Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

پيئڻ جي پاڻيءَ ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جي سِرشتن کان وانجھيل 21ھين صديءَ جي سنڌ

سنڌ ۾ انھن مسئلن جي حل لاءِ عالمي مثالن مان سبق حاصل ڪندي قدم کڻڻا پوندا، پر سڀ کان وڏو سبق پنھنجي ڌرتيءَ سان سچائيءَ جو حاصل ڪرڻو پوندو. انھيءَ لاءِ سموري سنڌ ۾ جاڳرتا مھم ھلائڻ سان گڏ سرڪاري ڪامورن، انجنيئرن، ٺيڪيدارن توڙي ٻين لاڳاپيل ماڻھن کي سڌو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجھڻو پوندو. ٻي حالت ۾ ايڪيھين صدي تہ ڇا، ٻاويھين صديءَ ۾ بہ اھڙي ئي رھندي.

ھٿرادو ڏاھپ سان تيار ڪيل ھي تصوير سنڌ جي عڪاسي ڪري ٿي

نصير اعجاز 

ٻہ سال کن اڳ ڏکڻ ڪوريا مان ھڪ دوست آيو تہ ڪراچيءَ ۾ ڀڳل ٽُٽل روڊ رستا، کُليل گٽر ۽ رستن گھٽين ۾ وھندڙ گٽرن جو گندو پاڻي ۽ گندگيءَ جا ڍير ڏسي حيران ٿي ويو ھو. حيران ٿيڻ جھڙي ڳالھ بہ ھئي. جنھن مُلڪ جو ھُو ھيو، اُتان جي ڀيٽ ۾ ھيءُ ھڪ اڻ سڌريل مُلڪ ٿي لڳو. تازو ئي وري آمريڪا ۾ آباد ھڪ سنڌي سنگتي سنڌ آيو تہ افسوس ڪندو رھيو تہ ھتي ورھين کانپوءِ بہ ڪا تبديلي ڪانہ آئي آھي. بجليءَ جي ڊگھي لوڊ شيڊنگ، گيس بند، پاڻيءَ جي کوٽ، ڀڳل رستا ۽ وھندڙ گٽر ۽ گندگيءَ جا ڍير ڏسي ٻہ ڳالھيون ٻُڌايائين. ھڪ قصو آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شھر ڊينٽن Denton جو ھو، جتي اتفاق سان ھڪ رستي جي پاسي ۾ گٽر جو پاڻي پي وھيو ۽ ڪنھن گاڏيءَ جي لنگھڻ سان گندي پاڻيءَ جون ڦڻنگون فُٽپاٿ تان ويندڙ عورت کي لڳيون تہ ھُن سٽي حڪومت خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. سندس شڪايت تي عدالت ڪجھ ڏينھن اندر ئي فيصلو ڏئي ڇڏيو جنھن موجب سٽي گورنمينٽ تي ڳرو ڏنڊ وڌو ويو ۽ حڪم ڏنو ويو تہ اھا رقم شڪايت ڪندڙ عورت کي ادا ڪئي وڃي، جڏھن تہ گٽرن جو ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار ڪمپنيءَ جي مالڪ کي قيد جي سزا ٻُڌائي وئي.

اھو تہ ھيو اتفاق سان وھندڙ گٽر جو قصو. وري بنيادي سھولتن جي فراھميءَ تي ھُن ٻڌايو تہ نيبراسڪا رياست  ۾ ڪجھ گھرن تي مشتمل ھڪ ننڍڙو ڳوٺ مونووي Monowi  نالي سان آھي جتي صرف ھڪ اڪيلي ٻُڍڙي عورت رھي ٿي. يعني ڳوٺ جي ڪُل آبادي ھڪ عورت تي مشتمل آھي، پر اُتي سموريون بنيادي سھولتون ميسر آھن. انھيءَ عورت کي ئي ميئر جو عھدو بہ حاصل آھي. سندس ڳالھ ٻُڌي مون بعد ۾ گُوگل تي سرچ ڪيو تہ سنگتيءَ جي ڳالھ صحيح نڪتي. سال 2010 جي آدمشماريءَ موجب اُتي صرف ھڪ عورت ايلسي آئلر  اڪيلي رھندي ھئي پر سموريون جديد سھولتون ميسر ھيس. سال 2000 ۾ ڳوٺ جي ابادي ٻن ڄڻن تي مشتمل ھئي ۽ اھو ٻيو فرد سندس مڙس ھو جيڪو فوت ٿيو تہ ھُوءَ اڪيلي رھجي وئي. کيس ئي ميئر، لائبريرين، ڪلارڪ ۽ اڪائونٽنٽ جو عھدو مليل ھو. اھو ڳوٺ ۽ عورت اڄ بہ موجود آھن. 

