ٿا ته هي معاملو عارضي ناهي، بلڪه هڪ مستقل فوجي قبضي جي تياري آهي.
منصوبي موجب اسرائيلي فوج کي غازه جو انتظام هڪ 20,000 فوجين تي مشتمل بين الاقوامي استحڪام فورس (ISF) حوالي ڪرڻو هو، جيڪا حماس کي مڪمل طور تي هٿيار اڇلائڻ تي مجبور ڪري ها ۽ فلسطيني پوليس جي تربيت جي نگراني ڪري ها. پر هن وقت تائين رڳو 200 آمريڪي فوجي اتي پهتا آهن، جن جو پڻ ڪو واضح ڪردار نظر نٿو اچي. بين الاقوامي فورس لاءِ ڪيترن ئي ملڪن سان رابطو ڪيو ويو آهي، پر هر ڪو ان خوف کان پوئتي هٽي رهيو آهي ته متان اهي اسرائيل ۽ حماس جي گهيري واري فائرنگ ۾ ڦاسي نه پون.
ٻئي طرف، غازه جو نظام هلائڻ لاءِ 15 فلسطيني ماهرن (ٽيڪنوڪريٽس) جي ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي، جنهن جو چيئرمين فلسطيني اٿارٽي جو اڳوڻو عملدار ڊاڪٽر علي شعث آهي، پر اها ڪميٽي اڃا تائين قاهره (مصر) مان ٻاهر ناهي نڪتي. سندس چوڻ آهي ته جيستائين غازه ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نٿي ٿئي، تيستائين هو اتي پير نه رکندو. سندن غير موجودگيءَ جو فائدو وٺندي حماس اڃا تائين اتي پنهنجي سياسي پڪڙ برقرار رکيو اچي.
ڊونالڊ ٽرمپ ڪڏهن غازه کي اربين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ سان “وچ اوڀر جو ريويرا” (هڪ خوبصورت ساحلي شهر) بڻائڻ جا خواب ڏيکاريا هئا. ان حوالي سان برطانيه جو اڳوڻو وزيراعظم ٽوني بليئر اڄڪلهه سخت مايوسيءَ واري حالت ۾ عرب ملڪن جا دورا ڪري فنڊ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر ڪا به عرب حڪومت اهڙي ماحول ۾ تعميراتي ڪمن لاءِ پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جتي اهو پڪو انديشو هجي ته اسرائيلي بمباري نون اڏاوتن کي ٻيهر ملبي جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي يا حماس وارا ان تعميراتي سامان کي پنهنجي فوجي سرنگهن جي مرمت لاءِ استعمال ڪندا.
ٽرمپ جنهن امن ۽ خوشحاليءَ جو راڳ آلاپيو هو، تنهن جو سڄو دارومدار سيڪيورٽي واري معاملي تي آهي ۽ اهو معاملو پاڻ شڪ ۽ بي اعتماديءَ جي دلدل ۾ ڦاٿل آهي.
غازه امن منصوبي جي شرطن موجب، حماس کي نه صرف هٿيار اڇلائڻا پوندا پر مستقبل ۾ غازه جي حڪومت مان پڻ هٿ کڻڻا پوندا. ان سان گڏ کين پنهنجون سموريون سرنگهون ۽ فوجي اڏا به تباهه ڪرڻا پوندا. شرط اهو هو ته جڏهن حماس وارا هٿيار اڇلائيندا، تڏهن اسرائيل ترت غازه جي وڏي حصي تان پويان هٽندو ۽ بين الاقوامي فورس جي اچڻ سان مڪمل طور تي نڪري ويندو.
پر هاڻي حماس جو چوڻ آهي ته جيستائين اسرائيلي فوج پٺتي نه هٽندي، تيستائين هو هٿيار نه اڇلائيندا. ٻئي طرف اسرائيل جو ضد آهي ته جيستائين حماس وارا هٿياربند هجڻ تان هٿ نه کڻندا، تيستائين فوجي واپسي ناممڪن آهي.
ڏٺو وڃي ته ٻنهي ڌرين جو موقف پنهنجي جاءِ تي بي بنياد ناهي. اسرائيل کي ڊپ آهي ته هٿيار اڇلائڻ کان اڳ واپسيءَ سان 7 آڪٽوبر جهڙو واقعو ٻيهر پيش اچي سگهي ٿو. جڏهن ته حماس کي انديشو آهي ته اسرائيلي فوج جي موجودگيءَ ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ پاڻ کي سياسي ۽ جسماني طور تي دشمن جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ برابر هوندو. ان کان علاوه اسرائيل جي اها تاريخ رهي آهي ته هو بين الاقوامي مخالفت جي باوجود علائقن تي قبضو برقرار رکندو آهي، جهڙوڪ اولهه ڪناري (West Bank) جو مثال سامهون آهي.
ان غير يقيني صورتحال کي وڌيڪ پيچيده ڪرڻ ۾ اتمار بن گوير ۽ بيزليل اسموٽرچ جهڙن انتهاپسند اسرائيلي وزيرن جو وڏو هٿ آهي، جيڪي غزه تي مستقل قبضي ۽ اتي ٻيهر يهودي بستيون اڏڻ جا کلم کلا حامي آهن.
هڪ ٻيو وڏو مسئلو اهو آهي ته هي امن منصوبو حماس کي سياسي طور تي بلڪل نيست و نابود ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ دنيا جي ڪا به سياسي قيادت پنهنجي اهڙي انت جو استقبال نٿي ڪري سگهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته حماس جي جيڪا به طاقت يا سياسي حيثيت آهي، سا رڳو سندس هٿيارن جي ڪري ئي آهي.
ايندڙ هفتي قبرص ۾ ٽرمپ جي جوڙيل “بورڊ آف پيس” (امن ڪميٽي) جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي. ان اجلاس ۾ 15 ميمبرن تي مشتمل فلسطيني عبوري ڪميٽي ۽ ٽوني بليئر به شريڪ ٿيندا. پر هي اجلاس به رڳو مايوسيءَ جو اظهار ثابت ٿيندو. ٽرمپ جو امن منصوبو حقيقي امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. نتيجي ۾ غازه هاڻي نه جنگ ۽ نه امن وارو هڪ اهڙو دوزخ بڻجندو پيو وڃي، جتي مستقل فوجي موجودگيون هونديون، جيڪو رڳو پرڏيهي خيرات تي پلجندو ۽ هڪٻئي جي دشمنيءَ ۾ سڙندو رهندو. جيڪڏهن ايئن ئي هليو، ته مستقبل ۾ رڳو ڪوريا جي ورهاست جو مثال ناهي ڏنو ويندو، پر غازه پڻ نسلن تائين هلندڙ هڪ اهڙو تڪرار بڻجي ويندو جيڪو ڪڏهن به ختم ٿيڻ جو ناهي.
____________

ٽام آرمز ‘لبرل ڊيموڪريٽ وائيس’ جو فارن ايڊيٽر آهي. هو “دي نيو ورلڊ” ميگزين ۾ باقاعدگي سان لکندو رهي ٿو ۽ عالمي معاملن تي ليڪچر ڏيندو آهي. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ آهي.



