Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

عالمي امن لاءِ دعائن سان بنگلاديش ۾ رٿ ياترا جو ڏڻ ملھائيو ويو

لڳاتار نَوَ ڏينھن ھلندڙ هن مذهبي ڏڻ دوران مختلف رسمون ادا ڪيون ويون. راڄڌاني ڍاڪا جي مختلف مندرن ۾ هندو برادريءَ جي وڏي تعداد رٿ ياترا جي هن ڏڻ ۾ شرڪت ڪئي.

نمائندي وٽان

ڍاڪا: هر سال وانگر، بنگلاديش ۾ به سِناَتن (هندو) ڌرم جو رٿ ياترا ڏڻ عالمي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعائون گهري ملهائيو ويو.

لڳاتار نَوَ ڏينھن ھلندڙ هن مذهبي ڏڻ دوران مختلف رسمون ادا ڪيون ويون. راڄڌاني ڍاڪا جي مختلف مندرن ۾ هندو برادريءَ جي وڏي تعداد رٿ ياترا جي هن ڏڻ ۾ شرڪت ڪئي. مندرن ۾ شري جڳن ناٿ ديو جي پوجا پاٺ کانپوءِ عقيدتمند دعائن لاءِ گڏ ٿيا.

هنن عالمي امن سان گڏوگڏ ملڪ ۽ قوم جي بهبود ۽ خوشحاليءَ لاءِ به دعائون گهريون. پهرين ڏينهن جي پوڄا کانپوءِ، جڳن ناٿ ديو جي رٿ ياترا شهر جي سوامي باغ آشرم کان شروع ٿي. اها مختلف چوراهن تان گذري ڍاڪيشوري قومي مندر وٽ ختم ٿي.

هن ۾ سناَتن ڌرم جي پيروڪارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پهرين ڏينهن جي پروگرام ۾ مباحثا، رنگارنگ رٿ جلوس، ڀڳوت تي بحث، هري نام سنڪيرتن، مذهبي ۽ ثقافتي پروگرام، ناٽڪن جو مظاهرو، ٻارن لاءِ مختلف مقابلا ۽ مھاپرشاد جي تقسيم شامل هئي.

روايتي مذهبي ريتن رسمن موجب، اها رٿ ياترا آشاڙهه مهيني جي چانڊوڪيءَ جي ٻئي ڏينهن کان شروع ٿيندي آهي ۽ واپسيءَ جي رٿ (الٽو رٿ) اڪادشي ٽٿي تي شروع ٿيندي آهي.

پهرين ڏينهن، ياترا جتان شروع ٿيندي آهي، اٺن ڏينهن کانپوءِ اها واپس ان ئي جڳهه تي آندي ويندي آهي، جنهن کي عقيدتمند “الٽو رٿ” جي نالي سان سڃاڻندا آهن. رٿ ياترا کان اڳ مندرن ۾ مباحثا ڪيا ويندا آهن ۽ عالمي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ ’اگني هوترا يجنا‘ ڪيو ويندو آهي. هر ڀيري وانگر هن ڀيري به ۽ مکيه رٿ ياترا جو انتظام انٽرنيشنل سوسائٽي فار ڪرشنا ڪانشيسنيس (اِپسڪون) پاران ڪيو ويو هو.

هن ڏڻ جي نائين ڏينهن، اڪادشي ٽٿي تي الٽو رٿ ياترا منعقد ڪئي ويندي آهي. رٿ ياترا ڍاڪيشوري مندر کان ساڳئي رستي تان ٿيندي واپس سوامي باغ آشرم وٽ ختم ٿيندي آهي. ٻارن، عورتن ۽ مردن سميت هزارين ماڻهو هن ڏڻ ۾ شامل ٿيندا آهن.

هن ڏينهن تي، هزارين عقيدتمندن جي پرجوش نعرن سان راڄڌاني ڍاڪا الٽو رٿ ياترا جي خوشيءَ ۾ جهومي اٿندي آهي. انھن ڏينهن دوران، سوامي باغ آشرم ۾ هر روز مختلف رسمون منعقد ڪيون وينديون آهن.

رٿ ياترا جي موقعي تي ڍاڪيشوري قومي مندر جي احاطي ۾ منعقد ٿيل مباحثي واري اجلاس ۾ مذهبي اڳواڻن هم آهنگي، همدردي ۽ انساني ڀلائيءَ جا پيغام ڏنا.

خاص مهمان طور خطاب ڪندي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير ظهير الدين سوات چيو ته، “جيڪي ماڻهو ڌرم جي نالي تي سماج ۽ رياست ۾ ڦوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اهي قوم، ڌرم ۽ خدا جا دشمن آهن.” هن هر ڪنهن تي زور ڏنو ته اهي ھوشيار رهن ۽ سماج ۾ ڦوٽ وجهڻ جي هر ڪوشش کي روڪين.

اِپسڪون بنگلاديش جي اڳواڻن چيو ته هر سال وانگر هن سال به رٿ ياترا واري ڏينهن کان وٺي الٽي رٿ ياترا تائين جلوس ۾ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا هئا.

عقيدتمندن جو مڃڻ آهي ته جڳن ناٿ ديو پوري ڪائنات جو مالڪ آهي. صرف سندس ڪرم حاصل ڪري ئي ماڻهو نجات حاصل ڪري سگهن ٿا. جڳن ناٿ ديو جي رٿ ياترا جو مکيه مرڪز ۽ آستانو رياست اوڊيشا جي ساحلي شهر پوريءَ ۾ آهي. اتي ٿيندڙ رٿ ياترا جي پيروي ڪندي، جڳن ناٿ ديو جي رٿ ياترا جو ڏڻ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ملهائيندا آهن.

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button