Editor's pickMain Slideڪالمميڊيا

لفظن جي حُرمت کان لفافا صحافت تائين: صحافت جو زوال

ھاڻي صحافت غريب کان خبر ھلائڻ ۽ امير کان خبر دٻائڻ جي، معاوضي وٺڻ جو، ٻيو نالو ٿي وئي آھي. صحافت/ ميڊيا تي جيئن تہ سرمائي جي سيڙپ ٿئي ٿي، ان ڪري موٽ ۾ ميڊيا بہ وري سرمائيدارن جي مفادن جي ئي پاسداري ڪري ٿي۔ جنھن کي اڄڪلھ ڪارپوريٽ ميڊيا چئجي ٿو۔ اڪثر ننڍڙا صحافي، گڏجي  بيورو چيف کي پالين ٿا۔ بيورو چيف وري ايڊيٽرن کي ۽ ايڊيٽر وري مالڪن کي۔ ان ڪري مالڪن کي وري پنھنجن اصل مالڪن سان وفادار رھڻو ٿو پوي جيڪي کين اشتھار ڏين ٿا۔ تہ پوءِ ھيءَ صحافت ڪيئن ٿي؟

ڊاڪٽر خادم منگي

اڪثر شڪايتون ڪندي، ماڻھو چون ٿا تہ ھاڻي صحافت غريب کان خبر ھلائڻ ۽ امير کان خبر دٻائڻ جي، معاوضي وٺڻ جو، ٻيو نالو ٿي وئي آھي۔ آئون حيرت جي جھان ۾ پھچي، پاڻ کان ئي سوال ڪندو آھيان تہ ڇا صحافت ايترو بہ ھيٺ ڪري سگهي ٿي؟ يار! لفظن جي حرمت جي پاسداري بہ ڪا شئي ٿيندي آھي۔ صحافت جو لفظ تہ ڏسو، صحيفي تان ورتل آھي۔ پنھنجي دؤر جو سچ نہ لکي سگهجي تہ ڇا ان کي بہ صحافت چئجي؟ ڇا ھي پنھنجي ان اصلوڪي لفظ سان انصاف چئبو؟ ھرگز نہ۔ سچ توڻي جو سرجريءَ وانگر آھي۔ جيڪو برابر چيريندو بہ ويندو آھي ۽ تڪليف بہ ڏيندو ويندو آھي۔ پر بيماريءَ جي پاڙ تہ پٽيندو آھي۔ ۽ ڪوڙ، سُور گهٽائڻ واري دوا وانگر آھي، جيڪو وقتي طور تي تہ کڻي فرحت ڏيندو آھي، پر بيماريءَ/لنجهڻ/جهوريءَ کي اندران ئي اندران وڌائي، وڻُ ڪرڻ کان نہ روڪيندو آھي۔ مشھور انقلابي اڳواڻ چي گويرا چيو ھو تہ “جيڪڏھن اوھان ڪوڙ جي فائدن ۾ حصيدار آھيو تہ پوءِ اوھان لاءِ سچ جو ساٿ ڏيڻ ڏاڍو مشڪل آھي۔” ۽ جيڪو ماڻھو ڪوڙ جي فائدن ۾ حصيدار ٿئي ٿو اھو گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي صحافي تہ نہ سڏرائي۔

“ڪچو سچو نا ٿئي توڙي لائي رنگ،

ڀڳو سڄو نا ٿئي، ھڪ موتي ٻيو من۔”

فيض احمد “فيض” لکيو آھي:

