Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

زندگي ۽ موتَ جو فلسفو: زندگي موت کان الڳ ڪو وجود ئي نہ ٿي رکي

زندگي يا موت، انھن ٻني مان جيڪڏھن ھڪڙي حقيقت کان انڪار ڪجي تہ ٻي حقيقت محض تصور ئي بڻجي رھجي ويندي. جيڪڏھن موت جھڙي حقيقت ھارائي فنا ٿي ويندي تہ ڇا زندگين جي ڪٿا رُڪجي نہ ويندي؟   

رشيد احمد خاصخيلي

زندگي پنھنجي رنگينن ۾ ڪيترائي منظر کڻي ھلي ٿي ڪٿي اُھي منظر مسرتن جي احساس ۾ ٽڙي پون ٿا، تہ وري ڪٿي ڪي احساس سُڏڪن جي ويران رڻ ۾ ڪنھن ويراڳي جيئان ڀٽڪندي ساھ جي سلطنت کي الوداع جا اشارا ڏئي ڪوچ ڪري ھليا وڃن ٿا. ائين ئي ھي جھان جو جھنجھٽ وکون کڻندو اڳتي وڌندو رھي ٿو.!

موت کي زندگي تي فتح آھي يا زندگيءَ کي موت تي.؟ ان سوال جي جواب ۾ ڪو بہ مڪمل جواب لکي ئي نہ ٿو سگھجي.!  ڇو تہ دنيا جي ڪا بہ شئي مڪمل ناھي نہ ئي ھي دنيا مڪمل آھي. ڇو تہ ھن دنيا جي ابتدا ۽ انتھا جو ڪنھن ورق ورائي ئي ناھي ڏٺو.! شيخ اياز پنھنجي ڪتاب ( ڪراچي جا ڏينھن ۽ راتيون ) ۾ موت جي احساس کي ذھن ۾ پاليندي لکيو ھو” ھن زندگي جو پل پل غنيمت آھي، بھتر آھي تہ انھيءَ لاءِ ان قوت جو احسانمند رھجي جا اسان کي ھلائي رھي آھي. ھنيئر تہ پٽ، ڌيئر، پوٽا، پوٽيون، ڏوھٽا، ڏوھٽيون، آھن. جن جون زندگيون اسان کان پوءِبہ ھلنديون ۽ جڏھن پاڻ نہ ھونداسين تڏھن بہ ڄڻ انھن ۾ ھونداسين. زندگيءَ جو سلسلو ائين ئي ھلي ٿو ۽ بلا آخر فتح زندگي کي موت تي آھي نہ موت کي زندگي تي.“

شيخ اياز جي ڳالھ پڄاڻان ڪيئن مڃجي تہ زندگي کي موت تي دسترس حاصل آھي.؟ جيڪڏھن زندگي موت تي فتح حاصل ڪري بہ ورتي تہ پاڻ موت جي اٽل حقيقت ۽  ان جي احساس کي ڪٿي مدفون ڪبو.؟ ڇا تڏھن دنيا مان موت جھڙي حقيقت لڏي ھلي ويندي.؟ يا ائين ممڪن بہ آھي.؟ ڀلا زندگي موت کان سواءِ ڪھڙي معني رکندي.؟ ڇو تہ زندگي موت کان الڳ ڪو وجود ئي نہ ٿي رکي.! زندگي يا موت انھن ٻني مان جيڪڏھن ھڪڙي حقيقت کان انڪار ڪجي تہ ٻي حقيقت محض تصور ئي بڻجي رھجي ويندي. جيڪڏھن موت جھڙي حقيقت ھارائي فنا ٿي ويندي تہ ڇا زندگين جي ڪٿا رُڪجي نہ ويندي؟ ھا اُھا ڪٿا جيڪا آد جڳاد کان ڪيترائي پنڌ ڪري اسان توھان تائين پھتي آھي، سا ايندڙ زندگين تائين ڪيئن پھچندي.؟

موت جيڪو بظاھر تہ ٽن اکرن تي مشتمل آھي، پر انھن ٽن اکرن پويان ھڪ وڏو تسلسل ڳنڍيل آھي. جيڪو تسلسل ڪيترن ئي عدم جي ڪھاڻين کي جنم ڏئي چُڪو آھي، جن ڪھاڻين ۾ ڪيترائي ساھ موت جي مُشڪي گھوڙي تي سوار ٿي نہ ڄاڻ تہ ڪيڏانھن ھاڪاري ويا آھن.!؟

ڇا اسان ڪڏھن تحمل سان ويھي ويچاريو آھي تہ موت آخر آھي بہ تہ ڇا.؟ ياد ٿو اچيم تہ موت لاءِ گرو رجنيش اوشو لکيو آھي” موت ھڪ گُل آھي ۽ زندگي ڪجھ بہ ناھي سواءِ ھڪ وڻ جي.! وڻ گُل لاءِ ھوندو آھي، نڪي گُل وڻ لاءِ. وڻ کي تہ خوش ۽ رقص ۾ رھڻ گُھرجي جڏھن گُل ٽڙي پئي.!“ اوشو زندگي کي سواءِ ھيڪلي وڻ جي ٻيو ڪجھ بہ نہ ٿو ڄاڻائي پر ھي موت کي ئي اھميت جي حامل ڄاڻائي ٿو.! ٿورن لفظن ۾ ائين  کڻي چئجي تہ اوشو زندگي کي معني موت کان ڏياري ٿو!

______________

رشيد احمد خاصخيلي فريلانس ليکڪ آھي ۽ سنڌ جي شھر ڄامشوري م رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button