Editor's pickMain Slideڪالم

حشر پڙ/دارسر پڙ /اولڊٿاڻو: ملير جو ھڪڙو تاريخي ماڳ، ٽي نالا

ھن ھنڌ تي انگريز دور کان به اڳي شھر جي مختلف علائقن مان مومن اچي گڏ ٿيندا ھئا. خاص طور تي ڏھين محرم تي وڏو ميڙ گڏ ٿيندو ھو. اھي مومن باه جو وڏو مچ ٻاري ماتم ڪندا ھئا. اھو ماڳ سنڌيءَ ۾حشر پڙ ته بلوچي زبان ۾ داسر پڙ مشھور ٿي ويو. انگريزن اُتي ھڪ ريسٽ ھائوس ٺھرايو ھو جنھن کي سب جيل طور بہ استعمال ڪندا ھئا. ڀر ۾ ئي ھنن فوجي چوڪي بہ قائم ڪئي جنھن کي پاڪستان ٺھڻ بعد ڊاٿو ويو پر علائقي تي اولڊ ٿاڻو نالو پئجي ويو.

اصل فوٽوءَ تان ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

خاصخيلي لطيف راولاڻي

ملير جو ھيءُ اھم تاريخي ماڳ مڪان اڳوڻي دور ۾ حشر پڙ موجوده دور ۾ داسر پڙ ۽ اولڊٿاڻي سان مشھور آھي. ھيءُ ھڪ ماڳ آھي پر ٽن مختلف نالن سان سڏيو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. اھو ماڳ ملير سٽيءَ کان چئن ڪلوميٽرن  جي مفاصلي تي آھي جتي سنڌين ۽ بلوچن جا گڏيل ڳوٺ آھن ۽ ڪافي سالن کان گڏ رھن ٿا، جنھن ڪري ھتي جا سنڌي ڳالھائيندڙ به بلوچي ڳالھائين ٿا، جن ۾ خاصخيلي قبيلي جي اڪثريت آھي .

انھيءَ تاريخي ماڳ مڪان کان ٿورو پھرين مھرعلي شاه مست بخاري جي قديم درگاھ آھي. چون ٿا  تہ ھي بزرگ اصل ۾ ضلع ٺٽي جي بخاري سيدن مان ھو. جڏھن ٺٽو تباه ٿيو ته ھزارن جي تعداد ۾ اُتان مالوند ماڻھن لڏپلاڻ ڪري ملير جو رخ ڪيو. ھن بزرگ به پنھنجي پوري خاندان سميت  ملير جي ماڳ حشر پڙ جي ڀر ۾ رھائش اختيار ڪئي. ھي مست ملنگ انسان ھو ۽ سڄي ملير ۾ پيادل گھمندو ھو. مقامي ماڻھو کيس مست چوندا ھئا .سندس وفات کان پوءِ مريدن سندس وڏو مقبرو ٺھرايو جيڪو ھاڻي وڏي درگاه جو روپ وٺي ويو آھي. ھر سال سندس عرس به ٿيندو آھي جنھن ۾ راڳ رنگ جي محفل کان علاوه ملاکڙو به ٿيندو آھي جيڪو ڄام ڳوٺ جي اسڪول جي ميدان اڳيان علائقي جي معززين جي نگراني ۾ ٿيندو آھي. سنڌ جا مشھور ملھ پھلوان اچي گڏ ٿيندا آھن. ملاکڙو ٽي ڏينھن جاري رھندو آھي .

ھتي جا بزرگ چون ٿا ته ھن ھنڌ تي انگريز دور کان به اڳي شھر جي مختلف علائقن مان مومن اچي گڏ ٿيندا ھئا. خاص طور تي ڏھين محرم تي وڏو ميڙ گڏ ٿيندو ھو. اھي مومن باه جو وڏو مچ ٻاري ماتم ڪندا ھئا. اھو سلسلو ڪافي سالن تائين جاري رھيو. وقت ۽ حالتن جي تبديل ٿيڻ ۽ بلوچستان مان جدگال قبيلي جي لڏپلاڻ ملير ڏانھن شروع ٿي ته حشر پڙ جي پاسي ۾ آبادي ٿيڻ شروع ٿي جتي سنڌين ۽ بلوچن جي ڳوٺن جا بنياد پوڻ شروع ٿيا .

