سکيا جو عمل سدائين ساڳيو ڪونہ رھندو آھي: تعليم صرف معلومات ڏيڻ ناھي
جديد تحقيقن جي روشنيءَ ۾ ھر سٺو استاد پڙھڻ پڙھائڻ جي لاءِ پنھنجو ھڪ الڳ ئي طريقو استعمال ڪندو آھي. شاگردن لاءِ بہ ضروري آھي تہ اھي پنھنجي سکيا جي انداز کي سڃاڻن ۽ ان مطابق علم حاصل ڪن.
وارڪ سکيا ماڊل تعليم جي ميدان ۾ ھڪ اھم نظريو آھي جيڪو شاگردن جي مختلف سکيا طريقن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو

سڪندرگلاب سومرو
اسان سڀ ڄاڻون ٿا تہ سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل سدائين هڪجهڙو نہ رهندو آهي. جديد تحقيقن جي روشنيءَ ۾ ھر سٺو استاد پڙھڻ پڙھائڻ جي لاءِ پنھنجو ھڪ الڳ ئي طريقو استعمال ڪندو آھي. ساڳي طرح سان بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندڙ ھر ٻار معلومات کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ ياد رکڻ جي لاءِ پنهنجو ھڪ الڳ رستو اختيار ڪندو آهي ڇوتہ وٽس جديد ٽيڪنولاجي وارين شين ۽ سھولتن جي کوٽ ناھي ھوندي. ھو والدين ۽ استادن تي گھٽ ڀاڙيندو آھي. ڪجھ ٻار تصويرن ۽ خاڪن ذريعي جلدي سمجھي وڃن ٿا. ڪجھ ٻڌندي سکندا آهن. ڪجھ پڙهڻ ۽ لکڻ ذريعي ڄاڻ حاصل ڪندا آهن. جڏهن تہ ڪجھ ٻار عملي تجربن مان بهترين نتيجا حاصل ڪندا آهن. ھنن سڀني پر مختلف طريقن کي سمجهڻ جي لاءِ تعليم جي ٻن ماهرن فليمنگ ۽ مِلز 1992ع ڌاري هڪ الڳ ۽ اهم سکيا ماڊل کي دنيا آڏو آندو جنهن کي اسان سڀ وي ايَ آر ڪيَ (VARK) يعني وارڪ جي نالي سان ڄاڻون سڃاڻون ٿا. وارڪ سکيا ماڊل ڇا آھي ۽ ڪھڙي طرح سان ڪم ڪري ٿو؟ اچو تہ ان تي ڪجھ روشني وجھون.
وارڪ اصل ۾ سکيا جي چئن طريقن يا عملي سرگرمين تي ٻڌل ھڪ جديد سکيا ماڊل آھي. و ي = وزيوئل (بصري / ڏسڻ)، ايَ = آڊيٽوري (سمعي / ٻڌڻ)، آر = رِيڊنگ / رائيٽنگ (پڙھڻ / لکڻ) ۽ ڪيَ جو مطلب آھي ڪائنسٿيٽڪ (حساساتي / عملي ڪم يا تجربي جي ذريعي سکڻ). ماھر چون ٿا تہ ٻار کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ جتي الاھي ٻيا ماڊل موجود آھن ۽ بھتر کان بھتر ڪم ڪري رھيا آھن اتي هي ماڊل بھ استادن ۽ شاگردن لاءِ تمام گھڻو مددگار ثابت ٿيو آهي. ھن ماڊل جي مدد سان سکيا جي عملن کي سمجهڻ گھڻو سولو ٿي ويو آھي.