مونووي آمريڪا جي ھڪ ديسي ٻوليءَ جو لفظ آھي جنھن جو مطلب آھي گُل. اُن علائقي ۾ گُل جام ٿيندا ھئا جنھن ڪري اھو نالو پيو. ھاءِ وي تي ڳوٺ ھجڻ ڪري بعد ۾ ڳوٺ ٻاھران ھڪ ريسٽورنٽ کولي وئي.  1930 ۾ ڳوٺ جي آبادي 150 ماڻھن تي ٻڌل ھئي جيڪا پوءِ گھٽجندي وئي. 1902 ۾ اتي پوسٽ آفيس بہ  قائم ٿي ھئي.

انھيءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي ڏسجي ٿو تہ افسوس ٿئي ٿو جتي ڪنھن بہ شھر، وستي واھڻ ۾ ڪا بہ بنيادي سھولت موجود ناھي. ٻيو تہ ٺھيو رُڳو گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراھميءَ کي ڏسجي تہ ڪراچيءَ سميت ڪنھن ھڪ بہ شھر کي مثالي نٿو سڏي سگھجي. انھيءَ ڳالھ جو احساس شدت سان ٿئي ٿو جڏھن نہ رُڳو سوشل ميڊيا تي سنڌ جي ڪجھ شھرن جي رستن ۽ گھٽين ۽ رستن تي گندي پاڻيءَ جي تلائن جا فوٽو ڏٺم پر پاڻ بہ گھڻن ئي ڏينھن کان پوءِ گھران نڪتس  تہ ڪراچي شھر جي اڪثر رستن کي گٽر جي پاڻيءَ ۾ ٻُڏل ڏٺم.

سنڌ جو اھڙو حال يا بدحالي اڄ جي ڳالھ ڪانھي. ايامن کان سنڌ ايئن ئي آھي. گھٽ ۾ گھٽ مون تہ پنھنجي ننڍپڻ کان سنڌ کي ايئن ئي ڏٺو آھي.  رستا ڀڳل، پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراھمي يا گندي پاڻيءَ جي نيڪال وغيرہ جو ڪو سرشتو نہ ھجڻ. اڳي بيشڪ گھرن ۾ يا اوڙي پاڙي ۾ کُھيون ۽ کوھ ھوندا ھئا تہ جَر جو صاف پاڻي مُھيا ھوندو ھو، ھوريان ھوريان جَر جو پاڻي زھريلو ٿيندو ويو ۽ کوھ بہ ختم ٿيندا ويا. ھٿ جا نلڪا بہ زھريلي پاڻيءَ سبب ناڪام ٿي ويا. ھاڻي اھو پاڻي ڪپڙا لٽا ڌوئڻ يا وھنجڻ لاءِ تہ استعمال ٿئي ٿو پر پيئڻ جو پاڻي ھٿ ڪرڻ لاءِ ماڻھن کي وڏا جتن ڪرڻا پون ٿا. ان لاءِ مان پنھنجي ڳوٺ ڀريا جو ئي مثال ڏيڻ ڪافي سمجھان ٿو جتي ماڻھو روھڙي ڪئنال جي ڪپ تي لڳل نلڪن مان پاڻي ڀرين ٿا ڇو تہ اُتي وري بہ ڪجھ بھتر پاڻي آھي. اھڙا اطلاع سنڌ جي ٻين علائقن مان بہ ايندا رھن ٿا.

