Editor's pickMain Slideثقافت

سنڌي فلم سنڌوءَ جي گونج آمريڪا جي پرنسٽن يونيورسٽي لائبريريءَ ۾ شامل

آمريڪا جي نامياري پرنسٽن يونيورسٽي لائبريريءَ تعليمي، تحقيقي ۽ علمي آرڪائيوز مقصدن لاءِ مشھور سنڌي فلم سنڌوءَ جي گونج جو باقاعدي لائسنس حاصل ڪري ورتو.

ڪراچي

ٽن ڏھاڪن کانپوءِ گذريل سال سئنيمائن ۾ نمائش لاءِ پيش ٿيل پھرين سنڌي  فيچر فلم انڊس ايڪوز (سنڌوءَ جي گونج) کي آمريڪا جي نامياري پرنسٽن يونيورسٽي لائبريريءَ جي تعليمي، تحقيقي ۽ علمي آرڪائيوز مقصدن لاءِ باقاعدي لائسنس جاري ڪيو ويو آه. فلم سنڌوءَ جي گونج جي ليکڪ ۽ ھدايتڪار راھل اعجاز اھڙي پڌرائي ڪئي آھي.

ان معاهدي سان هيءَ فلم، جيڪا  سنڌو درياھ ۽ سنڌ سان جڙيل ماحول ۽ انساني رشتي جي باريڪ بينيءَ سان عڪاسي ڪري ٿي، دنيا جي مڃيل آئوي ليگ (Ivy League) ادارن مان هڪ ۾ تعليمي شعبن اندر محفوظ ۽ شامل ٿي ويندي.

پرنسٽن يونيورسٽي لائبريريءَ پاران ھن فلم کي حاصل ڪرڻ سان عالمي سطح تي سنڌي ٻوليءَ جي آزاد سينما لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل قائم ٿيو آهي. يونيورسٽيءَ جي تعليمي خزاني جو حصو بڻجڻ سان انڊس ايڪوز هاڻي ڏکڻ ايشيائي پڙهائي، مقامي ميڊيا، سينما آرٽس ۽ ثقافتي علم الانسان (Anthropology) جي محققن، عالمن ۽ شاگردن جي رسائيءَ ۾ هوندي.

هيءَ پيش رفت عالمي دلچسپيءَ کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن سان فلم کي هڪ تحقيقي مرڪز مليو آهي جتي ان جي سماجي ۽ ثقافتي موضوعن کي ايندڙ نسلن تائين تحقيقي نظر سان پرکي سگهبو.

انڊس ايڪوز جي هيءَ ڪاميابي تخليقي پروفيشنلز، عملي، ٽيڪنيڪل ماهرن ۽ سهڪارين جي هڪ وسيع ٽيم جي گڏيل محنت جو نتيجو آهي.

پروجيڪٽ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ اهم ساٿي ۽ ٽيم ميمبر:

ادڪار ۽ بنيادي تخليقي ٽيم: شمعون عباسي، وجدان شاهه، ثمينه سحر، انصار مهر، اختيار علي، پال بيٽل، سائولو اروڪا، آرپ خان، ۽ تنوير حسين.

پروڊڪشن، لکڻ ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم: سعد هاشم، حسن ابراهيم، اسامه خان، سلمان جکرو، نصير اعجاز، ڪامران جاويد، زيد عزيز، مرتضيٰ ٻگهيو، نثار ٻلوچ، جاذب احمد ميمڻ، شهباز ايس ڪي، نبهان ڪريم، ۽ معاذ احمد.

هڪ ننڍڙي پر باوقار سنڌي فلم جو هڪ وڏو علمي سفر

ھڪ ليکڪ سڪندر گلاب سومرو انھيءَ خبر تي تبصرو ڪندي لکي ٿو تہ: هيءَ خبر مون لاءِ رڳو هڪ فلم جي ڪاميابي ناهي پر خوشي ۽ فخر جو لمحو بہ آهي. اسان جي ڌرتي، ماڻهن، ٻولي ۽ ڪهاڻين سان جڙيل هڪ فلم هاڻي آمريڪا جي هڪ انتهائي معتبر علمي اداري ۾ محفوظ رهندي، جتي ايندڙ نسلن جا شاگرد، محقق ۽ علم جا شوقين ان کي ڏسي ۽ ان تي تحقيق ڪري سگهندا.