”ہم پرورش لوح و قلم کرتے رہیں گے،

جو دل پہ گذرتی ہے، رقم کرتے رہیں گے“

جيڪو دل تي گذري معنا جيڪو اکين آڏو  ٿيندي ڏسون۔ ۽ ڇا حيرت نہ ٿيندي تہ اھو وري لکي ئي نہ سگهون؟ جي لکي نہ سگهون  تہ پاڻ ۾ ويٺا آھيون، ان کي صحافت ڪيئن چئون؟ عوام اھڙي صحافت کي زرد صحافت Yellow Journalism چئي رد ڪري ڇڏيندو آھي۔ وري جڏھن عوام کي وڌيڪ غصو چڙھندو آھي تہ پنھنجي اصلوڪي عوامي ٻوليءَ ۾ ان کي “لفافي واري صحافت” چوندو آھي۔ ڏٺو وڃي تہ اھڙن صحافين وٽ پنھنجو ڪو نظريو تہ ھوندو ناھي۔ بس کين عوامي مسئلن کان رخ موڙائي، ڪنھن نہ ڪنھن ڌنڌڙي سان لڳايو ويندو آھي۔ ونگاروءَ کي ھونءَ بہ مڙوئي ٻہ ويلا ماني ئي مس نصيب ٿيندي آھي۔ سندن زبانن ۾ ايترو زھر ڀريو ويندو آھي، جو ھڪڙي ئي ڦوڪ سان سڄو ماحول زھر آلودہ ڪري ڇڏيندا آھن۔ ھو پرائي جعلي موقف سان خبر ناھي ڪھڙو منجن وڪڻن چاھيندا آھن۔ پوءِ وري جنھنجو پئسو تنھنجو عقل۔

“تھوڑا سا چارا دیکھ کر بستی کی بکریاں

غزلیں سنا رہی ہیں قصائی کی شان میں”

مڃان ٿو تہ طاقت اوھانکي سچ لکڻ نہ ڏيندي۔ پھريان ڏاڍ، دٻڙ دئونس، دھمان، دھشت ۽ دادا گيري ڪري، خوف ڦھلائيندي ۽ پوءِ مراعتون، خطاب ۽ لالچون ڏيندي۔ ھي سڀ طاقت جا ھٿيار آھن۔ طاقت ڏسندي آھي تہ ڪنھنکي ڪھڙي شيشي سنگهائجي؟ ماضيءَ ۾ طاقت راءِ بھادر، خانبھادر ۽ سَرِ جا خطاب ڏئي، پُڇ ٻڌي مَھري ڪندي ھئي، چغل خورن، جاسوسن، غدارن، بگي ڇڪيندڙن ۽ ابن الوقت ماڻھن کي جاڳيرون عطا ڪندي ھئي ۽ ھاڻي طاقت وري پلاٽ، پرمٽون ۽ نوڪريون ڏئي ٿي۔ يا وري ٻاھرين ملڪن جا دؤرا ڪرائي ٿي۔ ڇو تہ طاقت کي ھر دؤر ۾ اجائي تعريف ۽ چمچا گيري وڻي آھي۔ ان ڪري لکيل پڙھيل ماڻھو، گهٽ پڙھيلن جي ڀيٽ ۾ ڀلا ڪجهہ تہ وڌيڪ ذميدار ھجڻ کپن۔ جيڪڏھن ھو بہ سچ لڪائي طاقت جي آڏو گوڏا کوڙيندا ۽ چمچاگيري ڪندا تہ ويچارا اٻوجهہ ڪاڏي ويندا؟ سندن داد رسي ڪيئن ٿيندي؟ سماج اڳتي ڪيئن وڌندو؟

وڏي طاقتور جي اڳيان جُهڪي ننڍڙي ۽ پتڪڙي طاقت حاصل نہ ڪبي آھي۔ پر وڏي طاقتور جي اڳيان سينو ساھي، طاقت جي توازن کي چئلينج ڪبو آھي۔ وڏي طاقت ڪنھن کي بہ پنھنجي اڳيان ھلڻ نہ ڏيندي آھي۔ پر ننڍي طاقت کي بہ ڪنھن جو پڇ لٽڪائو نہ ٿيڻ کپي۔ ھن ڪم کي ماڻھو  عشق سمجهي اڳتي ايندو تہ جٽادار ڪم ڪري سگهندو۔ جيڪڏھن سر جو سانگو لٿل اٿس تہ اچي ميدان ملهائي نہ تہ مھل سان وڃي ڍورن ڍڳن جي گاھ پٺي ۽ ڪتر بنجهر جي ڪرت سان لڳي وڃي۔