وزيوئل يعني بصري طريقو: بصري سکيا طريقو اھڙن ماڻهن سان واسطو رکي ٿو جيڪي معلومات کي تصويري يا علامتي صورت ۾ ڏسڻ پسند ڪن ٿا. ٻار ھن ذريعي سان بهتر سمجھن ٿا. مثال: نقشا، خاڪا، چارٽ، گراف، فلو چارٽ، ڊاياگرام ۽ ٻين علامتي شڪلين مان جلدي مطلب ڪڍي تڪڙي ڄاڻ حاصل ڪري وڃن ٿا. استاد ڪلاس ۾ ڪو موضوع سمجهائڻ لاءِ وائيٽ / بليڪ / گرين بورڊ تي خاڪو يا نقشو ٺاهي ٿو. مختلف نقطن جي وچ ۾ لاڳاپو ڏيکاري ٿو. ڪلاس ۾ انھن تي کليل بحث مباحثو ڪرائي ٿو تہ بصري سکيا واري طريقي کي پسند ڪندڙ شاگردن لاءِ اھڙو ماحول تمام گھڻو ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو ۽ موضوع جي مناسبت سان شاگردن تي ھر ڳالھ وڌيڪ چٽي ۽ واضح ٿي وڃي ٿي. بصري سکيا واري طريقي ۾ صرف لفظن جون ڏَسڻيون (ڪيزِ) يا سادي لکت ڪافي ناھن هونديون پر نشانيون، تير، دائرا، خاڪا ۽ مختلف ترتيبون ۽ ترڪيبون بھ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. شايد انھيءَ ڪري تعليمي مواد ۾ تصويري تنظيم سازي تي تمام گھڻو ڌيان ڏنو ۽ اهم سمجھيو وڃي ٿو.
آڊيٽوري يعني سمعي سکيا وارو طريقو: ھي اھڙن ٻارن جي لاءِ سکڻ جو ھڪ طريقو آهي جيڪي ٻڌڻ يا ڳالهائڻ ذريعي معلومات کي بهتر نموني سان سمجهن ٿا. ھن طريقي وارا ٻارَ ليڪچرز، گروهي بحث مباحثن، تقريرن، ريڊيو پروگرامن يا ھڪٻئي سان ڳالھ ٻولھ ڪندي سکڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا. ھن طريقي ۾، اڪثر ٻار پنهنجي خيالن کي وڏي آواز سان بيان ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي ساڳي ڳالھ کي ٻيهر بھ ورجائيندا آهن. سوال پڇڻ سندن روايت ھوندي آھي. شرط ھي ھوندو آھي تھ ھن طريقي ۾ گھڻو ڳالهائڻ ۽ ڌيان سان ٻڌڻ بھرحال وڏي اھميت رکي ٿو. سمعي سکيا ۾، جديد ذريعا جهڙوڪ: موبائل فونون، وائس ميسيجز يا غير رسمي ايِ ميلز بہ گفتگو ۾ شامل ٿي سگهن ٿيون ڇوتھ ھن عمل سان ھڪٻئي سان بہ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رھندي آھي ٻيو ھڪٻئي جي ڳالھين کي ٻڌڻ سان سکڻ جو ھي طريقو وڌيڪ معتبر بڻجي وڃي ٿو.
ريڊنگ / رائيٽنگ يعني پڙهڻ ۽ لکڻ وارو سکيا طريقو: سکيا جو ھي طريقو اھڙن ٻارن سان تعلق رکي ٿو جيڪي لفظن ذريعي معلومات کي حاصل ڪرڻ چاھيندا آهن. اهڙا ماڻهو ڪتابن، مضمونن، رپورٽن، نوٽسن ۽ ٻيا ليک پڙهي سکڻ ۾ آسانيون محسوس ڪندا آهن. پنھنجي خيالن کي مناسب ترتيب ڏئي لکڻ جي ذريعي خوب اظھار ڪندا آهن. اسان جي اڪثر استادن ۽ ٻارن جي گھڻائي هن طريقي کي وڌيڪ پسند ڪري ٿي. ھن ڳالھ کان ڀلا ڪير انڪار ڪندو تھ تعليمي نظام ۾، پڙهڻ ۽ لکڻ کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي. امتحانن، اسائنمنٽن ۽ تحقيقاتي رپورٽن ۾ بھ هن طريقي جو استعمال عام ۽ جام آهي. ھن طريقي وارا ٻار / ماڻھو: فهرستن، ڊائرين، لغتن، حوالن ۽ انٽرنيٽ تي موجود لکت واري معلومات مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪندا آهن. ھي طريقو پڙھائڻ وارن موضوعن تي پيش-تعارف (پريزينٽيشنز) تيار ڪرڻ ۾، وڏو مددگار ثابت ٿيو آھي.

