Editor's pickMain Slideڪالم

Animal Farm: اقتدار تي قبضو ڪري عوام جو استحصال ڪندڙ سوئرن جي ڪھاڻي

وقت گذرڻ سان گڏ سوئر وڌيڪ ظالم بڻجي وڃن ٿا. اهي قانونن ۾ ڦيرڦار ڪن ٿا، تاريخ کي ٻيهر لکن ٿا، ۽ پنهنجي اقتدار کي برقرار رکڻ لاءِ خوف ۽ ڏھڪاءَ جو استعمال ڪن ٿا. محنت ڪندڙ جانور اڳ کان به وڌيڪ تڪليفون سھن ٿا، جڏهن ته سوئر انهن سهولتن مان لطف اندوز ٿين ٿا جيڪي ڪڏهن انسانن لاءِ مخصوص هيون.

انگريزي ادب جو اڀياس

ايرِڪ آرٿر بليئر، جيڪو جارج آرويل جي قلمي نالي سان انگلينڊ جو مشھور ناول نگار ۽ شاعر ھو، انھيءَ جو ناول ’اينيمل فارم‘ (جانورن جو فارم) هڪ ننڍو ناول آهي پر ان جو اثر تمام گهڻو گهرو آهي. هڪ سادي جانورن جي آکاڻيءَ جي صورت ۾ لکيل هي ڪتاب، خاموشيءَ سان جديد ادب جي هڪ طاقتور سياسي چتاءُ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ان جي ظاهري سادگي کيس هر ڪنهن جي پهچ ۾ آڻي ٿي، جڏهن ته ان جا مفهوم کيس ناقابلِ فراموش بڻائين ٿا.

هي ڪهاڻي ’مينر فارم‘ جي پسمنظر ۾ آهي، جتي جانور مسٽر جونز جي لاپرواهي ۽ ظالمانه حڪمرانيءَ هيٺ زندگي گذارين ٿا. ’اولڊ ميجر‘ نالي هڪ داناءُ سوئر جي خواب کان متاثر ٿي، جيڪو انسانن جي ظلم کان آزاد سماج جو تصور پيش ڪري ٿو، جانور بغاوت ڪن ٿا ۽ پنهنجي مالڪ کي فارم مان ڪڍي ڇڏين ٿا. اهي ان فارم جو نالو بدلائي ’اينيمل فارم‘ رکن ٿا ۽ برابريءَ تي ٻڌل هڪ نئون نظام قائم ڪن ٿا، جنهن جي رهنمائي ’اينيمزم‘ (جانورواد) جا اصول ۽ ست حڪمناما ڪن ٿا.

شروعات ۾ زندگي بهتر ٿي وڃي ٿي. جانور پنهنجي لاءِ ڪم ڪن ٿا، اميدون جاڳن ٿيون، ۽ هڪ منصفاڻي سماج جو خواب سچو ٿيندي نظر اچي ٿو. قيادت سوئرن جي هٿ ۾ اچي وڃي ٿي، خاص طور تي ’سنوبال‘ ۽ ’نيپولين‘، جيڪي ذهني طور پاڻ کي برتر سمجهن ٿا. پر جلد ئي نظرياتي اختلاف پيدا ٿين ٿا. سنوبال جي ترقي پسند خيالن کي ان وقت چيڀاٽيو وڃي ٿو جڏهن نيپولين پنهنجن سکيا يافته ڪُتن ذريعي کيس فارم مان تڙي ڪڍي ٿو ۽ اقتدار تي مڪمل قبضو ڪري ٿو.

وقت گذرڻ سان گڏ سوئر وڌيڪ ظالم بڻجي وڃن ٿا. اهي قانونن ۾ ڦيرڦار ڪن ٿا، تاريخ کي ٻيهر لکن ٿا، ۽ پنهنجي اقتدار کي برقرار رکڻ لاءِ خوف ۽ ڏھڪاءَ جو استعمال ڪن ٿا. محنت ڪندڙ جانور اڳ کان به وڌيڪ تڪليفون سھن ٿا، جڏهن ته سوئر انهن سهولتن مان لطف اندوز ٿين ٿا جيڪي ڪڏهن انسانن لاءِ مخصوص هيون. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي، جانور سوئرن ۽ انسانن کي گڏ ماني کائيندي ڏسن ٿا ۽ کين اها وحشتناڪ حقيقت معلوم ٿئي ٿي ته انقلاب کين واپس ان ئي ظلم جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي جنهن جي خلاف هنن ويڙهه ڪئي هئي. ناول ۾ ھيٺين ڳالھين کي اُجاگر ڪيو ويو آھي:

