ڪشميري عوام آزاد ڪشمير اسيمبليءَ ۾ مُھاجرن جي 12 سيٽن جو مخالف آھي
اِهي ٻارنهن سيٽون انهن مهاجرن جي لاء مخصوص آهن جيڪي هندستاني ڪشمير کان ھجرت ڪري پاڪستان آيا ۽ مختلف شهرن جا رهاڪو آهن. اهي پاڪستان جي ڪهڙي به شهر ۾ رهندا هجن پر ڪشمير اسيمبليءَ جي مخصوص سيٽن تي بيهي به سگهن ٿا ۽ ووٽ ڌيڻ جو به حق رکن ٿا .

آزاد ڪشمير جي عوام جو چوڻ آهي تہ ٻارنهن سيٽن تي چونڊجندڙ ميمبر نه هتان جي ڪشمير جا آھن ۽ نہ ئي ڪشمير ۾ رهن ٿا . اهي مھاجر لاهور ،ڪراڃي ، يا پنجاب جي ٻين شهرن ۾ 75 سالن کان رهندا اچن ٿا ۽ سندن نه ڪشمير جي مسئلن سان واسطو آهي ۽ نه ئي اتان جي عوام سان ڪو رابطو آهي. اها ڪشميري عوام سان سڌي سنئين زيادتي آهي. هو ٺڳي، دوکي ۽ طاقت جي استعمال سان کٽي اچن ٿا. آزاد ڪشمير اسيمبليءَ جي ڪُل 54 سيٽن مان 33 لوڪل ڪشميرين جو ن آهن ۽ 12 مھاجرن جون آهن، تنهنڪري ڪشمير ۾ ڪڏهن به عوامي، آزاد ۽ خودمختيار حڪومت نه ٿي ٺهي ۽ سندن حڪومت تي ملڪ جي مکيه پارٽين جو قبضو رهي ٿو ۽ انھن جي ئي ڳٺجوڙ سان آزاد ڪشمير جي حڪومت ٺهي ٿي .
انيتا پنجاڻي
قدرت جي طرفان مليل هڪ خوبصورت تحفو ، جنهن کي زمين تي جنت جو ٽڪرو سڏيو ويندو آهي. حسين ترين واديون، برفيلا پهاڙ، گرمين ۾ ھنڌين ھنڌين ٿڌي پاڻي جا وهندڙ آبشار ، جتان سنڌوندي پنهنجي پوري آب و تاب سان ۽ پوري جوش ۽ جوڀن سان گجگوڙ ڪندي ، پنهنجو رستو ٺاهيندي ، ميلن جي مسافري ڪري ، هيٺ زمين تي لهي اچي ٺٽي وٽان پنهنجي محبوب سنڌو سمنڊ سان ملندي آهي .
چوندا آهن ته “سونهن سمورو سچ “.
سچ ۾ ڪشمير جي دلفريب وادين کي پسڻ ۾ اهو سڀ سچ لڳندو آهي .
پر ڇا اُتان جا انسان جيڪي زميني جنت جا رهواسي آهن، اهي به ايترا ئي خوشنصيب آهن، جنھن جا هُو وارث آهن. ڇا هو پنھنجي پهاڙن ، پنهنجي آبشارن ، پنهنجي وادين تي ، پنهنجي وسيلن تي، جيڪي قدرتي خزانن سان مالا مال آھن، ان تي پنهنجو حاڪميت جو حق رکن ٿا ؟
ڪشمير جو هڪو وڏو حصو، (هندستان جي هندتوه جي قيد ۾ آهي) جنهن کي ڪانسٽيٽيوشنل شق 370 جي تحت هندستان قبضي م آندو ويو، پر 5 آگسٽ 2019 ۾ مودي گورنمينٽ ان کي معطل ڪري ڪشمير جي آزاد حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو. ٻئي حصي ، جوش ۽ جذبي سان ڊوگرا حڪومت مان جان ڇڏائي، پاڪستان سان الحاق ڪيو ۽ پاڻ کي آزاد ڪشمير سڏايو .
افسوس جي ڳالھ آھي ته 75 سال گذري وڃڻ کان پوء به اڄ ڪشميري اتي بيٺا آهن جتي هو 75 سال اڳ پاڻ کي سمجهن پيا، پنهنجي حقن کان محروم .
