خيرپور ۾ ادبي ميڙاڪو: شعري مجموعي ”تنهنجي ڦُليءَ ۾ ڪھڪشائون“ جي مھورت
ميڙاڪي ۾ مقررن چيو ته ڪتاب جي ليکڪ شاعر منظور خاموش لاشاريءَ جي شاعري محبت، سماجي احساسن ۽ ثقافتي رنگن جي خوبصورت عڪاسي ڪري ٿي

خيرپور
خيرپور ۾ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ ھڪ تقريب منعقد ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاعر منظور خاموش لاشاريءَ جي سنڌي شعري مجموعي ”تنهنجي ڦُليءَ ۾ ڪھڪشائون“ جي مهورت ڪئي وئي۔
تقريب اجرڪ آرٽ اينڊ ڪلچرل يوٿ آرگنائيزيشن خيرپور ۽ پوپٽ پبليڪيشن خيرپور جي گڏيل سهڪار سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ادبي، ثقافتي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.

صدارتي تقرير ڪندي براڊ ڪاسٽر ۽ اديب ڪوثر ٻُرڙي چيو ته ڪتاب جي اهميت ڪڏهن به ختم نٿي ٿي سگهي ۽ معياري ڪتاب هميشه مارڪيٽ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندا رهندا آهن. هن منظور خاموش لاشاري کي هڪ برجستو ۽ باصلاحيت شاعر قرار ڏيندي سندس نئين شعري مجموعي کي سنڌي ادب ۾ خوبصورت واڌارو قرار ڏنو.
انهيءَ موقعي تي اديبن، دانشورن ۽ شاعرن ڊاڪٽر ابراهيم کرل، ڊاڪٽر جاويد اختر سمون، ڊاڪٽر اعجاز سمون، قربان منگي، ضمير لاشاري، ايڊووڪيٽ منظور لاڙڪ، امر اقبال، پروفيسر خاوند ڏنو لاڙڪ، روشن شيخ، اختر کوکر، ظهور لاشاري، ساجد جمالي، ڪريم بلوچ ۽ ديدار معصوم خطاب ڪندي ڪتاب جي ادبي معيار، شاعر جي فڪري اسلوب ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ سندس خدمتن تي تفصيلي روشني وڌي۔
مقررن چيو ته منظور خاموش لاشاري جي شاعري محبت، سماجي احساسن ۽ ثقافتي رنگن جي خوبصورت عڪاسي ڪري ٿي. هن تقريب ۾ خيرپور جي سريلن نوجوان راڳي شريف عباسي ۽ سالار سنڌي گيت ڳائي محفل کي وڌيڪ پررونق ٻڻائي ڇڏيو. (پريس رليز)
_______________