ڪائنسٿيٽڪ يعني عملي سرگرمي يا تجربي تي ٻڌل سکيا وارو طريقو: ھي طريقو خاص انهن ٻارن جي لاءِ آهي جيڪي عملي ڪم / سرگرمي ۽ تجربن، مشقن ۽ حقيقي حالتن مان سکڻ کي پسند ڪندا آهن. ٻار نصيحتن يا نظرياتي وضاحتن جي بدلي چاھيندا آھن تھ ڪو ھنن کي عملي مثالن، نمونن ۽ تجربن جي ذريعي سيکاري ۽ پاڻ بہ عملي سرگرميون ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آھن. سائنس جي تجرباتي مظاهري، عملي تربيت، ڪيس اسٽڊي يا حقيقي مسئلي جي حل ڪرڻ واري سرگرمين ۾، اهڙا شاگرد وڌيڪ سرگرم ٿيندا آهن جيڪي ڪائنسٿيٽڪ سکيا کي پسند ڪندا آھن. مظاھرا (ڊيمانسٽريشن)، سيموليشن (مشقن) وڊيوز، عملي ڪمن ۽ حقيقي زندگيءَ سان لاڳاپيل مثال ھن طريقي جي خاص جزا آهن. جيڪڏهن ڪو موضوع اهڙو هجي جنهن کي هٿ سان ڇُھي، ڏسي يا عملي طور محسوس ڪري سگهجي تھ اهڙي سکيا کي وڌيڪ اثرائتو سمجهيو ويندو آهي.
وارڪ سکيا ماڊل پڙھڻ پڙھائڻ وارن مختلف طريقن کي سمجهڻ لاءِ هڪ اهم تعليمي ماڊل آهي. اهو استاد جي لاءِ سھولت پيدا ڪري ٿو تہ جيئن هو مختلف طريقن کي استعمال ڪري ٻارن کي پڙھائي، سمجھائي. مقصد آھي هر شاگرد پنهنجي پسند ۽ قابليت جي بنياد تي فائدو حاصل ڪندو رھي. ساڳي وقت شاگردن لاءِ بہ ضروري آهي تہ اھي بہ صلاحيتن ۽ سکيا طريقن آڌار تعليمي سفر کي وڌيڪ اثرائتو بڻائين ۽ علم و عقل جي ميدان ۾ نمايان مقام حاصل ڪن. ياد رکڻ گھرجي تھ تعليم جو اصل مقصد صرف معلومات ڏيڻ يا پھچائڻ ناھي پر سمجھ، تجربو ۽ عملي مهارت جھڙين فطرتي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ آهي. ڏٺو ۽ پرکيو وڃي تہ تعليمي کيتر ۾ ٻين طريقن سان گڏ، وارڪ سکيا ماڊل بہ هن مقصد ھيٺ ڪم ڪري ٿو تہ استادن ۽ ٻارن کي پڙھڻ پڙھائڻ واري عمل ۾ رهنمائي ملندي رھي ۽ مناسب فائدو حاصل ٿيندو رھي.
وارڪ سکيا ماڊل تعليم جي ميدان ۾ ھڪ اھم نظريو آھي جيڪو شاگردن جي مختلف سکيا طريقن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھن ماڊل مطابق ڪجھ شاگرد ڏسي سکندا آھن، ڪجھ ٻڌي، ڪجھ پڙھي ۽ لکي جڏهن تہ ڪجھ عملي تجربن مان بھتر سکندا آھن. استاد جيڪڏھن ھنن سڀني طريقن کي نظر ۾ رکي پڙھائين تہ سکيا جو عمل وڌيڪ سولو ۽ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. ساڳئي وقت شاگردن لاءِ بہ ضروري آھي تہ اھي پنھنجي سکيا جي انداز کي سڃاڻن ۽ ان مطابق علم حاصل ڪن. اھڙي ريت تعليم صرف معلومات ڏيڻ تائين محدود نہ رهندي پر سمجھ، تجربي ۽ مهارتن جي واڌ ويجھ جو ذريعو، سماجي ترقي جو سبب ۽ معاشي خوشحالي جو پيغام بڻجي ويندو.
______________
سڪندر گلاب سومرو ھڪ فريلانس ليکڪ آھي



