Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ادب ۾ جڏھن فڪر ۽ جمال ھڪ ٿي پَونِ  

جمال جيڪڏهن فڪر کان آزاد ٿي وڃي ته، دوکو به خوبصورت بڻجي سگهي ٿو. اھڙيءَ طرح فڪر جيڪڏهن جمال کان خالي ٿي وڃي ته، سچ به بي اثر ٿي سگهي ٿو. بهترين لکڻي اها ناهي جيڪا رڳو خوبصورت هجي، نه ئي اها جيڪا رڳو دليلن سان ڀريل هجي، وڌيڪ اثرائتي لکڻي اها آهي، جنھن ۾ حسن به هجي، حساسيت به هجي ۽ عقلي بحث به هجي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميد منگي

جماليات عربي لفظ ”جمال“ مان نڪتل آهي. جنھن جي معنيٰ، ذھن کي ڇھندڙ يا دل کي وڻندڙ ڪنھن به شئي، ڳالهه، منظر جو موجود هجڻ آھي. جڏھن ته جمالياتي علم انکي چيو وڃي ٿو، جيڪو خوبصورتي، فن ۽ ذوق جي احساسن ۽ جذبن جو مطالعو يا اظھار ڪري. ڪنھن به خوبصورت نظاري ۾ دلچسپي وٺڻ کي جمالياتي احساس، نثري ۽ شاعراڻن لفظن کي گھاڙيٽن مان گذاري، لکڻي تخليق ڪرڻ کي ادبي جماليات، مصوريءَ يا ٻين نفيس فنن جي خوبصورتين جي محسوس ڪرڻ کي فني جماليات ۽ موسيقيءَ جي سُرن مان لطف وٺڻ کي، موسيقيءَ جي جماليات چيو وڃي ٿو. مختصر لفظن ۾ جمال جي معني سونھن، جماليات جي معني سونھن جو احساس ۽ اھڙي مطالعي کي جمالياتي علم چيو ويندو آھي.

جماليات بابت فلسفي جو اھم سوال اهو آهي ته، انسان ڪنهن به شئي، ڳالهه يا نظاري کي سھڻو ڇو ٿو سمجهي؟ اهو سوال احساس، عقل، فن سان گهرو لاڳاپو رکي ٿو. ھيء پوري فطرت جنھن کي ڪجهه ماڻھو ڪائنات، ڪي وري قدرت به چوندا آھن، ان ۾ صديون اڳ اڪثر ساھوارا جھنگن ۽ غارن ۾ گڏ رھندا ھئا پر، وقت انھيءَ سموري وايومنڊل کي تبديل ڪري ڇڏيو. انسان پھريون ساھوارو ھئو، جنھن مستقل کاڌ خوراڪ, پاڻيءَ ۽ وجود جي بچاءَ خاطر جھنگ، بيابان، غارون ڇڏي، ٻين ساھ وارن کان ڌار ٿي، پنھنجي لاء الڳ وسنديون وسايون. انسان جڏھن پکين، جيت جڻن ۽ جانورن کان الڳ ٿي رھڻ لڳو ته، ھن ۾ کوڙ ساريون ذھني، جسماني تبديليون به پيدا ٿي پيون جنھن ۾ “محنتن” کان وٺي “محبتن” وارا عمل به شامل آهن. جيڪي ان جي اوج جو به سبب بڻيا.

ھن ٽڙيل، پکڙيل، وسيع ۽ وشال فطرت منجھ موجود ڪيئي شيون يا منظر، پنھنجي جوڀن سان ايترا ته ڀريل ڏسڻ ۾ ايندا رھيا آھن، جو ساھوارن ۾ انھن لاء ھڪ خاص قسم جي ڇڪ پيدا ٿيندي رھي آھي، اھا ڇڪ ڪڏھن ڪڏھن کانئن سوچ، سمجھ کسي، ڪنھن نه  ڪنھن شئي جو ٻڌو ٻانھون بڻائي يا سڌ ٻڌ وڃائي ڇڏيندي رھي آھي. ھر ساھ واري جو پنھنجي ابتڙ جنس وارن ۽ فطرت ۾ موجود ٻين شين سان پاڳلپڻي جي حد تائين، سڪ ۽ پيار وارو عمل صدين کان ھلندڙ آھي. اھڙو جذباتي عمل رڳو انسانن منجھ ڪونھي، پکي پکڻ، جيت جڻن ۽ جانورن ۾ به ڪثرت سان ڏٺو ويو آھي.