“تم بھلا کیا نئی منزل کی بشارت دو گے،

تم تو رستہ نہیں دیتے ہمیں چلنے کے لیے۔”

اصل طاقت ڪمزور سان گڏ بيھڻ ۾ آھي۔ کيس ڪِرڻ کان روڪڻ ۾ آھي۔ ڪمزور تي ظلم ڪرڻ پنھنجي جوھر ۾ ھڪ وڏي نفسياتي ڪمزوري آھي۔ پنھنجي انا کي تسڪين ڏيڻ ۾ ڇا جي وڏ ماڻھائپ آھي؟ ھي گٽر ڪلاس ماڻھن جو شيوو آھي۔ ان انڪري صحافت جو ڪم ڪمزور ماڻھن جي اکين ۾ ڳوڙھا آڻڻ ناھي۔ اھو ڪم تہ اديب ۽ شاعر ڪندا ئي رھندا آھن۔ صحافت جو ڪم حڪمرانن جي آڏو تڙپندڙ سوال رکڻ آھي۔ ۽ سوال بہ وري اھڙو ھجي جو طاقتورن جي ھيٺين ڌڙ مان ساھ ئي ڇڏائجي وڃي۔

مارڪسوادين جو خيال آھي تہ صحافت/ ميڊيا تي جيئن تہ سرمائي جي سيڙپ ٿئي ٿي، ان ڪري موٽ ۾ ميڊيا بہ وري سرمائيدارن جي مفادن جي ئي پاسداري ڪري ٿي۔ جنھن کي اڄڪلھ ڪارپوريٽ ميڊيا چئجي ٿو۔ ان ڪري اھڙي ميڊيا جا پگهاردار، پھريان تہ اھو اوڳاڇين ٿا، جيڪو سندن ڪنن ۾ گُوھيو وڃي ٿو۔ پر ڪنن ۾ گُوهڻ کان اڳ ۾ سندن کيسي ۾، دل گهريو دان بہ وڌو وڃي ٿو ۽ اھو مال، ظاھر آھي تہ پنھنجو زھر ڏيکاري ٿو۔ پگهاردارن جي زبان تازي سراڻ تان لٿل ڇريءَ کان وڌيڪ تيز ٿي وڃي ٿي۔ ۽ سندس رخ وري پيڙھيل ماڻھن ڏانھن موڙيو وڃي ٿو۔ منھنجي خواھش آھي تہ اديبن، شاعرن، فنڪارن، ڪلاڪارن ۽ صحافين کي گهٽ ۾ گهٽ ڪرپشن جو ڪارو سَپُ نہ سنگهي۔ جيڪڏھن ھنن تي بہ زھر چڙھي ويو تہ ماڻھن جو سچ لفظ تان ويساھ ئي کڄي ويندو۔ اھل قلم جي سڄي جسم ۾ جڏھن زھر چڙھي ويندو آھي تہ ھو ٻڏل ديس جي ٻاڪار نہ بڻبا آھن۔ مطلب عوامي مسئلن کان ڪن لاٽار ڪندا آھن ۽ اڪثر ڪري ٽال مٽول کان ڪم وٺندا آھن۔ ھو ان جي ابتڙ گهڻو تڻو زور، وندر ورونھن تي ئي ڏيندا آھن۔ ڪاغذي شينھن کي، ھو وري وڏو ماڻھو ڪري پيش ڪندا آھن ۽ رڳو بي يقينيءَ واري صورتحال پيدا ڪندا آھن۔ ھنن لاءِ بک، بيروزگاري، جھالت، ذلت، طبقاتي ڪشمڪش ۽ وسيلن جي ڦرلٽ تہ ڄڻ ڪا خبر ئي ناھي۔ ھو سماج کي جيئن جو تيئن رکڻ ۾ ئي پنھنجي عافيت سمجهندا آھن۔ جتان بہ ڇار مان ڪا چڻنگ دکندي نظر ايندن، ان جي مخبري ڪري آقائن وٽ چغلي ھڻندا آھن۔ ميڊيا پاڻ ھڪڙي طاقت آھي، پر سندس بدقسمتي اھا آھي جو اڪثر پاڻ کان وڏي طاقت آڏو سجده ريز ھوندي آھي۔ ميڊيا-مين، ٽائيڪون ٿي وڃڻ باوجود بہ ان وڏي طاقت جي در تي فقيرن وانگر ڪستو جهليون بيٺا ھوندا آھن۔ اشتھار ڏيو، پلاٽ ڏيو، پرمٽ ڏيو، درھم ڏيو، دينار ڏيو، روبل ڏيو، ريال ڏيو، پائونڊ ڏيو، ڊالر ڏيو۔ پر ايڏي ساري خريد و فروخت جي منڊيءَ ۾ بہ جن ماڻھن پنھنجو نڪ، وات کان مٿي رکيو، سي اسان جي مٿي جا موڙ آھن۔

