Editor's pickMain Slideدنيا

لبنان بہ جنگ جي باهه جي گهيري ۾: هڪ خوني صبح ۽ وڏي پيماني تي لڏپلاڻ

هن بمباريءَ جي نتيجي ۾ رهائشي علائقن ۾ وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. لبناني صحت واري وزارت جي انگن اکرن موجب، شهيدن جو انگ 50 تائين پهچي ويو آهي ۽ 350 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.

غنا حالڪ

بيروت: لبنان گذريل سومر جي پرهه ڦٽيءَ مهل امن امان جي بدترين صورتحال کي منهن ڏنو، جڏهن اسرائيلي جهازن بيروت جي ڏاکڻين مضافات، ڏکڻ لبنان ۽ بقاع جي علائقن تي اوچتو ۽ پرتشدد حملن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو.

​هيءَ شدت پسندي جنگبنديءَ جي معاهدي کان لڳ ڀڳ ڏيڍ سال پوءِ سامهون آئي آهي، جنهن دوران اسرائيل ”دهشتگردي خلاف جنگ“ جي بهاني ڪيترائي ڀيرا ڳوٺن تي گولا باري ڪري ۽ عام شهرين کي نشانو بڻائي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي. مارجي ويلن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي هئي.

​ڏکڻ مان وڏي پيماني تي لڏپلاڻ

هن بمباريءَ جي نتيجي ۾ رهائشي علائقن ۾ وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. لبناني صحت واري وزارت جي انگن اکرن موجب، شهيدن جو انگ 50 تائين پهچي ويو آهي ۽ 350 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.

​هن اوچتي حملي سبب لڏپلاڻ جو هڪ وڏو بحران پيدا ٿي پيو آهي؛ هزارين خاندان باهه جي برسات ۾ پنهنجا گهر ڇڏي گاديءَ واري شهر (بيروت) ۽ جبلن وارن علائقن ڏانهن لڏي ويا آهن. هينئر تائين لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جو انگ 3 لک 50 هزار تائين پهچي چڪو آهي.

​اڄڪلهه ڪا به جڳهه محفوظ ناهي

جڏهن پناهه گاهون ۽ اسڪول پنهنجي گنجائش کان وڌي ويا، ته ڪيترائي ماڻهو سخت موسم ۽ بدترين معاشي بحران جي وچ ۾ رستن تي يا پنهنجي گاڏين ۾ سمهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

​مان هي مضمون گاديءَ واري شهر جي آسمان تي ڊرون جهازن جي مسلسل گونج ۽ گولا باري جي ان گجگوڙ ۾ لکي رهي آهيان، جيڪا خوف وچان انتظار جي خاموشيءَ کي چيري رهي آهي ۽ وقفي وقفي سان منهنجي گهر جي ديوارن کي لوڏي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ عالمي سطح تي اهو خوف پيدا ٿي ويو آهي ته متان هي خطو هڪ مڪمل جنگ جي گهيري ۾ نه اچي وڃي.

​____________

  غنا حالڪ صحافي ۽ ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جي ميمبر آھي. خبر جو ذريعو The AsiaN

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button