پاڻ ڪڏھن سوچيو آھي ته، چڪور چوڏينھن جي رات جو پڃري ۾ بند ھوندو آھي ته صبح تائين ڇو ڦٿڪندو آھي؟ يا آزاد ھوندي چنڊ ڏانھن تيسيتائين اڏام ڇو ڪندو آھي جيسين سسيءَ ۾ ساهه ھوندو اٿس؟ پتنگ، پنھنجا جيء جوکن ۾ وجھي، سڄي سڄي رات، روشنيء جي چوڌاري سڙي مرڻ تائين ڦيراٽيون ڇو پائيندا آهن؟ ڀونئر، ڀنڀوريون، پوپٽ ۽ اڏامندڙ جيت گلن ۽ ٻين سھڻن ٻوٽن کي چمڻ لاء، سڄو سڄو ڏينھن يا سج لٿي تائين چريا ڇو ھوندا آھن؟ ڪو انسان ڪنھن جي عشق ۾ انڌو ٿي، پنھنجي انت تائين ڪوششون ڇو ڪندو آھي؟ نر پنھنجي مادين لاء ۽ ماديون نرن توڙي پنھنجن ٻچن لاء مرڻ مارڻ تائين جي چريائپ جون حدون ڇو ٽپنديون آھن؟ ڌرتي، برساتن جي ڦوھارن تي ٺري ۽ ٽڙي ڇو پوندي آھي؟ ستارا، سج، چنڊ ۽ زمين سڀئي ھڪ ٻئي جي چؤگرد چڪر ڪاٽي ڪاٽي ڇو نٿا ٿڪجن؟ اصل ۾ اھو سڄو فطرت ۾ موجود ساھوارن ۽ غيرساھدار شين ۽ منظرن ۾ موجود ھڪ ٻئي لاء ڪشش وارو ڪرشمو ئي آھي.

انسان، فطرت ۾ موجود شين جا اھڙا سمورا لقاءَ ڏسي ڏسي، جڏھن عاقل يعني عقل کان واقف ٿيو ۽ انکان پوء علم حاصل ڪري عالم بڻيو ته، لکڻ جي شروعات به جمالياتي لکڻين کان ڪئي، جيڪو عمل اڄ تائين جاري رکندو پيو اچي، حالانڪي موجوده دئور ۾ ان جون مصروفيتون توڙي ضرورتون، اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻيون مٽجي چڪيون آهن پر، ان ۾ موجود حسن پرستيءَ وارو جذبو، گھٽجڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. ڀلي ته غربتن انسان کي ڪمزور ڪري وڌو آھي، بيروزگاريء جي بنياد تي کيس روز گاريون به کائڻيون پونس ٿيون، ناانصافين، بدامنين، ظلمن ۽ سهوليتن جي اڻ هوند به کيس ڪمزور ڪري وڌو آھي، مٿان معاشي اڻبرابرين کيس طبقن ۾ ورھائي زبردست نقصان به پھچايا آھن پر، پوء به ھو سونھن جي اثرن مان پنھنجي جند آجي ناھي ڪرائي سگھيو.

