چيني ادب جا پنج شاهڪار ڪتاب: چيني عورت ليکڪائن جون پڙهڻ جهڙيون تحريرون
اهي غير معمولي تخليقون چيني عورتن جي مختلف پاسن تي روشني وجهن ٿيون؛ جنهن ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ شهري ڪلچر جي چيني عورتن تي اثرن کان وٺي جنسي زيادتيءَ جي شڪار ماڻهن جي ذهني صدمي تائين جا موضوع شامل آهن.
پنھنجي ڪتاب جي پڌري ٿيڻ کان صرف ٻه مهينا پوءِ، 2017 ۾، 26 سالن جي ليکڪا لِن اي-هان تائيپي ۾ پنهنجي گهر ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو هو. لِن هاءِ اسڪول کان ئي سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار هئي. سندس ناول پنهنجي ان تلخ تجربي تي ٻڌل هو، جنهن ۾ 16 سالن جي عمر کان وٺي سندس چيني ٻوليءَ جي ٽيوٽر کيس جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو هو.

ليکڪا: ليو جيو (Liu Jue)
چين جي تاريخ جي وڏي حصي ۾ عورت ليکڪائن جي سخت کوٽ رهي آهي (سونگ خاندان جي شاعره ‘لي چنگ زائو’ جهڙن استثنائي مثالن کان سواءِ)، ۽ صدين تائين ادب تي مردن جو غلبو رهيو. خوش قسمتيءَ سان، تازو ڏهاڪن ۾ عورتن جي لکڻين ۾ هڪ وڏو واڌارو آيو آهي، ۽ پڙهندڙ وڏي جوش سان مختلف نقطئه نظر واريون تحريرون پڙهي رهيا آهن. سائنسي فڪشن کان وٺي شاعريءَ تائين جي صنفن ۾ عورت تخليقڪارن جي هن واڌاري کي ملهائڻ لاءِ، اسان پنجن اهڙن ڪتابن جي فهرست تيار ڪئي آهي، جيڪي هر پڙهندڙ کي ضرور پڙهڻ گهرجن:
فانگ سي-چي جي پهرين محبت جي جنتليکڪا (Fang Si-Chi’s First Love Paradise) لِن اي-هان Lin Yi-han

هن ڪتاب جي پڌري ٿيڻ کان صرف ٻه مهينا پوءِ، 2017 ۾، 26 سالن جي ليکڪا لن اي-هان تائيپي ۾ پنهنجي گهر ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو هو. لن هاءِ اسڪول کان ئي سخت ذهني دٻاءُ (ڊپريشن) جو شڪار هئي. هي ناول هن جي پنهنجي ان تلخ تجربي تي ٻڌل هو، جنهن ۾ 16 سالن جي عمر کان وٺي سندس چيني ٻوليءَ جي ٽيوٽر کيس جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو هو.
ڪتاب ۾ فانگ سي-چي کي سندس ٽيوٽر لي گوهوا نشانو بڻائي ٿو، جيڪو هڪ شادي شده مرد ۽ سندس عمر کان 37 سال وڏو آهي. صدمي سبب فانگ کي لڳي ٿو ته کيس پنهنجي ظالم سان محبت ڪرڻي پوندي ته جيئن هوءَ ان حملي جو ڪو مقصد ڳولي سگهي. لن اي-هان هن ناول ۾ انتهائي ڏکوئيندڙ منظرن کي به وڏي ضبط سان لکيو آهي. هي ناول جنسي تشدد جي شڪار ماڻهن جي ذهني حالت جو گهرو مطالعو پيش ڪري ٿو.
چيوئوان (Qiuyuan) ليکڪا يانگ بينفن Yang Benfen