ڀريا ۾ 1990 واري زماني ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم تيار ٿي. اوورھيڊ ٽينڪ تعمير ٿي ۽ شھر جي ڪجھ علائقن تائين زيرزمين پائيپ لائينون بہ وڇايون ويون پر اوچتو ئي اوچتو ڪم بند ٿي ويو ۽ ڪروڙين رُپين جي اھا رِٿا ايئن رُلي وئي ۽ وري ڪڏھن بہ انھيءَ تي ڪم شروع ڪونہ ٿيو. جن شھرن ۾ واٽر سپلاءِ جو سرشتو قائم ٿيو، اُتي پاڻيءَ جي ٽانڪين ۾ ڪُتا ٻلا مئل نظر ايندا ھئا.

گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي جي حوالي سان سموري سنڌ جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ مان وري بہ پنھنجي ڳوٺ ڀريا جو ذڪر ڪندس جيڪو نوشھري فيروز ضلعي جو تعلقي ھيڊڪوارٽر آھي. ھاڻي تہ ھيءُ شھر گھڻو پکڙجي ويو آھي پر اصل پُراڻي آبادي روايتي نموني ھڪ دڙي تي ھئي جتان گھرن جو گندو پاڻي کُليل نالين ذريعي وھي شھر جي ھيٺانھينءَ تي ھڪ وڏي کڏ ۽ دُٻن ۾ وڃي پوندو ھو. پر وڏي کڏ شھر جي ٻن پاسن کي گھيري وئي ھئي، جيڪا ھاڻي ذري گھٽ ٽئين پاسي جو کوڙ حصو والاري وئي آھي. چوٿين پاسي قبرستان جي ڀرسان ننڍا دُٻا بہ ھاڻي ھڪ کڏ جي شڪل اختيار ڪري ويا آھن. ڪنھن زماني ۾ اسان ڏٺو تہ يونين ڪائونسل جو صفائيءَ جو عملو نالين جي صفائي ڪري جيت جڻين کي ناس ڪرڻ لاءِ چُن جو ڇڻڪار ڪندو ھو. شھر جي ٻاھرين حصن ۾ گھرن جي ٻاھران ھوديون ٺھيل ھونديون ھيون جن مان صفائيءَ جو عملو، جن کي ٻالا سڏبو ھو، گڏھ گاڏي تي رکيل ڊرم ڀري شھر کان ٻھر ڪچي ۾ اھو پاڻي ھاريندا ھئا. اھو سمورو سرشتو ختم ٿي ويو.

مونکي ياد آھي تہ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪن سرڪاري ادارن، خاص طور رورل ھيلٿ سينٽرن ۾، جتي  اسپتال سان گڏ ڊاڪٽر ۽ ٻئي اسٽاف لاءِ رھائشي گھر ھوندا ھئا، اُتي واٽر سپلاءِ لاءِ ٽيوب ويل ۽ اوور ھيڊ ٽينڪ ھوندي ھئي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ اھڙو سسٽم ھيو جو گندو پاڻي وھي ھڪ کوھ ۾ پوندو ھو، جتان  وري اھو پاڻي ٻنين ۾ نيڪال ڪيو ويندو ھو. انھيءَ کي   Septic Tank Effluent Drainage System  سڏيو ويندو آھي. مونکي خبر ناھي تہ انھن صحت مرڪزن ۾ اھو سرشتو اڄ بہ آھي يا نہ، پر پڪ اٿم تہ وقت سان گڏ اھو سرشتو بہ تباھ ٿي چُڪو ھوندو.

