راما پير جو ساليانو ميلو سڄي رات ست سنگ کانپوءِ پڄاڻيءَ تي پھتو
ڪنڌرا ڀرسان ڳوٺ جان الله شاهه ماڙيءَ ۾ سئو ساله راماپير ميلو انساني ۽ مذھبي رواداري جو زندهه مثال آھي. ميلي جي پڄاڻي آچر جي فجر مهل، هڪ انتهائي پراثر منظر ۾ ٿي. جڏهن ڏيئن جي لاٽ مدھم ٿي رهي هئي ۽ ٻار پنهنجي مائرن جي هنج ۾ ننڊ ۾ هئا، تڏهن آستان تي گڏ ويٺل هندو ۽ مسلمان عقيدتمندن گڏجي ملڪ جي سلامتي لاءِ خاص دعائون گهريون.

ڪنڌرا/ روھڙي/سکر:
روهڙي تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ جان الله شاهه ماڙيءَ ڀرسان ڪنڌرا ۾ بڊو مهيني جي پهرين تاريخ تي، جڏهن سنڌ جي ميدانن تي شام جو ڌنڌلڪو لهڻ لڳو، ته هڪ ننڍڙي آستان تي ڏيئن جي روشني، ڀڄنن جي آواز ۽ سڄي رات جاڳي ڪيل ستسنگ سان صديون پراڻي روايت وري زندهه ٿي اٿي.
ميگهواڙ برادري پاران سئو سالن کان وڌيڪ عرصي کان ملهائجندڙ راماپير جو ساليانو ميلو، هن سال به اتر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل عقيدتمندن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي آندو. سکر، خيرپور، گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان آيل خاندانن سان گڏ مقامي مسلمان برادري جي ماڻهن به هن ميلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي، جيڪا سنڌ جي ان تهذيبي ورثي جو تسلسل آهي، جتي عقيدو ڪڏهن به نفرت جي ديوار نه بڻيو.
آستان جي متولي، شيواداري تيرٿ مل ۽ نارو مل ٻڌايو ته هي ميلو سندن ڏاڏي، شري نيٻو مل، اڻويهين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ قائم ڪيو هو. “اسان جي ڏاڏي چيو هو ته سچي دل سان هڪ رات ٻاريل ڏيئو سئو سالن تائين ٻرندو رهندو آهي، اسان رڳو ان ڏيئي کي وسامڻ نه ڏنو آهي،” تيرٿ مل چيو. سندن چوڻ مطابق شروعات کان وٺي هي ميلو هندو ۽ مسلمان گڏجي ملهائيندا اچن ٿا.

ٽنڊو الهيار جي عظيم مندر جي مقابلي ۾ جان الله شاهه ماڙيءَ جو ميلو ڪنهن وڏي نمائش جو نالو ناهي، پر هڪ جيئري ثقافتي يادگير جو نالو آهي. هتي ڪو وڏو گنبذ ناهي، ڪو بلند بانگ اعلان ناهي، رڳو هڪ صحن آهي، جتي ڏاڏا پنهنجي پوٽن کي ڀڄن جا ٻول سيکارين ٿا، مائرون پنهنجي نياڻين کي ٻڌائين ٿيون ته هي گيت هنن ڪٿان سکيا، ۽ پاڙي جا مسلمان نوجوان لنگر جي ديڳين کي سنڀالين ٿا.
راماپير، جن کي راجستان ۾ رامديو پير ۽ بابا رامديو جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، 1352ع ۾ راجستان جي ڀٽ نگر ۾ راجا اجمل جي گهراڻي ۾ جنم ورتو، پر شاهي تخت و تاج کي ڇڏي، هن پنهنجي حياتي هيڻن، نماڻن ۽ ذات پات جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ماڻهن جي نالي ڪئي. سندس تعليم جو بنياد چئن سنهري اصولن تي هو: محبت ۽ ڀائيچارو، ذات پات کان مٿانهون انسان ذات جي برابري، سڀني مذهبن جو احترام، ۽ مسڪينن جي خدمت کي وڏي ۾ وڏي عبادت سمجهڻ.
سندس مکيه سماڌي راجستان جي راڻوجا ۾ اڄ به لکين زائرين جو مرڪز آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، بدين ۽ سکر ڊويزن سندس عقيدت جا اهم مرڪز رهيا آهن.

بڊو مھيني جي پهرين رات جو ستسنگ هن ميلي جو روح آهي. سڄي رات جاڳي، ڏيئا ٻاري، ڀڄن ڳائي، عقيدتمند راماپير جي زندگي جا قصا ورجائين ٿا اهي قصا، جن ۾ ڏڪار ۾ پاڻي پيدا ڪرڻ، بيمارن کي شفا ڏيڻ ۽ مظلومن جي مدد ڪرڻ جون روايتون شامل آهن، دراصل هڪ ئي پيغام ڏين ٿيون ته ڪو به انسان ننڍو ناهي.
ميلي جي پڄاڻي آچر جي فجر مهل، هڪ انتهائي پراثر منظر ۾ ٿي. جڏهن ڏيئن جي لاٽ مدھم ٿي رهي هئي ۽ ٻار پنهنجي مائرن جي هنج ۾ ننڊ ۾ هئا، تڏهن آستان تي گڏ ويٺل هندو ۽ مسلمان عقيدتمندن گڏجي ملڪ جي سلامتي لاءِ خاص دعائون گهريون.
خاص دعائن ۾ پاڪستان جي امن، استحڪام، خوشحالي، قومي ايڪي ۽ بين مذهبي رواداري جي بقا لاءِ هٿ کنيا ويا. اهو منظر ان حقيقت جو شاهد هو ته سنڌ جي مٽي اڄ به اهڙن بزرگن، صوفين ۽ سنتَن کي جنم ڏئي ٿي، جن جو پيغام محبت، برداشت ۽ انسان ذات جي خدمت آهي ۽ جان الله شاهه ماڙي جو هي سؤ ساله ميلو ان ئي پيغام جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. (پريس رليز)
_____________