“جن کی گردن جھک گئی تھی، وہ تو کب کے مر گئے،

میری گردن کٹ گئی تھی، اور میں زندہ رہا”۔(زبیر علی طبرسي)

زرد صحافت (Yellow Journalism)، صحافت جو اهو انداز آهي، جنھن ۾ اخبارن يا ميڊيا جي وڪري يا مقبوليت وڌائڻ لاءِ Rating جي چڪر ۾ يا خابرو ادارن جي ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻن جي حوس ۾، سنسني خيزي ڦھلائي ويندي آھي۔ ان لاءِ ڌيان ڇڪائيندڙ وڏيون وڏيون سرخيون ھڻي، ڳالهہ مان ڳالھوڙو ڪري، ان ۾ مرچ مصالا وجهي ۽ خبر کي وڌائي چڙھائي ڪري پيش ڪبو آھي۔ يا وري ڪڏھن ڪڏھن تہ خبر منڍئون ھوندي ئي ناھي۔ گوئبلز جي ڏسيل واٽ تي ھلندي، ھي ڪوڙ کي ايترا ڀيرا ورجائيندا جو اھو سچ لڳڻ لڳندو۔ عجيب قسم جي پروپيگنڊا ڪندا آھن۔ اھو الائي ڇو وساري ڇڏيندا آھن تہ پروپيگنڊا ڪندڙ آخر ۾ اھل و عيال سميت خودڪشي بہ ڪري ڇڏيندا آھن۔ ھي صحافي، ڪوڙ کي بيھارڻ لاءِ من گهڙت، هٿرادو يا ڪوڙيون خبرون استعمال ڪندا. ھر ھر بريڪنگ نيوز جي نالي ۾ ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن جي مَٿي ۾ اصل ڀَت رڌيندا۔ پر ٻڌڻ ۽ ڏسڻ کانپوءِ خبر پوندي آھي تہ خبر ۾ تہ ڪجهہ ھيو ئي ڪونہ۔ ڪوڙ کي پر لڳائي اڏاري تہ سگهجي ٿو پر ڪوڙ کي پير نہ ٿيندا آھن جو پٽيءَ تي بيھي سگهي۔ اڄ جي ھن دؤر ۾ چِيٽان ڪري ڳالھائيندڙ، نرم گفتگوءَ سان ڳالهہ ڪندڙ ۽ مضبوط دليل ڏيندڙ کان کڻي وقتي طور کٽي بہ وڃي ٿو۔ پر کيس ھميشہ لاءِ مات نہ ٿو ڏئي سگهي۔

ڪڏھن وري خبر جي ھيٺان تيستائين ٽڪر/ پٽي ھلندي، جيستائين واسطيدار ڌر کي بليڪ ميل ڪري ڪو فائدو نہ وٺجي۔ اهڙي صحافت ۾ حقيقتن تي ٻڌل، غيرجانبدار رپورٽنگ بدران، تصويرن، غلط معلومات، جذباتي اپيلن، ۽ مبالغي تي وڌيڪ ڀروسو ڪيو ويندو آهي، تہ جيئن ماڻھن جو ڌيان ڇڪايو وڃي ۽ خبر وڌيڪ وڪامي. خابرو ادارا ڪڏھن وري اڌ سچ ٻڌائيندا آھن۔ ۽ اڌ سچ، مڪمل ڪوڙ ئي ھوندو آھي۔