انگريزن کان آزادي هر هندستانيءَ جو خواب هيو , چاهي هُو ڪهڙي به مذهب ۽ فرقي سان تعلق رکندڙ هجي. پر جڏهن قومون وڏي عرصي تائين هڪ ڌاري قوم جي تسلط هيٺ رهنديون آهن ۽ غلامانه زندگي گذارينديون آهن ته غاضب قوتن جي رحم ڪرم تي رهنديون آهن ته اهي ذهني طور تي ڪمزور ٿي وينديون آهن، ۽ ان قوم کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۽ ورهائڻ طاقتور ڌرين جي لاء آسان بڻجي ويندو آهي. برطانيا جو تسلط دنيا جي ذري گھٽ اڌ کان مٿي دنيا تي هيو ۽ چيو ويندو هيو ته برطانيا جي راجشاهيءَ جو سج ڪڏهن نه لهڻو آهي، پر ايئن ڪڏهن به ٿيڻو نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ممڪن آهي . هر طاقت کي زوال آهي ۽ هر زوال کي عروج آهي ۽ جڏهن برطانيا کي هندستان ۾ پنهنجا ڏينهن پورا ٿيندي نظر آيا ته برطانيا هن خطي مان پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ، ۽ مستقبل جي لاءِ هن خطي ۾ پنهنجي ھڪ ھٽي قائم رکڻ لاء هڪ منصوبي تحت ويڙهايو ۽ ورھايو واري منصوبي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن ۾ آمريڪا، جيڪو نئون نئون ٻي عالمي جنگ کان پوءِ هڪ نئين طاقت طور اڀري آيو هو، جو به برطانيا سان مڪمل ساٿ هيو .
جنهن جنهن ملڪ ۾ برطانيا راڄ ڪيو ، ان ملڪ جي ڪمزورين مطابق، پنهنجي حڪمت عملي تحت ، اتان جي ماڻهن ۾ نفرتن جو ٻج پکيڙيو ،انهن کي پاڻ ۾ ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو جي فارمولو استعمال ڪيو ۽ مٿن حڪومت ڪئي . ان جو ئي نتيجو آهي جو اسانجو هي سمورو کنڊ اڃان انهن نفرتن کان آزاد نه ٿي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ جو اسان اڃان مڪمل طور آزاد ڪونہ ٿيا آهيون . پاڪستان ، جنهن انگريزن کان ته آزادي ورتي پر ان جو نظام اگريزي ڪالونائيزيشن نظام ۽ قانون وانگر قائم ۽ دائم آهي . هتان جو اصل حڪمران طبقو عام عوام کي پنهنجي طاقت نه بلڪ پنهنجو غلام ٿو سمجهي ۽ سموري پاڪستان، گلگت بلتستان توڙي آزاد ڪشمير، انهن سڀني جا وسيلا، درياهه، سمنڊ، وڻ ٻوٽا ۽ زمين ڄڻ انهن حڪمرانن مظلوم انسانن جي بدلي ۾ لکائي ورتي هجي جنهن تي سڀني کان پهريون حق ، عالمي انساني حقوق جي قانون ۽ قدرت جي قانون مطابق اتان جي رهواسين جو آهي .
ڪجھ ڏينھن اڳ پنجين جُون کان آزاد ڄمون ڪشمير جي شهر راولاڪوٽ ۽ شهر پونڇ ۾ حالات خراب ٿي ويا. نائين جُون تي اتان جي عوام کي عوامي ايڪشن ڪميٽي جي طرفان سموري ڪشمير ۾ احتجاج جو سڏ ڏنل هو پر 5 تاريخ تي ڪميٽيءَ جو هڪ ليڊر جيڪو پونڇ کان راولاڪوٽ اچي رهيو هيو، ڪنهن نامعلوم ماڻھن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو ۽ اتان معاملو خراب ٿي ويو.
جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي( JAAC ) جو قيام 2023 ۾ ٿيو۽ معاملو بجلي جي بلن ۽ اٽي جي وڌندڙ قيمتن جي مخالفت ۾ پوري آزاد ڪشمير ۾ هڪ تحريڪ بڻجي ويو. سماجي مسئلن تي هيءَ ڪميٽي هميشه پنهنجو آواز اٿاريندي رهي آهي ۽ اتان جي ڱورنميينٽ ڪافي حد تائين هنن جا مطالبا پورا ڪيا ۽ پوري ڪرڻ جا واعدا به ڪيا. عوامي ايڪشن ڪميٽي 38 نقطن تي ٻڌل هڪ چارٽر اتان جي ڱورنمينٽ کي ڏنو جنهن ۾ پاڻي ، بجلي، اٽي ،صحت، تعليم وغيره جهڙا ، سماجي ۽ معاشي مسعلا شامل هيا. ھنن اليڪشن کان اڳ جيڪا جولاء 2026 ۾ ٿيڻي هئي ان کان اڳ ۾ اھي سمورا مطالبا مڃڻ جو مطالبو ڪيو.