ھتي اھو سوال به ڪر کڻي اڀو ٿئي ٿو، ڪو به ماڻھو ھڪ ئي خوبصورتيءَ تي بيھي باقي حسن کي ڇو وساري ويھندو آھي؟ ھي اھو سوال آھي، جنھن جي جواب ۾ ھنوقت تائين نه ته ڪو پڪو پختو دليل اچي سگھيو آھي ۽ نه ئي ماڻھو اھڙي عشق جي منطق تائين پھچي سگھيا آھن. شايد ان جو ويجھڙ ۾ به ڪو جواب ممڪن نه ھجي. ڪو ماڻهو ڪنهن هڪ فن، حسن، شخصيت، نظريي يا طرزِ زندگيءَ کان ايترو ته متاثر ٿئي ٿو، جو انکي ئي ھو اڪيلو يا واحد معيار سمجهڻ لڳي ٿو کيس باقي خوبصورتيون گهٽ اهميت واريون لڳن ٿيون. جنھن جا ھونئن ته ٻيا به گھڻا ئي سبب ھوندا پر ڪجهه ھيٺ ڄاڻايل آھن، جن مان ھڪ حد کان وڌيڪ وابستگي يعني هڪ ئي شئي سان شديد جذباتي لڳاءُ. ٻيو پنهنجي پسند کي ئي بھتر سمجهڻ. ٽيون ڪنھن شئي جو عادي ٿيڻ هڪ ئي قسم جي خوبصورتيءَ کي ڏسڻ سان ٻيون سٻ صورتون گهٽ وڻڻ. چوٿون ذهن ۾ حسن جو هڪ ئي معيار ٺاهي سڀني کي انھيءَ سان ماپڻ يا ٻين قسمن جي حسن سان واقفيت ئي نه هجڻ.

هتي هڪڙي ٻئي فرق جي به نشاندھي ڪندا ٿا ھلون ته، هڪ حسن کي پسند ڪرڻ ۽ باقي خوبصورتين کي حسن ئي نه سمجهڻ وارو منطق به ھر معاشري ۾ عام ۽ جام آھي. ان بابت جمالياتي شعور اھو چوي ته، حسن جا ٻيا روپ به پنهنجي جاءِ تي پر مون کي هيءُ خوبصورتي وڌيڪ وڻي ٿي. جيئن عقل جي هڪ ئي خيال کي آخري سچ سمجهڻ سان، فڪري جمود پيدا ٿئي ٿو، تيئن ئي جمال ۾ به هڪ ئي حسن کي آخري حسن سمجهڻ سان جمالياتي جمود مضبوط ٿئي ٿو. ان جي مقابلي ۾ فڪر ۽ سوچون چون ٿا، فطرت ۾ ٻيون به خوبصورت شيون يا انکان به وڌيڪ سھڻيون صورتون موجود آهن. جڏھن جمال اھڙي ڪنھن به فڪر کي کنگھي ئي نه، ته ان کي جماليات نه پر غلاميءَ سان تشبيهه ڏئي سگھجي ٿي.

جيتوڻيڪ فڪر ۽ جماليات پاڻ ۾ لازمي طور ھڪٻئي جا مخالف ناهن پر، انھن ۾ اختلاف تڏهن پيدا ٿين ٿا، جڏهن خوبصورتين، دليلن يا سچائين کي هڪ ٻئي جي جاين تي رکيو وڃي ٿو. جمال چوي ٿو، هيءَ شئي وڻندڙ آهي. فڪر پڇي ٿو، اها وڻندڙ شئي درست، فائديمند ۽ حقيقت تي ٻڌل آهي؟ جيڪڏھن آھي ته دليلن جي مٽا سٽا ٿيڻ کپي. موٽ ۾ جڏھن جماليات وٽ ڪو دليل ناھي، ته اتي ٽڪراءَ پيدا ٿئي ٿو. جنھن کي نالو ڏبو حسن جو سچ سان مقابلو. انھيءَ حوالي سان ڪا ڳالهه تمام خوبصورت انداز ۾ لکيل هجي، پر ان ۾ حقيقت شامل ئي نه هجي ته، جمالياتي انداز ڪجھ دير لاء متاثر ڪري سگهي ٿو، پر ان جو اثر گھڻي وقت لاء نه رھندو، جڏهن موٽ ۾ فڪر ڪو ثبوت ڏيندو ته، اھڙو عمل احساس جو دليل سان مقابلو سڏرائيندو.