ٻئي طرف وري عوام ۾ پکڙيل تاوَ ۽ بي چينيءَ تي ڪمبل وجهي، مخالف مؤقف کي بليڪ آئوٽ ڪري ڇڏيندا آھن۔ ايئن بانور ڪرائيندا آھن ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي نہ ھيو۔ ماضيءَ ۾، ايم آر ڊي جي ڏھاڙن ۾ سنڌ ۾ باھ ٻري رھي ھئي۔ پر ٽي وي ۽ ريڊيو ايئن بانور ڪرائيندا ھئا ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي ناھي۔ ماڻھو سچيون خبرون ٻڌڻ لاءِ بي بي سيءَ جو سھارو وٺندا ھئا۔ درست تجزيي لاءِ سيربين ٻڌندا ھئا۔ مارڪ ٽِلي، رضا علي عابدي جھڙا نالا اسان انھن ئي ڏينھن ۾ ٻڌا۔ ان قافلي ۾ سنڌ جي ڪجھ صحافين شموليت اختيار ڪئي۔ ماضيءَ ۾ مولانا دين محمد وفائي، عثمان ڏيپلائي، ڪامريڊ برڪت آزاد، ۽ عبدالڪريم گدائيء، سراج ميمڻ جھڙن صحافين اسان کي صحافت جا بنياد رکي ڏنا ھئا۔ پر اڄوڪي ٽھيءَ ۾ انھن جي جوڙ جو ڪو صحافي ۽ تجزيہ نگار آخر ڇو نہ ٿو پيدا ٿئي؟ اھو صرف ان ڪري آھي جو انھن کي ٻڌائڻ لاءِ ڪوڙ کان سوا ٻيو ڪجهہ بہ ناھي۔

ماضيءَ ۾ ماڻھن سچ چوڻ جي پاداش ۾ پنھنجون ڄڀون ڪاڪڙي کان ڪڍايون آھن۔ سچ لکڻ جي سزا طور پنھنجون آڱريون ڪپايون آھن۔ سچ سان بيھڻ جي ڏوھ ۾ پنھنجا سر ڪٽايا آھن۔ آخر سچ ۾ ڇا آھي جو ماڻھو ان حد تائين وڃي ٿو؟ ھڪ سچو جملو، ھڪ طرف لکين ڪوڙن ماڻھن جي منھن تي دانگي مليندو آھي۔ تہ ٻئي طرف لکين بي زبان ماڻھن جو آواز بڻجندو آھي۔ وقت جي ظالمن، نمرودن، فرعونن، قارونن، ھامانن، شدادن، يزيدن، راءِ بھادرن، خان بھادرن، زارن، آقائن، پاشائن، جاڳيردارن، سرمائيدارن، وڏيرن، چوڌرين، نوابن ۽ ملڪن کي پنھنجو تخت لڏندي ۽ تاج پيرن ۾ پوندي نظر ايندو آھي۔ ھو جيڪا مکڻ جي ماڙيءَ جھڙي سلطنت جوڙيندا آھن، اھا کين سچن لفظن جي گرميءَ سان رجندي نظر ايندي آھي۔ ڪوڙ ڀلي ھاٿيءَ وانگر پَلجي ۽ مَچي مُواڙ ٿي وڃي، پر سچ ابابيل جي چنھنب مان نڪتل ننڍڙي پٿري آھي۔ ۽ ننڍڙين شين کي معمولي سمجهي نظر انداز نہ ٿو ڪري سگهجي۔

