موبائل فون فوبيا، ھڪ نئون مرض
هونءَ ته مختلف قسم جي فوبيائن( Phobia) جي هڪ وڏي فهرست موجود آهي پر هاڻي ان ۾ هڪ ٻي فوبيا جو واڌارو ٿيوآهي، بي بي سي مطابق جنهن کي نوموفوبيا ( Nomophobia ) چئجي ٿو
ھانگ ڪانگ جي سب وي ۾ ھڪ عورت اوچتو روڄ پِٽڪو شروع ڪيو ڇو تہ سندس موبائل فون جي چارجنگ ختم ٿي وئي. چين ۾ واٽ ويندي موبائل ۾ اکيون کُتل ھئڻ سبب ھڪ مائي وڃي پاڻيءَ ۾ ڪِري. چين ۾ ھلندي ھلني موبائل فون استعمال ڪرڻ وارن لاءِ الڳ فُٽپاٿون آھن
انجنيئر عبدالله عثمان مورائي
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄڪلهه جي دنيا ۾ موبائل فون رابطي جو تڪڙو ذريعو آهي، نه صرف رابطو پر موبائل فون بئنڪ به آهي ته وري اخبار به، ڪئميرا به ته تفريح پڻ، رستو ڳولهڻ جو ذريعو به ته مٿان وري موسيقي ٻڌڻ جو اوزار پڻ. ٻيون به الائي ڪيتريون شيون آهن جيڪي اڄڪلهه ماڻهون موبائل فون ذريعي ڪري ٿو، پر چوندا آهن ته هر شئي جي هڪ حد هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو اها حد پار ڪري ته پوءِ اها شئي عام رواجي نٿي رهي ۽ ان جا نتيجا ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿا جيڪي ڪنهن بيماري جي شڪل به اختيار ڪري سگهن ٿا.

برطانيه جي اخباربزنس انسائيڊر ( Business Insider ) پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ اها خبر هلائي هئي ته هانگ ڪانگ جي سب وي ( زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي) ۾ هڪ مائي اوچتو روئڻ شروع ڪيو ۽ سندس واڪا ويا وڌندا. ماڻهن پڇس مائي توسان خير؟ پوءِ خبر پئي ته مائي جي موبائل فون جي بيٽري ختم ٿي وئي ۽ پاڻ بيچيني جي ڪيفيت ۾ هلي وئي ۽ سڄي ريل گاڏي کڻي مٿي تي کنيائين. ٻي هڪڙي خبر مطابق چين ۾ هڪ مائي کي پاڻيءَ جي نالي مان ٻاهر ڪڍي بچايو ويو، اها مائي به پنهنجي موبائل فون جي اسڪرين ۾ اکيون کُپايو پنهنجي پاڻ ۾ مگن هئي ۽ تان جو خبر پئي ته ڌو پاڻيءَ جي نالي ۾. اهڙا ٻيا به کوڙ مثال موجود آهن جنهن ۾ پاڻ ڏسي سگهون ٿا ته ماڻهو موبائل فون ۾ ڪيترو مگن آهن ۽ گهڻن ماڻهن وٽ هر هنڌ موبائل فون هٿ ۾ ۽ اکيون فون جي اسڪرين تي آهن .
هتي سئيڊن ۾ ته هونءَ ئي معاشرو الڳ ٿلڳ رهڻ جو عادي، مٿان وري نون نون فونن جي ڀرمار، ماڻهن جي رهيل سهيل ٿوري گهڻي ميل ملاپ واري زندگي کي ڏور ڪري ڇڏيو آهي، ڀلي ڇونه وڏا وڏا خريداري جا سينٽر هجن يا ريسٽورنٽ، ريل گاڏي هجي يا بس يا کڻي جهاز هر هنڌ ماڻهو پنهنجين موبائل فونن ۾ رڌل آهن ۽ مٿان وري جيڪڏهن ڪو ماڻهو فون استعمال نه ڪندو هجي ته هو پاڻ کي محسوس ڪندو ته ڄڻ ڪنهن ٻئي سياري تان ڌرتي تي آيو هجي. ٻيو وري جيڪڏهن تمام گهڻي موبائل فون استعمال ڪرڻ واري جي موبائل فون جي بيٽري ختم ٿئي يا فون هلڻ بند ٿي وڃي ۽ ماڻهو هڪ قسم جي بيچينيءَ واري ڪيفيت ۾ هليو وڃي ته انکي سمجهڻ گهرجي ته هو هڪ قسم جي بيماريءَ ۾ وٺجي چڪو آهي.جيئن پاڻ مٿي هانگ ڪانگ واري مائي جي روئڻ جو قصو پڙهيو.

