تمر جا ٻيلا ۽ ماھيگيرن جي بقا: ڪتاب ”ماھيگير اور سوشل موومنٽ“ جو اڀياس
”ماھيگير اور سوشل موومنٽ“ سنڌ جي سامونڊي پٽي، ماھيگيرن جي حياتياتي ۽ معاشي جدوجھد، ۽ تمر جي تباه ٿيندڙ ٻيلن جي حساس موضوع تي اردوءَ ۾ لکيل اھم ڪتاب آھي. ليکڪ ايوب شان خاصخيليءَ پاڻ به عملي طور سمنڊ سان واڳيل ھئڻ ڪري نہ صرف ماھيگيرن جي حقن، تاريخي وسندين، ۽ عالمي تحريڪن جو تفصيلي احوال پيش ڪيو آھي، پر مختلف سماجي ۽ تاريخي شخصيتن، تاريخي ماڳن ۽ ٿيٽر جي اھميت کي به هن ڪتاب ۾ نھايت سموئي ڇڏيو آھي.

خاصخيلي لطيف راولاڻي
”ماھيگير اور سوشل موومنٽ“ اردو ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب آھي، جنھن جي ليکڪ ايوب شان خاصخيليءَ جو تعلق به سمنڊ ۽ ماھيگير پيشي سان آھي. ھُو پنھنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ سمنڊ ۾ شڪار تي ويندو آھي.
ڪتاب ۾ ننڍا وڏا 58 باب ڏنل آھن جن ۾ سمنڊ ۽ سماجي دنيا جي باري ۾ معلومات ڏنل آھي. ڪتاب ۾ ھڪ خاص باب تمر جي تباه ٿيندڙ ٻيلن جي حوالي سان آھي.

دنيا ۾ زراعت کان پوء ماھيگيري به عالمي سطح تي خوراڪ مھيا ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. مڇيءَ جي نسل وڌائڻ ۽ ماحولياتي تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ تمر جا ٻيلا وڏي اھميت رکن ٿا. تمر جا وڻ درياھ ۽ سمنڊ جي ميلاپ ڊيلٽا جي ڪناري ٻيٽن تي وڌي وڻ ٿيندا آھن. دنيا ۾ تمر جي ٻيلن جا گھڻا ئي قسم آھن پر ھتي سنڌ بلوچستان جي ٻيٽن تي صرف ٽن قسمن ۾ ٿيندا آھن. تمر جي پاڙن ۾ مڇي ۽ جھينگو جنم وٺي ٿو، جيڪو وڏو ٿي سمنڊ ۾ويندو آھي، تمر جا وڻ تيز ھوائن ۽ سوناميءَ جھڙن آفتن کي روڪين ٿا. سمنڊ ۾ سنڌو درياھ جو پاڻي نه اچڻ ڪري تمر جا ٻيلا تباه ٿي رھيا آھن جنھن سان ماھيگيرن جي معاشي بدحالي وڌندي پئي وڃي ۔
ڪتاب ۾ سماجي تحريڪن ۽ خاص طور پورھيتن جي عالمي جدوجھد جي پسمنظر ۾ مواد موجود آھي. ليکڪ فرانس ۾ مزدورن جي حقن لاء جدوجھد توڙي آمريڪا جي شھر شڪاگو واري جدوجد جو ذڪر ڪندي سنڌ ۾ ماھيگيرن جي تحريڪن تي روشني وڌي آھي. 1997ع ۾ ماھيگيرن جي عالمي ڪانفرنس دھلي انڊيا ۾ منقعد ٿي جتي دنيا جي 32 ملڪن جي نمائندگي ھئي ۽ ان ۾ سنڌ مان فشرفوڪ فورم جا اڳواڻ به شريڪ ٿيا ھئا ۔ انھيءَ ڪانفرنس جي حوالي بہ ڪتاب ۾ تفصيل ڏنا ويا آھن.
سامونڊي پٽي جي وسندين جو ذڪر ڪندي ليکڪ لکي ٿو سامونڊي پٽي تي جيڪي به ماھيگيرين جو وسنديون آھن انھن کي اڄ ڏينھن تائين مالڪاڻا حق نه ڏنا ويا آھن. ڪي پي ٽي ۽ ڪورنگي ڪريڪ ۽ ٻيا حڪومتي ادارا سدائين سامونڊي پٽي وارن کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ لڏپلاڻ تي مجبور ڪندا رھندا آھن. انھن وسندين کي مستقل ڪونه ٿو ڪيو وڃي ۔
ڪي پي ٽي جو ادارو جيڪو ورھاڱي کان اڳ جو آھي اھو 1887ع ۾ ھڪ ٽرسٽ جي بنياد تي وجود ۾ آيو ۽ ان يونس آباد سامونڊي پٽي جي ھزارين ايڪڙ ايراضي تي فليٽ ۽ بنگلا تعمير ڪري سوسائٽي ٺاھي ڇڏي جنھن جو ڪوبه داد فرياد نه ٿيو آھي ۔
ڪتاب ۾ مختلف شخصيتن جي باري ۾ به ذڪر ٿيل آھي ۽ انھن جو تعارف ۽ انھن جي ڪارڪردگي به بيان ٿيل آھي جن ۾ خاص طور تي جمشيد نسروانجي مھتا، ڪامريڊ ڪرامت علي، تمر جا شھيد ابوبڪر ڪڇي ۽ عبدالغني ڪڇي، مھتاب اڪبر راشدي، حاجي شفيع محمد ڄاموٽ ۽ انڊيا جي انسانيت ۽ امن جي علمبردار سماجي عورت نرملا ديش پانڊي جي باري ۾ به ڪافي معلومات درج آھي. نرملا ديش پانڊي جي خاص ڳالھ اھا آھي ته ھن مرڻ کان اڳ وصيعت ڪئي ھئي ته لاڏاڻي کان پوءِ سندس خاڪ سنڌو درياھ جي حوالي ڪئي وڃي. نرملا 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو ۽ سندس وصيعت تي عمل ڪرڻ لاءِ پيپلز آف ايشيا ۽ پائلر ادارن گڏجي ان جي خاڪ سکر ساڌ ٻيلي ۾ سنڌو درياھ جي حوالي ڪئي. انھيءَ موقعي تي فشرفوڪ فورم جا نمائندا ۽ ڪتاب جو ليکڪ به انھيءَ قافلي ۾ شامل ھئا.
ڪتاب ۾ تاريخي ماڳ مڪانن جي باري ۾ به تفصيلي روشني وڌي وئي آھي. خاص طور تي سمنڊ ۾ موجود رتوڪوٽ، مورڙو ميربحر جو واقعو، ابراھيم حيدري جي تاريخ، بابا ڀٽ ٻيٽ، منگھوپير ۽ شاه پور ڊيم جي باري ۾ به ڄاڻ ڏني وئي آھي.
سماجي تنظيمن ۽ ادارن جو ذڪر ڪندي ليکڪ نشاندھي ڪئي آھي ته سماج ۾ سندن ڪھڙو ڪردار ۽ ڪم آھي، ۽ عام ماڻھن لاءِ اھي ڪيتري قدرڪارگر ثابت ٿين ٿيون.