فلمون رڳو سئنيما گهرن ۾ ڏيکارڻ لاءِ ناهن هونديون؛ اهي پنهنجي دور، سماج، ٻولي ۽ ثقافت جون دستاويز بہ هونديون آهن. راھل اعجاز جي فلم سنڌو جي گونج جو هڪ معتبر يونيورسٽي لائبريري جي دنيا جو حصو بڻجڻ اسان سڀني لاءِ فخر جو مقام آھي ڇاڪاڻ جو ھڪ طرف سنڌ کي ڳڀا ڪرڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا تکا ٿي رھيا آھن تہ ٻئي طرف دنيا اسان جي ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اسان سان ھم قدم ٿي رھي آھي.

توڻي جو سنڌي سينيما جو هي سفر اڃان ڊگهو ۽ صبر آزما بہ آهي پر هر اهڙو قدم منزل ڏانهن هڪ اڳڀرائي ضرور آهي.

سنڌوءَ جي گونج بابت

پاڪستان جي پھرين سنڌي آرٽ  فلم سنڌوءَ جي گونج  جي خاص اسڪريننگ  گذريل جولاءِ مھيني جي 5 تاريخ تي ممبئيءَ ۾ ڏکڻ ايشيائي فلمن جي ميلي ”پردہ فاش“ جي ٻئي ڏينھن تي  ٿي گذري.  اھا اسڪريننگ ھندستان جي شھر ممبئيءَ ۾ ڏکڻ ايشيائي فلمن جي مشھور فيسٽيول ”پرده فاش 3.0“ (Parda Faash)  ۾ ٿي ھئي.

واضح رھي تہ سنڌوءَ جي گونج  ڪيترن ئي ڏھاڪن کان پوءِ سنڌو درياءَ، ماحوليات ۽ ان جي ڪناري رھندڙ ماڻھن جي ڏکوئيندڙ داستانن کي گڏي ٺاھيل ھڪ شاھڪار سنڌي فلم آھي، جيڪا بين الاقوامي سطح تي مڃتا ماڻي رھي آھي.

سنڌ ۾ ھيءَ فلم 19 سيپٽمبر  2025 تي سئنيمائن ۾ رليز ڪئي وئي ھئي. ساڳئي سال آڪٽوبر مھيني ۾ لنڊن پاڪستاني فلم فيسٽيول ۾ بہ ھيءَ فلم ڏيکاري وئي.

فلمساز ۽ ھدايتڪار راھُل اعجاز موجب سنڌوءَ جي گونج فلم 28 ورھين کانپوءِ پھرين سنڌي فلم آھي جيڪا گذريل سال سيپٽمبر ۾ سنڌ جي سئنيمائن ۾ رليز ٿي. ھيءَ فلم گذريل سال جي شروع ۾ انڊيا جي جئپور شھر ۾ ٿيل انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ بہ ڏيکاري وئي ھئي ۽ انڊيا جي مختلف شھرن مان سنڌين وڏي تعداد ۾ اچي فلم ڏٺي ھئي. ڪراچيءَ جي ھڪ سئنيما ۾ بہ ميڊيا جي لاءِ ھڪ پريميئر ٿيو ھو.

واضح ھجي تہ ھيءَ پھرين انٽرنيشنل سنڌي فلم آھي جيڪا بنگلاديش ۽ ڪوريا جي سھڪار سان ٺاھي وئي آھي. ھن فلم جي شوٽنگ تہ سنڌ ۾ سنڌو درياھ ۾ ڪئي وئي پر فلم جي سموري پوسٽ پراڊڪشن ڏکڻ ڪوريا ۽ بنگلاديش ۾ ٿي.

ھيءَ فلم سنڌو درياھ ۽ ان سان جُڙيل ماڻھن جي پنج ڪھاڻين تي مشتمل آھي. ھن فلم جي آخر ۾ ھڪ جاندار ڊائلاگ آھي جيڪو سنڌو درياھ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ سمنڊ ۾ ڇوڙ نہ ٿيڻ سان ماحولياتي تباھيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. فلم جو ھڪ ڪردار چوي ٿو: ھن کي وٽامن سِيءَ  (Sea) جي ضرورت آھي.

انھيءَ کان اڳ راھل اعجاز جي ھڪ شارٽ فلم ”رڻ مان لنگھندڙ ريل گاڏي“ عالمي سطح تي مڃتا ماڻي چُڪي آھي. انھيءَ فلم جا آمريڪا، ترڪي، انڊيا، ميڪسيڪو، قازان (روس) ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪوٺايل عالمي فلم فيسٽيولز ۾ يارھن پريميئر ٿيا ھئا. قازان واري انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ راھل اعجاز پاڻ بہ شريڪ ٿيو ھو.

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button