ڪاش! ڪا سُڳنڌ سوشل ميڊيا کي ڪا سُرھاڻ بخشي!
اسان پنهنجي بيمار نفس جي بدبوءِ سان سڄي ماحول کي غليظ ڪري ڇڏيو آهي. اسان جو الميو اهو آهي ته اسان پنهنجي ذات جي سڌاري بدران ٻين جي ذاتي زندگيءَ جا واچوڙا بڻجي ويا آهيون. ڪنهن جي ڪپڙن تي بحث، ڪنهن جي جسم جي بناوٽ تي طنز، ذري ذري تي ڪردار ڪشي ڪري اخلاق ۽ بد اخلاقيءَ جون سندون ورھائڻ… ۽ الائي ڇا ڇا جيڪو ڳڻائي به نه ٿو سگهجي
هاڻي ته هيءَ ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته اسان ڪا مهذب قوم ناهيون. شايد صديون اڳ هئا سين، جڏهن اسان جي مٽيءَ مان محبت جي هٻڪار ايندي هئي، لڄ جي، پنھنجن پراون ننگن جي تحفظ جي، پر اڄ اسان رڳو ھام ٿا ھڻندا وتئون ته اسان ھزارين سال قديم تھذيب جا مالڪ، وارث….

ساڀيان سانگي
جڏهن به قلم کڻي ڪجهه رنگن جي رومانس تي، ڪنھن جيءَ جي جوتيءَ تي، من جي موتيءَ تي، چنڊ جي چاھ تي، روح جي رقص ۽ راڳ تي يا ڪنھن به حسين احساس جي اکرن جي اڻت ڪري لکڻ ويهجي ٿو، ته اوچتو اسڪرين تي ڪا اهڙي خبر يا تبصرو اچي ڪڙڪي ٿو، جيڪو روح کي جهنجھوڙي رکي ٿو.
من جي مورڻي نرت ڪرڻ بنا ئي نڍال ٿي پازيب لاھي ڦٽي ٿي ڪري ڇڏي. ڪئنواس ڪورو ٿو رھجي وڃي جنھن تي برھ جي رنگن جا برش ساڀيان جي آڱرين سان سپنن کي سڏ ڪرڻ وارا ھئا.
اسرندڙ اجرا عڪس اوندهه ٿي ٿا وڃن…
منظر نامو بدلجي ئي نٿو،
ساڳي ئي نياڻي، ساڳو ئي قھر، ڪجھ اڳي کان به اڳتي،
ٽي سال عمر… سَتُ ڇا ھوندس؟وِتُ ڪيترو ھوندس؟ قتل ڪئي وئي ؟؟؟؟؟
ھانءُ نه ڦاٽندو؟
ساڳي ناري،
ساڳي ڪاري، غيرت جي نالي تي، ساڳيو وحشي پڻو ۽ سماج جي ساڳي ئي بي حس حيرت!
ڪوئي پنھنجي ئي مڱينديءَ جو گئنگ رئپ ڪرائي کيس ماري ٿو ڇڏي، ڪوئي پنھنجي نئين ڪنوار کي شاديءَ رات الائي ڪھڙي وحشي پڻي جو کاڄ ٿو بڻائي جو ھن ويچاريءَ جا آنڊا ئي نڪري ٿا اچن( لکندي سڏڪا نه ٿا بيھن، ھٿن سان گڏوگڏ پورو وجود ٿو ڏڪي، ته انھن جو ڇا حال ھوندو جن جي ھوءَ نياڻي ھوندي)
دل چوندي آهي ته هنن ڏھڪائيندڙ سچاين کان پري هلي وڃان. سڀ ڪجهه تياڳي، اکيون پوري، ڪن ٻوساٽي، انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي ٿي وڃان ، جيئن نه ڪجهه اکيون ڏسي ڏوھ پسن ۽ نه ئي ڪجهه ڪنن کي وحشتن جا وار ٻڌڻ ۾ اچن. پر پوءِ ذهن جي ديوارن ۾ سوال ڪوڪا ٿي ٽنبجن ٿا ته: ايئن ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟
جواب ملي ٿو، ڪجهه به نه!