ٿيٽر جي باري ۾ به ھڪ باب ڪتاب ۾ شامل آھي جنھن ۾ ايوب خاصخيلي لکي ٿو ته ٿيٽر جي ابتدا 2500 قبل مسيح مصر کان ٿي، جنھن کي باقاعده فن جي شڪل ۾ يونان جي ماڻھن پيش ڪيو. ان کان پوء ٿيٽر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پروان چڙھيو جن ۾ برطانيه، اٽلي، فرانس، روس، چين ۽ ھندوستان ۾ به ٿيٽر ڊراما ڪافي مقبول ۽ مشھور ٿيا. پاڪستان ۾ به ٿيٽر تي طبع آزمائي ڪئي وئي آھي. موجوده دور ۾ به ٻيھر ان طرف ڌيان ڏنو وڃي پيو۔ فشرفوڪ فورم طرفان به ماھيگيرن جي مسئلن تي ٿيٽر پيش ڪيا ويا آھن۔
ھڪ باب ۾ اٺن عظيم ماھيگيرن جو ذڪر ٿيل آھي جن جون سماج ۽ سمنڊ ۾ عام ماڻھن جي لاء ڏنل قربانين ۽ جدوجھد جو ذڪر ٿيل آھي. ان کان علاوه ريڙھي ڳوٺ جي دبلو پاڙي جي ماھيگير بھادر عورت مائي امي جي زندگي ۽ ان جي ھمت حوصلي تي به لکيو ويو آھي۔
ڪتاب جي آخر ۾ سامونڊي ماھيگيرن جي لاءِ ليکڪ ايوب شان خاصخيلي جي شاعري به ڏنل آھي. ڪتاب جي بئڪ سائيڊ تي به ”سارا سمندر اپنا ھي“جي عنوان سان ٽن بندن تي مشتمل شاعري ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آھي۔
_________

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.