“لُڏندي لُڏندي،

سچ جي ٻيڙي،

پارِ اُڪاري ويندي آھي

ڍُرندي ڍُرندي،

رات سِتم جي،

سج اُڀاري ويندي آھي

دُکندي دُکندي،

سَرَ جي تيلي،

ٻيلا ٻاري ويندي آھي

ٻَرندي ٻَرندي،

اَڪَ جي ڪاٺِي،

لوھہ پگهاري ويندي آھي

ڇُھندي ڇُھندي،

سنھڙي ڇيڻي،

ڏونگر ڏاري ويندي آھي

وڙھندي وڙھندي،

ڪِوِلِ بہ ھڪڙي،

ھاٿي ماري ويندي آھي۔”

(استاد بخاري)

صحافت ۽ اظھار جي آزاديءَ جو پاڻ ۾ ننھن ۽ ماس جو رشتو آھي۔ اظھار جي آزاديءَ تي پابندي مڙھڻ صرف انھن جي حق ۾ ئي بھتر آھي، جيڪي چاھن ٿا تہ گهر جو گند، گهر جي اندر پيو ھجي۔ ڀل ڍونڍ وانگر ڌپ ڪري وڃي، پر ٻوھر ٻاھر نہ اڇلجي۔ جيڪي ماڻھو ادارن ۾ ويھي پنھنجون من مانيون ڪن ٿا، ھڪ ھٽي مڙھين ٿا، ھو پنھنجا ڪلب جوڙي اوليگارشي ڪن ٿا۔ ان جي آڙ ۾ تمام گهڻو ڪجهہ غلط ڪرڻ چاھين ٿا۔ مٿان وري اھو بہ چاھين ٿا تہ سندس ڪيل غلط عمل عوام کان لڪيل رھن۔ اھو ٻہ طرفو ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ ھو پنھنجا جوڙيوال ٺاھن ٿا۔ ھو ٻاھران صاف سٿرو نظر اچڻ کي وڌيڪ بھتر ٿا سمجهن۔ ڀلي اندر ۾ ڪيڏو بہ ڪارو ڪانءُ ھجين، پر ٻاھران ھنجَ پکيءَ واري ٻولي ٻولڻ چاھيندا آھن۔ ھو چاھين ٿا تہ ڀلي اندران ئي اندران کنڌا کڄي وڃن، ادارن ۾ راڱا ھڻي ڀينگ ڪن، ۽ سڃ واڪا ڪري پر ٻڙڪ بہ ٻاھر نہ نڪري۔ ھي صرف ھم خيال ڪلب تہ ڪري سگهن ٿا۔ پر جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي ھجي ۽ جهموري عمل ھجي، اتي ھي دٻڙ دئونس ۽ دھمان گهڻو وقت جٽاءُ نہ ڪري سگهندو۔ تجربن مان ثابت ٿيو آھي تہ سياڻاڪانوَ ھميشہ ٻہ ٽنگا ڦاٿا آھن۔ ان ڪري اصولي طور مخالف نقطہِ نظر کي بہ اوتري ئي جاءِ ملڻ کپي، جيتري موافق نقطہِ نظر کي ملي ٿي۔