هڪ مطالبو اهڙو هيو جيڪو تمام گهڻو متنازع بڻجي ويو. اهو هيو آزاد ڪشمير اسيمبليءَ ۾ 12 مهاجر سيٽن جو معاملو جنهن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو عوام جي طرفان زور وٺي رهيو هيو پر گورنمينٽ جو خيال هيو ته ان کي هن محل ڇيڙڻ جي ضرورت ناهي .
اُهي ٻارنهن سيٽون انهن مهاجرن جي لاء مخصوص آهن جيڪي هندستاني ڪشمير کان ھجرت ڪري پاڪستان آيا ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن جا رهاڪو آهن. اهي ھجرت ڪندڙ ڪشميري چاهي پاڪستان جي ڪهڙي به حصي يا شهر ۾ رهندا هجن پر اليڪشن ۾ ڪشمير جي اسيمبليءَ جي مخصوص سيٽن تي بيهي به سگهن ٿا ۽ ووٽ ڌيڻ جو به حق رکن ٿا .
اتان جي عوام جو چوڻ آهي اُهي ٻارنهن ئي سيٽن تي چونڊجندڙ ميمبر 75 سالن کان اليڪشن ۾ بيهندا ۽ ڪامياب ٿيندا آهن، پر اهي نه هتان جي ڪشمير جا رهندڙ آھن ۽ نہ ئي هتان جي ڪشمير ۾ رهن ٿا . اهي مھاجر لاهور ،ڪراڃي ، يا پنجاب جي ٻين شهرن ۾ 75 سالن کان رهندا اچن ٿا ۽ انهن جو نه ڪشمير جي مسئلن سان واسطو آهي ۽ نه ئي اتان جي عوام سان ڪو رابطو آهي . اها ڪشميري عوام سان سڌي سنئين زيادتي آهي. هو ٺڳي، دوکي ۽ طاقت جي استعمال سان کٽي اچن ٿا. آزاد ڪشمير اسيمبليءَ جي ڪُل 54 سيٽن مان 33 لوڪل ڪشميرين جو ن آهن ۽ 12 مھاجرن جون آهن، تنهنڪري ڪشمير ۾ ڪڏهن به عوامي، آزاد ۽ خودمختيار حڪومت نه ٿي ٺهي ۽ سندن حڪومت تي ملڪ جي مکيه پارٽين جو قبضو رهي ٿو ۽ انھن جي ئي ڳٺجوڙ سان آزاد ڪشمير جي حڪومت ٺهي ٿي .
ذري گھٽ 15 ڏينهن ٿيڻ وارا آهن پر آزاد ڪشمير جو عوام روڊن تي احتجاج ڪندي نظر اچي ٿو. ماحول ۾ بيچيني وڌي رهي آهي. ڪشميري عوام ڄڻ تہ گھيري ۾ آيل آهي. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته کاڌ، خوراڪ جي کوٽ آهي، دوائونہ ڪون ٿيون ملن. هر شهر ۾ احتجاج جاري آهن، عورتون به ٻارن سميت احتجاج ۾ ويٺل آهن .
قدرتي وسيلن سان مالامال، قدرت جو ڏنل هڪ خوبصورت تحفو، جيڪو سموري دنيا جي انسانن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو ۽ انسان جي روحاني اڃ کي اُجھائي سگهي ٿو، سونهن ۽ پيار جي قدرتي موسيقيءَ جو سنگم آهي، ان ڌرتيءَ کي پيار سان سنڀالڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت آهي، نه ڪي رتوڇاڻ سان.
___________________

انيتا پنجاڻي سنڌو واس فائونڊيشن جي چيئرپرسن، ۽ وومن ايڪشن فورم ڪراچي چييپٽر جي ميمبر آهي. ھُوءَ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي خواتين شاخ جي جنرل سيڪريٽري رهي چڪي آهي.