جمالياتي لکڻي، جڏھن جذباتن کي ڇهي ٿي، تڏھن فڪر سوال کي اهميت ڏئي ٿو، موٽ ۾ جذبو دليل کي دٻائي ٿو ته، اتي ھڪ نئون مقابلو پيدا ٿئي ٿو. جنھن کي روايتي حسن جو نئين فڪر سان مقابلو چئي سگھجي ٿو. ايئن ئي آخرڪار دلڪشيءَ جو تنقيد سان به مقابلو ٿئي ٿو، ڇو ته جمالياتي انداز ڪڏهن ڪڏھن خيال کي ايترو ته دلڪش بڻائي ٿو جو، فڪر جا پوئلڳ انھيءَ خيال تي تنقيدي سوال ڪرڻ شروع ڪن ٿا. خاصڪري جڏھن فڪر چوي ٿو خوبصورت هجڻ ڪافي ناهي، ان سان درست هجڻ جو ثبوت به گهرجي ته، اھڙيءَ حالت ۾ ٽڪراءَ وڌي ٿو، اھڙي موقعي تي ھڪ راءِ اھا به جڙي ٿي ته، خاص ڪري انھيءَ موقعي تي فڪر ۽ جمال کي وڙهڻ، بدران گڏجي هلڻ گهرجي.

جماليات، لکڻيءَ کي ڀلي خوبصورت بڻائيندي ھجي پر، ان ۾ فڪر کي به ٿورڙي جاءِ ملڻ گھرجي، جيئن فڪر به ان لکڻيءَ کي گهرائپ ڏئي سگھي، ڇو ته جڏھن جماليات “من” کي ڇهي، تڏھن فڪر به پنھنجو فرض ادا ڪري ذهنن کي جاڳائي. جڏھن جماليات انسانن ۾ احساس پيدا ڪري ٿي ته، دليل به انھيءَ احساس کي ڪنھن دڳ تي لائي سگھي. ڇوته جنھن لکڻيءَ ۾ جمال سان گڏ فڪر به ھوندو، اھا لکڻي ٻنهي جي گڏيل قوت سان وڌيڪ سگھارو ڪردار ادا ڪري سگهندي. ھتي انجو ھڪ مثال ڏجي ٿو، خوبصورتي جتي انسان کي امن پسند بڻائي ٿي، اتي فڪر سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ته امن انسان لاء ڪيترو ضروري آهي، ان لاءِ ڪيترا ۽ ڪهڙا عملي رستا اختيار ڪرڻ گهرجن.

ڪن ڏاھن جو خيال آھي، جمال ۽ فڪر جي مقابلي ۾ اڪثر ڪري فڪر ئي سوڀارو ٿيندو آهي، پر ان جو جواب ٿورو مختلف آهي، هر وقت فڪر سوڀارو نه ٿو ٿئي. ڇو ته جمال ۽ فڪر جا مقصد مختلف آهن. جمال انسان کي حسن جو احساس ڏياري ٿو، فڪر انسان کي سوال ڪرڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ ڏانهن وٺي وڃي ٿو. جمال جو اثر گهڻو ڪري احساساتي هجي ٿو ۽ فڪر جو اثر ڪي قدر حقيقت پسندي يا تنقيدي هوندو آهي. جڏهن ٻنهي ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿئي ۽ سوال به اھو هجي ته، آخر حتمي فيصلو ڪير ڪندو ته، حقيقت ۽ سچائيءَ وارن معاملن ۾ فڪر، دليل ۽ ثبوت کي اوليت ملڻ گهرجي. ڇو ته ڪنھن به شئي جو صرف سھڻو هجڻ ڪنهن ڳالهه جي درست هجڻ جو ثبوت ناهي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو جمال جادو ڪري ٿو، پر سچ کي ثابت ڪرڻ لاءِ، فڪر جي ضرورت پوي ٿي. ان حوالي سان وڌيڪ دلچسپ پاسو اهو به آهي، تاريخ ۾ اهڙا ڪئي موقعا آيا آهن، جتي خوبصورتي يا فن کي فڪر ۽ سچائيءَ مٿان ترجيح ڏني وئي آهي. بھرحال اهو به وڏو اهم بحث آهي پر پاڻ ڊيگهه کان بچڻ جي ڪوشش ڪندي اڳتي وڌون ٿا.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

