Editor's pickMain Slideاولھ ايشياڪالم

اِيران جو نئون سپريم ليڊر:  مجتبيٰ خامنہ اِي عوامي تقريرون ڪرڻ کان سدائين پري رھيو

مجتبيٰ خامنہ اِي ايران جي مذهبي ۽ سياسي حلقن ۾ هڪ اهم ۽ گهڻو بحث هيٺ رهندڙ شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو. هُو ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر  خامنہ اي جو ٻيو نمبر پٽ آهي.

ايراني ميڊيا موجب مجتبيٰ نوجوانيءَ ۾ ئي ايران–عراق جنگ دوران فوجي خدمتون انجام ڏنيون، تڏهن هُو رڳو 17 ورهين جو هو. ايران جي طاقتور فوجي اداري اسلامي پاسداران  انقلاب سان سندس ويجهو رابطو رهيو آهي

مُشتاق ٽانوري

ايران جي سرڪاري ميڊيا مطابق تازو پيش آيل ڊرامائي حالتن کان پوءِ مجتبيٰ خامنہ اي کي ايران جو نئون سپريم ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي. مجتبيٰ خامنه اي، آيت الله روح الله موسوي امام خميني ۽ آيت الله سيد علي خامنه اي کانپوءِ ايران جو ٽيون سپريم ليڊر آهي. رپورٽن موجب 56 ورهين جي مجتبيٰ کي ايران جي مجلس خبرگان چونڊيو، جيڪو 88 ميمبرن تي مشتمل هڪ اهم مذهبي ادارو آهي ۽ آئين مطابق سپريم ليڊر جي چونڊ جو اختيار رکي ٿو. ايران جي ٻئين سپريم ليڊر شهيد آيت الله علي خامنه اي جي هوندي مجتبيٰ  خامنہ اي کي ايران جي طاقتور مذهبي ۽ سياسي حلقن  ۽ ايران جي انقلابي نظام اندر بااثر شخصيت سمجهيو ويندو هو. چيو ويندو آهي ته ايران جي طاقتور فوجي اداري اسلامي پاسداران  انقلاب سان سندس ويجهو رابطو رهيو آهي، جنهن سبب هو ملڪ جي سياسي معاملن تي به اثرانداز ٿيندو رهيو آهي.

مجتبيٰ خامنہ اي ايران جي مذهبي ۽ سياسي حلقن ۾ هڪ اهم ۽ گهڻو بحث هيٺ رهندڙ شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو. هُو ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر  خامنہ اي جو ٻيو نمبر پٽ آهي.  هو 8 سيپٽمبر 1969ع تي ايران جي اتر اوڀر واري شهر مشهد ۾ ڄائو. هن پنهنجي ابتدائي ۽ ثانوي تعليم تهران جي مشهور مذهبي اداري علوي اسڪول مان حاصل ڪئي، جيڪو ايران جي اشرافي ۽ مذهبي حلقن سان ويجها لاڳاپا رکندڙ تعليمي ادارو سمجهيو ويندو آهي. ايراني ميڊيا موجب مجتبيٰ نوجوانيءَ ۾ ئي ايران–عراق جنگ دوران فوجي خدمتون انجام ڏنيون، تڏهن هُو رڳو 17 ورهين جو هو. عراق سان اٺ سال جاري رهندڙ جنگ ايران جي سياست ۽ سماج تي گهرو اثر ڇڏيا ۽ ايراني قيادت کي آمريڪا ۽ اولھ وارن ملڪن بابت وڌيڪ محتاط ۽ شڪي بڻايو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت اولھ  عراق جي حمايت ڪري رهيو هو. 1999ع ۾ مجتبيٰ قُم منتقل ٿيو، جيڪو شيعا مذهبي تعليم جو اهم مرڪز سمجهيو ويندو آهي. اتي هن پنهنجي مذهبي تعليم جاري رکي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن 30 ورهين جي عمر ۾ باقاعده مذهبي تعليم لاءِ مدرسه ۾ داخلا ورتي ۽ ان کان اڳ هُن هڏهن به مذهبي لباس نه پاتو هو. هن وقت تائين مجتبيٰ کي وچولي درجي جو عالم دين سمجهيو ويندو آهي، پر تازن سالن ۾ ايران جي ڪجهه سرڪاري ۽ طاقتور حلقن سان لاڳاپيل ميڊيا ادارن کيس ”آيت الله“جي لقب سان سڏڻ شروع ڪيو آهي، جيڪو اعليٰ مذهبي مرتبو سمجهيو ويندو آهي. ڪجهه تجزيي نگارن موجب اها تبديلي شايد کيس ملڪ جي اعليٰ قيادت لاءِ هڪ مضبوط اميدوار طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش هئي.