60 سالن جي عمر ۾، بغير ڪنهن باقاعده تربيت جي، يانگ بينفن لکڻ شروع ڪيو. سندس “اسٽڊي روم” هڪ ننڍڙو 4 اسڪوائر ميٽر جو بورچي خانو هو. ڀاڄيون ڌوئڻ ۽ گوشت رجهڻ جي وچ واري وقت ۾، هوءَ هڪ ننڍڙي اسٽول تي ويهي پنهنجي والده جي ڪهاڻي لکندي هئي.
‘چيوئوان’ (Qiuyuan) سندس والده جو نالو هو، جنهن 1914 ۾ جنم ورتو. هي ڪتاب صرف هڪ خاندان جي ڪهاڻي ناهي، پر چين جي تاريخ جي ڏکين دورن—جنگي سردارن، جپاني حملي، ڏڪار ۽ غربت—۾ هڪ عورت، زال ۽ ماءُ جي بقا جي جدوجهد آهي. يانگ جا لفظ سادا پر سچائيءَ سان ڀريل آهن. هي ڪتاب هڪ ٽرائلوجي (ٽن ڪتابن جو سلسلو) جو حصو آهي.
ليانگ ڳوٺ: ڏهه سال پوءِ (Liang Village Ten Years On) ليکڪا ليانگ هونگ Liang Hong

رينمن يونيورسٽي ۾ چيني ادب جي پروفيسر ليانگ هونگ جي هن ڪتاب کي چين جي بهترين غير افسانوي (non-fiction) تحريرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ليانگ پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي تبديلين تي ڏهن سالن تائين تحقيق ڪئي.
هن ڪتاب ۾ هن ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ته هوءَ پاڻ به ان سماجي سوچ جو شڪار هئي جتي عورتن کي انهن جي پنهنجي نالي بدران “فلاڻي جي زال” يا “فلاڻي جي ماءُ” سڏيو ويندو هو. هن ڪتاب ذريعي هن ڳوٺاڻن عورتن جي گم ٿيل سڃاڻپ، لڏپلاڻ ڪندڙ پورهيت عورتن ۽ سماج ۾ انهن سان ٿيندڙ ناانصافين کي وائکو ڪيو آهي.
ابابيل ڪيڏانهن اڏامي وڃن ٿا؟ (Where Do the Swallows Fly To) ليکڪا شين شوزي Shen Shuzhi

ابابيل (Swallows) چين جي ڳوٺاڻي علائقي انهوئي (Anhui) جا عام پکي آهن، جتي شين شوزي پنهنجي چئن ڀينرن سان گڏ وڏي ٿي. هي ڪتاب انهن پنجن ڀينرن جي بچپن، جواني ۽ پوءِ شهرن ڏانهن لڏپلاڻ جي يادن تي ٻڌل آهي. غربت جي باوجود انهن جو پاڻ ۾ پيار ۽ هڪٻئي جو سهارو بڻجڻ هن ڪتاب کي انتهائي اثرائتو بڻائي ٿو. ڪتاب ۾ موجود تصويرون ليکڪا جي جاڙي ڀيڻ ‘يولو’ تيار ڪيون آهن.
لوڻ جو شهر (Salt Town) ليکڪا اي شياوهي Yi Xiaohe

اڳوڻي اسپورٽس جرنلسٽ اي شياوهي 2021 ۾ سيچوان صوبي جي هڪ ننڍڙي شهر ‘شيانشي’ (Xianshi) ۾ منتقل ٿي وئي. هي شهر ڪڏهن لوڻ جي واپار جو مرڪز هو، پر هاڻي اتي سخت غربت آهي.
هن ڪتاب ۾ ليکڪا 17 کان 90 سالن جي عمر جي 10 عورتن جي زندگي جون ڪهاڻيون بيان ڪيون آهن. اهي ڪهاڻيون صنفي امتياز، گهرو تشدد ۽ هڪ قدامت پسند سماج ۾ عورتن جي مجبورين جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن ڪتاب ۾ تاريخي پس منظر سان گڏ ذاتي داستانن کي اهڙي ريت ملايو ويو آهي جو پڙهندڙ حيران رهجي وڃي ٿو.
_______________
انگريزي آرٽيڪل تان ترجمو