روسي انقلاب سان ڀيٽ: بنيادي طور تي هي ناول 1917ع جي روسي انقلاب ۽ ان جي نتيجن جو سياسي عڪس آهي. ’اولڊ ميجر‘ ڪارل مارڪس ۽ لينن جي عڪاسي ڪري ٿو، ’سنوبال‘ ٽراٽسڪي جو متبادل آهي، ۽ ’نيپولين‘ اسٽالن جي نمائندگي ڪري ٿو. آرويل ظاهر ڪري ٿو ته ڪيئن عظيم مقصدن لاءِ شروع ٿيل انقلاب کي آمر حڪمران اغوا ۽ يرغمال  ڪري سگهن ٿا.

اقتدار بگاڙي ٿو: طاقت رڳو انسان کي بگاڙي نٿي پر کيس مڪمل بدلائي ڇڏي ٿي. سوئر آزادي ڏياريندڙن طور اڳتي اچن  ٿا پر آهستي آهستي پاڻ ظالم بڻجي وڃن ٿا.

’ٻوليءَ جو غلط استعمال ۽ حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ: اسڪويلر‘جي ڪردار ذريعي آرويل ٻڌائي ٿو ته ڪيئن ٻوليءَ کي تسلط لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ناانصافي منطقي لڳي ۽ مزاحمت خطرناڪ محسوس ٿئي.

انقلابي مقصدن سان غداري: برابري ۽ انصاف جا اصول آهستي آهستي ختم ٿي وڃن ٿا. آرويل ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته انقلاب اڪثر ڪري اوچتو نه پر اخلاقي گهٽتائيءَ ذريعي ناڪام ٿيندا آهن.

’انڌي وفاداري ۽ پورھيٽ طبقي جو الميو: باڪسر‘نالي گهوڙو ان پورھيت طبقي جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن جو استحصال ڪيو وڃي ٿو. سندس انڌي وفاداري سياسي اڻڄاڻائيءَ جي خطرن کي ظاهر ڪري ٿي.

خوف ذريعي حڪمراني: نيپولين عوام جي رضامنديءَ بجاءِ خوف ۽ ڏھڪاءُ پيدا ڪرڻ سان حڪومت ڪري ٿو. سرعام موت جون سزائون ۽ وحشي ڪتا مخالفن کي خاموش ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا.

تاريخ جي تبديلي ۽ حافظي جو ضايع ٿيڻ: جانورن جو ماضيءَ کي ياد نه رکڻ سوئرن کي تاريخ کي پنهنجي مرضيءَ سان لکڻ جو موقعو ڏئي ٿو. جڏهن ماڻهو تاريخ وساري ڇڏيندا آهن، ته اهي سوال ڪرڻ جي صلاحيت به وڃائي ويهندا آهن.

برابريءَ جي روپ ۾ سماجي اڻبرابري: ناول جو آخري حڪمنامو: ”سڀ جانور برابر آهن، پر ڪجهه جانور ٻين کان وڌيڪ برابر آهن،“ سڄي ڪهاڻيءَ جي طنز جو مرڪز آهي.

عوام جي ذهني بي حسي: گهڻا جانور تعليم ۽ تنقيدي سوچ کان محروم آهن، جنهن ڪري سوئر مٿن حاوي ٿي وڃن ٿا. آرويل خبردار ڪري ٿو ته خاموشي ۽ بي حسي ناانصافيءَ کي هٿي ڏين ٿيون.

ظلم جو چڪر: ناول اتي ئي ختم ٿئي ٿو جتان شروع ٿيو هو. آرويل جو چوڻ آهي ته شعور ۽ بيداريءَ کان سواءِ تاريخ پاڻ کي ورجائيندي رهي ٿي ۽ انقلاب رڳو هڪ حاڪم طبقي کي ٻئي سان تبديل ڪن ٿا.

’اينيمل فارم‘اڄ به ان ڪري اهم آهي ڇاڪاڻ ته هي رڳو هڪ تاريخي واقعي تي تنقيد ناهي، پر طاقت، سچائي ۽ ذميواريءَ بابت هڪ عالمي چتاءُ آهي. آرويل اسان کي ياد ڏياري ٿو ته آزادي نازڪ آهي ۽ انصاف لاءِ سڀ کان وڏو خطرو رڳو طاقت ناهي، پر اسان جي پنهنجي بي حسي پڻ آهي.

________________

انگريزيءَ مان ترجمو: جيمناءِ

ايڊيٽنگ: نصير اعجاز

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button