آبادي جي وڌڻ ڪري ساليانو ماتم به ختم ٿي ويو. مومنن ھتي اچڻ ڇڏي ڏنو. ان جا ڪھڙا سبب ھئا؟ آبادي جي ڪري يا ٻيو ڪو اھم سبب، ان جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيا آھن. بلوچن جي اڪثريتي آبادي جي ڪري ان ماڳ کي بلوچي زبان ۾ داسر پڙ سڏڻ لڳا. سنڌي ۾حشر پڙ ته بلوچي زبان ۾ داسر پڙ مشھور ٿي ويو .

موجوده دور ۾ ان ماڳ تي صرف الم لڳل آھي جيڪو نشانيءَ طور تي قائم آھي جنھن کي ڀر واري درگاه مھر شاه بخاري جا معتقد سنڀاليندا ٿا اچن .پر جيئن اڳ ۾ ساليانو ماتم ٿيندو ھو، اھو آبادي جي قائم ٿيڻ کان پوء ڪونه ٿو ٿئي .

اولڊ ٿاڻو

انھي ساڳئي ماڳ کي اولڊ ٿاڻو جي نالي سان به لکيو ۽ سڏيو وڃي ٿو. ملير جي روينيو رڪارڊ ۾ ديھ ٿاڻو به آھي جيڪا ديھ پندرنھن کن ڳوٺن تي مشتمل آھي.

 موجوده دور ۾ سڀ کان گھڻو استعمال ٿيندڙ بس اسٽاپ ۽ آبادي اولڊ ٿاڻي جي نالي سان مشھور آھي. ان جي باري ۾ ڄاڻ ملي ته انگريز جڏھن ڪراچيءَ تي قابض ٿيا ته ھنن ملير جو به رخ ڪيو جتي ھنن ملير سٽي کان ويھن ڪلوميٽرن تي گھاٽي ٻيلي ۾ ھڪ ريسٽ ھائوس ٺھرايو ھو. اھو ريسٽ ھائوس سان گڏ سب جيل به ھوندو ھو. خاص ڪري ان دور ۾ سياسي اڳواڻن کي ھن ريسٽ ھائوس ۾ نظر بند ڪيو ويندو ھو.  موجوده دور ۾ اھو ريسٽ ھاوس واٽر بورڊ وارن جي قبضي ۾ آھي جتي ڀر ۾ انھن جون آفيسون آھن. انگريزن ريسٽ ھاوس کان پري ويران علائقي ۾ جتي حشر پڙ ھو، ان جي ڀر ۾ ننڍي فوجي چوڪي قائم ڪئي ھئي جيڪا انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ ڊاھي وئي پر ان جو نالو مقامي ماڻھن انگريزي ٻولي ۾ ئي رکي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ان کي انگريزن ئي قائم ڪيو ھو انھن جي ئي يادگار ھئي ان ڪري مقامي ماڻھو ان فوجي چوڪي کي اولڊٿاڻو ئي چوڻ لڳا ۽ اڄ ڏينھن تائين اھوئي نالو قائم دائم آھي. ان ۾ ڪابه تبديلي نه آئي، جڏھن ته ان جي ڀر ۾ بلوچ برادري جا ڪافي ڳوٺ آھن جيڪي مختلف نالن سان آھن پر اھو نالو سرڪاري دستاويزن ۾ محفوظ ٿي ويو .

ھتي جي يونين ڪاونسل به ان ئي نالي سان آھي. حڪومت جا ڪي به ترقياتي ڪم ٿيندا آھن ته اھي به اولڊ ٿاڻي جي نالي سان ڪيا ويندا آھن .

گل حسن ڪلمتيءَ جي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“ ۾ ھڪ ڪردار قادو مڪرانيءَ جو به آھي جنھن لاءِ لکيو اٿائين ته قادو جڏھن احمد آباد کان سنڌ آيو ته ڪراچي بندر تي سخت نگراني ھئن ڪري ھو ملير جي علائقي اولڊٿاڻي ۾ آيو ۽ اتان اٺ جي سواري ڪري لياريءَ جو رخ ڪيائين جتان پوءِ گرفتار ٿيو. گل حسن اولڊٿاڻي جو تفصيل ڪتاب ۾ نه ڏنو آھي.

______________

Latif Rawlani-TheAsiaN

لطيف راولاڻي ملير ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button