جمال انسان کي ڪنهن به شئي ڏانهن ڌڪي يا ڇڪي ٿو، فڪر انسان کي ان شئي بابت سوال ۽ سنوار ڪرڻ سيکاري ٿو. جمال چوي ٿو، هيءَ خوبصورت شئي آهي، مون کي وڻي ٿي فڪر جڏھن ورائي پڇي ٿو ته خوبصورت هجڻ سان گڏ، ڇا هيءَ سچي، درست ۽ فائدي واري شئي به آهي؟ ته جمال اتي ساڪن ٿي وڃي ٿو، اھڙين ڪيترين ئي حالتن ۾ جمال اڳ ۾ ته اثر پيدا ڪري ٿو، پر فڪر آخري فيصلو ڪري ٿو. مثال طور هڪ خوبصورت شاعري جنگ کي بهادريءَ جو روپ ڏئي ٿي ۽ پڙهندڙ به جمالياتي طور متاثر ٿي سگهي ٿو، پر فڪر سمجھائيندو ته، جنگ ۾ بيڏوھي به مري رهيا آهن، پوءِ صرف ان کي خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪرڻ سان ڇا جنگ ۾ ماڻھن جي بيڏوھي ھجڻ باوجود مرڻ درست قرار ڏجي؟

هتي جمال ۽ حقيقت ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿئي ٿو، پر ھڪ سٺي ادب يا لکڻيءَ ۾ ٻنهي کي هڪ ٻئي جو دشمن نه بڻايو وڃي ته بھتر ٿيندو. ڇو ته جڏھن جمال، فڪر کي اثرائتو بڻائي سگهي ٿو ته، فڪر کي به جمال جھڙي اھم شئي کي کوکلو ٿيڻ کان بچائيندو آھي پر، لکاري انھن شين تي ڌيان نه ڏئي پنھنجين ئي لکڻين جي توھين ڪندا رھيا آھن. ھتي هيءُ به ھڪ مضبوط جملو جڙي سگهي ٿو، جمال جيڪڏهن فڪر کان آزاد ٿي وڃي ته، دوکو به خوبصورت بڻجي سگهي ٿو. اھڙيءَ طرح فڪر جيڪڏهن جمال کان خالي ٿي وڃي ته، سچ به بي اثر ٿي سگهي ٿو. هيءُ بحث عقل، احساس، دليل ۽ جماليات واري بحث سان به تمام گهڻو ڳنڍيل آهي.

اچو ته جمال ۽ فڪر جي ٽڪراءَ کي وڌيڪ گهرو ڪري ڏسون ڇو ته هيءُ رڳو ادب يا فن جو مسئلو ناهي، اهو انساني سوچ جي بنيادي سوالن سان به لاڳاپيل آهي. جمال انسان کي ڪنهن شيءِ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو پر، فڪر انسان کي انھيءَ شئي بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. جمال تڏهن فڪر تي غالب اچي ٿو جڏهن انسان ڪنهن جي خوبصورتيءَ کان ايترو متاثر ٿئي جو ان بابت سوال ڪرڻ ئي ڇڏي ڏئي ٿو. مثال طور ڪنھن سٺي مقرر جي خوبصورت تقرير يا ڳائڻي جو ڳائڻ ماڻهن کي متاثر ڪن ٿا پر، فڪر چوي ٿو تقرير ته خوبصورت هئي، دليل ڪٿي آهن يا شاعري ته وڻندڙ ھئي پر ان جو مقصد ڪٿي رھجي ويو. پر ڪجهه لکارين جي اھا ڳالھه به وڏو وزن رکي ٿي جيڪڏهن انسان هر شئي کي صرف دليل ۽ افاديت جي تارازي ۾ تورڻ لڳي ٿو ته، زندگيءَ مان فن ۽ تخيل جي اهميت گهٽجي وڃي ٿي. انسان کي رڳو دليل جي نه تخيل ۽ حسن جي به ضرورت پوي ٿي.