هونءَ ته مختلف قسم جي فوبيائن( Phobia) جي هڪ وڏي فهرست موجود آهي پر هاڻي ان ۾ هڪ ٻي فوبيا جو واڌارو ٿيوآهي، بي بي سي مطابق جنهن کي نوموفوبيا ( Nomophobia ) چئجي ٿو . جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته موبائل کان پري ٿيڻ جي فوبيه. نونوموفوبيا نو مور موبائل فون فوبيه ( No More Mobile Phone Phobia ) مان نڪتل آهي. ماڻهو اڄڪلهه ايترا ته فونن ۾ مگن آهن جو مختلف ملڪن جي حڪومتن ان بابت احتياطي اپاءَ وٺڻ شروع ڪيا آهن جيئن مثال طور چين ۾ ڪجهه علائقن ۾ فوٽ پاٿ (Foot Path ) کي ٻن مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ پاسي عام ما ڻهو جن کي اتي موبائل فون استعمال ڪر ڻ جي اجازت ناهي ۽ ٻئي پاسي رڳو موبائل فون استعمال ڪرڻ وارا پنهنجي ذميواري تي هلي سگهن. هتي سئيڊن ۾ ڊرائيونگ سکڻ جي ڪتابن ۾ وري واضع لکيل آهي ته زيبرا ڪراس ( Zebra Cross ) پار ڪرڻ وقت انتهائي محتاط رهڻو آهي جو ائين نه ٿئي ته ڪو واٽ ويندڙ موبائل فون ۾ مگن هجي ۽ گاڏي طرف سندس خيال نه هجي ۽ ماڻهن کي به تنبيه ٿيل آهي روڊ پار ڪرڻ مهل فون استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو، پر سائين پاڻ ڪٿي ٿا مڙون.

اڳي چوندا هئا ٻوڙو کلي ٻه دفعا ، هاڻي آءُ سمجهان ٿو موبائل ۾ مگن کلي ٻه دفعا. ٻوڙي واري ڳالهه کان هٽي ڪري ڏسجي ته تمام گهڻي موبائل استعمال ڪرڻ جا معاشري ۾ وڌيڪ اگرا نتيجا ظاهر ٿي رهيا آهن جيئن تحقيق ڪندڙن جو خيال آهي ته پنهنجي پاڻ کي موبائل فون ۾ ايترو مصروف رکڻ سان هڪ ته اسان پنهنجي پاڻ ۾ مگن رهڻ وارو معاشرو پيدا ڪري رهيا آهيون جتي ماڻهن جو ميل ملاپ ۽ پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وارو رجحان ختم ٿيندو پيو وڃي جنهن جي هتي اولهه جي ماڻهن بهتر طريقي سان وضاحت ڪئي آهي ته پاڻ گهڻي موبائل استعمال جي ڪري ائنٽي سوشل سوسائٽي ( Anti Social Society ) پيدا ڪري رهيا آهيون ۽ ٻيو ان سان رشتن ۾ به ڏار پئجي رهيا آهن، زال مڙس ۾ غلط فهميون پڻ پيدا ٿين ٿيون. گهڻي موبائل استعمال ڪرڻ جا صحت تي پڻ نقصان ٻڌايا پيا وڃن، معاشرو ڀڄ ته پڄانءِ واري صورتحال ما پيو گذري، جتي نئين موبائل آئي ناهي ۽ ماڻهو پوئين موبائل مان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهن ته جيئن سڀني کان پهريان اها بازار ۾ آيل نئين فون مون وٽ هجي. مٿان وري جيڪڏهن ڪنهن ۾ اها نئين موبائل وٺڻ جي طاقت نه هجي ته رهندو معاشرو مايوسي جو شڪار.

آمريڪا ۾ اهڙن عادي ماڻهن لاءِ هڪ ڪمپني جنهن جو نالو ئي آهي نو فون( No Phone ) ڪوڙيون فونون(Fake Phones ) ٺاهيون آهن ۽ سندن مقصد آهي ته عادي ماڻهو اهي فونون وٺن يا انهن کي انهن جا مائٽ اهڙي قسم جون نقلي فونون ڏين ته هو رڳو محسوس ڪن ته وٽن فون آهي باقي ان جو استعمال ڪري نه سگهن ته جيئن انهن ماڻهن کي ان بيماري کان بچائي سگهجي.
___________
سنڌ جي شھر مورو سان تعلق رکندڙ ليکڪ گرائونڊ واٽر انجنيئر ۽ سئيڊن ۾ آباد آھي. ھُو سفرناما ۽ ٻين مختلف موضوعن تي لکندو رھندو آھي