مجتبيٰ خامنہ اي جو نالو پهريون ڀيرو 2005ع جي ايراني صدارتي چونڊن دوران عوامي بحث جو مرڪز بڻيو. انهن چونڊن ۾ محمود احمدي نجاد صدر چونڊيو ويو هو. اصلاح پسند سياستدان مهدي ڪروبي هڪ کليل خط ۾ الزام لڳايو ته مجتبيٰ خامنہ اي پاسدارانِ انقلاب ۽ بسيج مليشيا جي ذريعي چونڊ عمل تي اثرانداز ٿيو هو ۽ احمدي نجاد جي حمايت ۾ ڪجهه مذهبي حلقن ۾ مالي مدد ورهائي وئي هئي. 2009 ع ۾ احمدي نجاد جي ٻيهر چونڊجڻ کان پوءِ ايران ۾ وڏي پيماني تي احتجاج شروع ٿيا، جن کي ”گرين موومينٽ“ سڏيو ويو. ان وقت جي نائب گهرو وزير مصطفى تاج زاده ان چونڊ نتيجي کي ”چونڊ بغاوت“ قرار ڏنو ۽ کيس بعد ۾ ست سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. تاج زاده دعويٰ ڪئي ته ان فيصلي پٺيان مجتبيٰ خامنہ اي جي سڌي خواهش شامل هئي. ان دور ۾ اصلاح پسند اڳواڻ مير حسين موسوي ۽ مهدي ڪروبي کي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو. رپورٽن موجب 2012ع ۾ مجتبيٰ خامنہ اي موسوي سان ملاقات ڪئي ۽ کانئس احتجاج ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

باوجود ان جي ته شهيد سيد علي خامنه اي جي دور ۾ هو سياسي نظام ۾ اهم حيثيت رکندو هو، هن ڪڏهن به ڪنهن عوامي چونڊ ۾ حصو نه ورتو ۽ نه ئي هو عام طور عوامي تقريرون ڪندو هو ، جنهن ڪري ڪيترن ئي ايرانين ڪڏهن سندن آواز به نه ٻڌو آهي. گذريل ڪيترن سالن کان مجتبيٰ کي پنهنجي والد جو ممڪن جانشين سمجهيو ويندو هو. ڪجھ نقادن جو خيال آهي ته سندس  مقرري ايران ۾ خانداني يا موروثي طرز جي قيادت جو تاثر پيدا ڪري سگهي ٿي، جيڪو 1979ع جي ايراني انقلاب کان اڳ واري پهلوي بادشاهت سان مشابهت رکي ٿو. ڪيترن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن مجتبيٰ خامنہ اي پنهنجي والد جي پاليسين تي عمل جاري رکيو ته ايران جي پرڏيهي پاليسي ۽ اولھ سان لاڳاپن ۾ سختي برقرار رهڻ جو امڪان آهي، خاص طور تي اهڙي پس منظر ۾ جتي هو ذاتي طور به جنگي حملن ۾ پنهنجي خاندان جا فرد وڃائي چڪو آهي.

___________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button