اڪثر ننڍڙا صحافي، گڏجي  بيورو چيف کي پالين ٿا۔ بيورو چيف وري ايڊيٽرن کي ۽ ايڊيٽر وري مالڪن کي۔ ان ڪري مالڪن کي وري پنھنجن اصل مالڪن سان وفادار رھڻو ٿو پوي جيڪي کين اشتھار ڏين ٿا۔ تہ پوءِ ھيءَ صحافت ڪيئن ٿي؟ مونکي ان سڄي chain ۾ صحافت ڪٿي نظر ئي نہ آئي۔ ھي سڀ ڪجهہ تہ انڊسٽريز ۾ ٿيندو آھي۔ ان ڪري ماڻھو بہ ھاڻي صحافت کي انڊسٽري ئي سمجهڻ لڳا آھن۔ جتي سڀ مال، مراعتون، اشتھار، سرڪاري ٽوئر، ۽ فارين ڊيليگيشن ۾ شموليت جھڙيون رشوتون ميڊيا جي مالڪن کي ملن، اتان ڪھڙي چڱائيءَ جي اميد رکجي، ننڍڙي صحافيءَ کي باندي بڻيل مزور bonded labor وانگر آخر ڪيستائين ھلايو ويندو؟ اخبارن جا مالڪ، چينلن جا مالڪ ٿي ويا، پرنٽ ميڊيا، ھاڻي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ تبديل ٿي وئي۔ مالڪ محلن ۾ رھن  ٿا، جھازن ۾ اڏرن ٿا، اڪثر فائيو اسٽار ھوٽلن ۾ بليڪ ليبل ۽ ريڊ ليبل پيئن ٿا۔ پر ھاڪر اھو ئي پنڌ، ڪڏھن بسن ۾ تہ ڪڏھن ريلن ۾ ڌڪا  کائي ٿو۔ فوٽو گرافر سائيڪل تي، ۽ سائيڪل وري اڪثر پنڪچر۔ ننڍڙي صحافيءَ جي موٽر سائيڪل جو مڊ گارڊ ڀڳل، کٽاري گاڏيءَ ۾ تيل بہ پاڻ ڀرائي، انٽرنيٽ جو پئڪيج بہ پاڻ ڪرائي۔ ڇڪي تاڻي ويچاري کي لپٽن جي ييلو ليبل بہ نصیب نہ ٿي ٿئي تہ پوءِ پَٽَ نہ ڪندو تہ ڇا ڪندو؟ آخرڪار عوام آڏو جوابدار بہ ویچارو ننڍڙو صحافي۔ ھاڻي تہ ماڻھن صحافيءَ کي مال ميڙڻ واري صافي چوڻ شروع ڪيو آھي۔ اَن وانگر جنڊ جي ٻن پُڙن ۾ پيسجي پيو۔ ھڪڙو پُڙُ عوام آھي تہ ٻيو پُڙُ ميڊيا جا مالڪ۔ اڪيلائيءَ ۾ جڏھن اھڙي ڪنھن صحافيءَ کان پگهار پڇبي آھي تہ اکين مان ٻہ لڙڪ لاڙي، پنھنجو سڄو بينڪ بئلنس آڏو رکندو آھي۔ ۽ اڃا بہ جيڪڏھن وڌيڪ زور ڀريندئس تہ ھو رت جا ڳوڙھا ڳاڙي پنھنجا سمورا اثاثا ڏيکاريندو۔

 ٻئي طرف وري ڪي ڌنڌوڙي صحافي، لوگو ھٿ اچڻ کانپوءِ، ايئن سمجهن ٿا، ڄڻ کين الادين جو ڏيئو ھٿ اچي ويو ھجي۔ موٽر سائيڪل جي اڳيان پويان لکيل ھوندن، “ميڊيا۔” يا “جنرلسٽ” معنا عوام تي رعب ڪرڻو آھي، اوڙي پاڙي سان اچائڻو آھي، شراب جي گتن، نشي جي اڏن، جوا جي ٽڪرين تان ھفتو/منٿلي اڳاڙڻي آھي۔ چورن تي ڪک رکڻا آھن ۽ پاٿاريدارن جو رسو جهلڻو آھي۔ سڀ سھولتون مفت وٺڻيون آھن، پاڻ کي وي-آءِ- پي ۽ مراعت يافتہ سمجهڻو آھي۔ ڪا بہ سھولت وٺڻ وڃبو تہ پيڙھيل عوام جي قطار ۾ بيھڻ پنھنجي شان ۾ گستاخي سمجهبي۔ در کي لت ھڻي اندر داخل ٿبو۔