سنڌ جي ٻين شھرن جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي. رُڳو ٽرين ۾ چڙھي سفر ڪريو تہ ريلوي لائين جي ٻنھي پاسي آبادين جي ٻاھران گندي پاڻيءَ جا تلاءَ نظر ايندا. شھرن جو گندو پاڻي واھن ۾ ڇڏڻ جو تہ وڏو مثال موجود آھيم جنھن جي خلاف شھاب سھتي ايڊووڪيٽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ھئي. عدالت حڪم بہ جاري ڪيا، ڪميٽي بہ ٺھي پر وريو ڪجھ بہ ڪونہ.  شھري آباديءَ جو گنو پاڻي تہ پنھنجي جاءِ تي پر ھتي تہ ڪارخانن جو زھريلو مادو بہ واھن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو ۽ ادارا ماٺ ڪيو ويٺا آھن. ڳالھيون گھڻيون آھن، ڪھڙيون ڪھڙيون ونڊجن. پر انھيءَ ۾ ڏوھ ڪنھن جو آھي؟ انھن ٻنھي شعبن ۾ پئسو بہ جام اچي ٿو پر ڪم ڪجھ بہ نٿو ٿئي. بدعنوان ڪامورا، ملازم، انجنيئر، ٺيڪيدار ۽ ٻيا سڀ گڏجي سنڌ کي برباد ڪري رھيا آھن. سوال آھي تہ اھي ڪير آھن؟ اھي اسان جا پنھنجا ئي تہ آھن. ڏوھ ڪنھن ڌارئي کي ڏيون؟

حقيقت ھيءَ آھي تہ  سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراھمي ۽ نيڪال هڪ حساس، بنيادي صحت ۽ ماحول جو مسئلو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ جامع، عملي ۽ مسلسل نگرانيءَ وارو نظام ۽ انھيءَ سان گڏ سچائي، نيڪ نيتي ۽ ايمانداري گهربل آهي، جنھن جي اسان وٽ کوٽ آھي، بلڪ مان تہ چوندس تہ اھي خاصيتون اسان وٽ آھن ئي ڪونہ. اسان ھڪ ڇڙواڳ قوم آھيون، جنھن کي تھذيب جي دڳ تي آڻڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. دنيا جي ٻين مُلڪن کي ڏسون ٿا تہ اُھي تمام گھڻو اڳتي نڪري چُڪا آھن. اڪثر ملڪن ۾ تہ روڊ تي ٿُڪ اڇلائڻ يا سگريٽ پي ٽوٽو يا ڪاڳر جو ڪو ٽُڪر اڇلائڻ تي بہ ڏنڊ پوي ٿو، پر ھتي ميونسپل قانون ھوندي بہ عمل نٿو ٿئي. ڪير سمجھدار سيبتو ماڻھو ڪنھن ٻئي کي اھڙي ڪم کان روڪي بہ نٿو سگھي. جيجڏھن روجي تہ جھيڙا ٿيو پون.

سنڌ ۾ انھن سمورن مسئلن جي حل لاءِ عالمي مثالن مان سبق حاصل ڪندي قدم کڻڻا پوندا، پر سڀ کان وڏو سبق پنھنجي ڌرتيءَ سان سچائيءَ جو حاصل ڪرڻو پوندو. انھيءَ لاءِ سموري سنڌ ۾ جاڳرتا مھم ھلائڻ سان گڏ سرڪاري ڪامورن، انجنيئرن، ٺيڪيدارن توڙي ٻين لاڳاپيل ماڻھن کي سڌو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجھڻو پوندو. ٻي حالت ۾ ايڪيھين صدي تہ ڇا، ٻاويھين صديءَ ۾ بہ اھڙي ئي رھندي.

__________________   

نصير اعجاز ڪراچي سنڌ ۾ رھندڙ سينئر صحافي، محقق ۽ شاعر ۽ يارھن ڪتابن جو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

2 رايا

  1. سائين تمام جامع انداز ۾ اوهان پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ ۽ معاشري جي ذميوار ماڻهن بابت ڳالهه وائکي ڪئي آهي. اميد ڪجي ٿي ته هڪ ڏينهن پاڻ به سڌريل معاشرن وانگر پاڻي جي نلڪين مان پاڻي واپرائينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button