دل ته چاهي ٿي رڙيون ڪري چوان ته بس ڪريو! هاڻي ته هيءَ ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته اسان ڪا مهذب قوم ناهيون. شايد صديون اڳ هئا سين، جڏهن اسان جي مٽيءَ مان محبت جي هٻڪار ايندي هئي، لڄ جي، پنھنجن پراون ننگن جي تحفظ جي، پر اڄ اسان رڳو ھام ٿا ھڻندا وتئون.
ته اسان ھزارين سال قديم تھذيب جا مالڪ، وارث….
پر سچ اھو آھي ته افعال ته ڪو بہ نہ ٿو لڀي ھاڻي اسان ۾.
ڀٽائيءَ کي پنهنجو مرشد ته مڃون ٿا، سندس عشق جي بيتن جا حافظ به بڻجون ٿا، پر عملي طور عاشقن کي “ڪارو” ڪري سندن ئي ڳاڙهي رت ۾ هٿ رڱڻ اسان جو مشغلو بڻجي ويو آهي. مڃيو يا نه مڃيو، اسان تهذيب جي نالي جو رڳو هڪ ماسڪ پائي ويٺا آهيون.
اسان جو الميو اهو آهي ته اسان پنهنجي ذات جي سڌاري بدران ٻين جي ذاتي زندگيءَ جا واچوڙا بڻجي ويا آهيون. ڪنهن جي ڪپڙن تي بحث، ڪنهن جي جسم جي بناوٽ تي طنز، فلاڻو/ فلاڻي ايڏو سنھو به نه ٿو ٺھي، فلاڻي جو گوشت ته جيڏانهن ڪيڏانهن پيو لڙڪي جھڙا ڪڌا لفظ، ذري ذري تي ڪردار ڪشي ڪري اخلاق ۽ بد اخلاقيءَ جون سندون ورھائڻ… ۽ الائي ڇا ڇا جيڪو ڳڻائي به نه ٿو سگهجي،
ڪم ناھي ڏسڻو، پر
ڪنهن جي “رئي” نه پائڻ تي اعتراض يا ڪنھن جي”پينٽ” پائڻ تي فتوي بازي ڪرڻ اولين فرض آهي.
اسان پنهنجي بيمار نفس جي بدبوءِ سان سڄي ماحول کي غليظ ڪري ڇڏيو آهي.
سوشل ميڊيا جو حال ته اهو آهي جو شل نه ڪو هڪڙو ماڻهو ڪنهن جي پٺيان لڳي، پوءِ ته سڄو ڌڻ ان ئي گس تي هلي ٿو پوي، ڄڻ ته ڪو وڏو معرڪو سر ڪرڻو هجي!
ڪو خير جو ڪم ھجي، جي ھٿ نه ڳنڍيو ته جنت ھٿئون نڪري ويندي، معاملو ڪيترو به غير اهم ڇو نه هجي، پر اسان کي پنهنجي “صلاحيتن” جو نماءُ ٻين جي پڳ لاهڻ ۾ ئي نظر اچي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته فيسبوڪ ۽ هي سڄي ڊجيٽل دنيا پنهنجو مٿو پٽيندي هوندي ته ڇا مان ان ڪري ايجاد ٿي هيس ته هڪ مهذب سڏائيندڙ قوم هتي اچي رڳو پنهنجي اندر جو گندُ اڇلائيندي؟
جيءَ جا جلترنگ وڄائي ڪي دلين جا درد نه مٽائيندي ؟
_______________

شاعر ۽ اديب ساڀيان سانگي ڪراچيءَ جي ھڪ سرڪاري ڪاليج ۾ پروفيسر آھي. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا ڇپجي چُڪا آھن