مطلب اصل مسئلو جمال يا فڪر جو نه، انهن جي جمود جو به آهي. مثال هڪ ماڻهو چوي جيڪا شئي مونکي وڻي ٿي اها ئي خوبصورتي آهي. اصل ۾ هي جملو جمالياتي جمود ظاھر ڪري ٿو. جڏھن ٻيو چوي ٿو، جيڪو مان سمجهان ٿو اهو ئي درست آهي ته اهو جملو فڪري جمود سڏرائيندو. مطلب ٻئي هڪجهڙي ئي غلطي ڪري رھيا آهن، جيڪي پڙھندڙن جي محدود نظر کي ساڳئي نموني محدود رکڻ تي مجبور ڪن ٿا. حقيقت ۾ هڪ سٺي لکڻي صرف خوبصورت لفظن جو مجموعو يا ڄار نه هئڻ گھرجي، نه ئي لکڻيءَ دليلن جو ڍڳ ۽ ڍير ھجي. مثالي لکڻي اھا چئبي، جنھن ۾ خوبصورتي به هجي، فڪري جملا به هجن، عقلي ڳالھيون به هجن ۽ علمي ڪلمات به هجن، جيڪي پڙھندڙن ۽ ٻڌندڙن کي حقيقتن سان جوڙي رکن. جتي جتي به حسن، احساس ۽ تخيل کي فڪر، علم ۽ حقيقت سان ڳنڍيو وڃي ٿو اتي لکڻي انساني سوچ کي بلند ڪري ٿي.

ادب انسان کي نئين دنيا جا حقيقت پسنداڻا تصور ڏيکارڻ، مختلف امڪان ڏسڻ، وڌيڪ تخليقي انداز ۾ سوچڻ سيکاري ٿو. خوبصورت لکڻي انسان کي روزاني جي پريشانين کان ڪجهه وقت لاءِ ٻاهر ڪڍي، کيس ذهني راحت ڏئي ٿي. جڏھن لفظن جي خوبصورتي، فڪر جي کوٽ لڪائي ٿي اهڙي لکڻي عارضي اثر پيدا ڪري ٿي، پر ڊگهو فڪري اثر نٿي ڇڏي. جيڪڏهن ليکڪ لڳاتار جذبات کي استعمال ڪري سوال، دليل ۽ تنقيدي سوچ لاءِ جاءِ نه ڇڏي، ته پڙهندڙ سوچڻ بدران متاثر ٿئي ٿو. منهنجي نظر ۾ فڪري لکڻيءَ لاءِ هڪ اهم اصول هي ٿي سگهي ٿو، جماليات ذھن کي ڇهي، احساس انسان کي حساس بڻائن ۽ دليل پڙھندڙن کي سوچڻ سيکارين ٿا. جڏهن اهي گڏ ٿين ٿا ته لکڻي جو اثر وڌيڪ ٿئي ٿو. تنهنڪري بهترين لکڻي اها ناهي جيڪا رڳو خوبصورت هجي، نه ئي اها جيڪا رڳو دليلن سان ڀريل هجي، وڌيڪ اثرائتي لکڻي اها آهي، جنھن ۾ حسن به هجي، حساسيت به هجي ۽ عقلي بحث به هجي.

______

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سرگرم رُڪن آھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button