  صحافي اڳي خبر جي پويان ميلن جو سفر ڪندا ھئا تہ سندن پيٽ بہ پٺين سان لڳل ھوندا ھئا۔ ھاڻي گهر ويٺي خبرن سان گڏ سڀ ڪجهہ جو ملي وڃين ٿو تہ اجايو خبرن جي پٺيان ڇو ڊڪن؟ ھاڻي وزن گهٽائڻ لاءِ واڪنگ ٽريڪ تي نظر ايندا آھن ۽ باڊي بلڊنگ ڪرڻ لاءِ جم جوائن ڪندا آھن۔ پر کين خبر ئي ناھي تہ پيٽ گهٽ ڪرڻ جو سڀ کان آسان طريقو ھي آھي تہ پنھنجو پيٽ ڀرڻ بجاءِ ٻين جو پيٽ ڀرجي۔

صحافت کي جن ماڻھن پيشو بڻايو، صحافت تن لاء بازار جو وکر بڻجي وئي ۽ جن صحافت کي ذميداري سمجهيو تن لاءِ صحافت ٻاٽ اوندھ ۾ ڏيئي جي لاٽ بڻجي وئي۔ بازاري صحافين کي اھا خبر آھي تہ ذھني طور مضبوط ماڻھوءَ کي ڪاوڙائڻ لاء ڪوڙ ڳالهائبو آھي۔ ۽ ذميدار صحافيءَ کي وري اھا خبر آھي تہ ذھني طور ڪمزور ماڻھوءَ کي ڪاوڙائڻ لاءِ سچ ڳالهائبو آھي۔ سوال پڇبو آھي، انڪار ڪبو آھي، اعتراض ڪبو آھي، صلاح ڏبي آھي۔ ان ڪري سندس لکيل يا ڳالهايل لفظن مان اھو سمجهي وڃڻ گهرجي تہ ھن جو ٽارگيٽ ڪير آھي؟ 

صحافت ۾ وري ھڪ ٻي وڏي بيماري ڪاھي پئي آھي۔ وڏو شھر تہ ٺھيو پر ننڍڙن شھرن ۾ بہ ٻہ ٻہ، ٽي ٽي پريس ڪلب ٺاھي، پنھنجي پنھنجي ڏيڍ چانور جون ڌار ڌار ديڳڙيون پچائيندا۔ صحافين جڏھن کان بادشاھن، وزيرن، ڪامورن سان ڪَنُ ھنيو آھي، تڏھن کان پاڻ کي بہ بادشاھ سمجهڻ لڳا آھن۔ مراعت يافتہ طبقي ۾ شامل ٿي وڃڻ کانپوءِ وري پنھنجي الڳ ٿلڳ اسٽيٽ قائم ڪيون ويٺا آھن۔ پھريان صحافت فقيري ھوندي ھئي۔ ھاڻي اميري ٿي وئي آھي۔ ڏھ فقير ھڪ تڏي تي ويھي سگهن ٿا، پر ٻن بادشاھن کي الڳ الڳ ملڪ کپي۔ سو جڏھن کان صحافي بادشاھ ٿيا آھن، تڏھن کان سندن ڌڙي/گروھ کي الڳ الڳ پريس ڪلب کپي۔

ميڊيا کي ھميشہ عوامي اڀار ۽ تحريڪن سان گڏ بيھڻ گهرجي۔ جڏھن ميڊيا ڪنھن تحريڪ کي نظر انداز ڪندي آھي تہ تحريڪ پاڻ ئي ميڊیا ٿي ويندي آھي۔ اھڙي تحريڪ پنھنجي اندران ئي رپورٽر، ڪيميرا مين، ھاڪر، بيورو چيف ۽ ايڊيٽر پيدا ڪندي آھي۔ اڳي ٽي ويءَ تي خبر اچڻ جو مطلب ڪا وڏي خبر سمجهيو ويندو ھيو۔ ھاڻي تہ ھر ھٿ ۾ ٽي وي آھي، اخبار ۽ ريڊيو اُٽَل ۾ مليا اٿن۔ ھر ماڻھو پاڻ ئي وزير اطلاعات لڳو پيو آھي۔ ان ڪري ھن دؤر ۾ بہ news kill  ڪرڻ، اھم خبر کي بيڪ پيج تي ڇاپڻ، ٽہ ڪالمي خبر جي سج کي مختصر خبرن جي کاريءَ ھيٺان لڪائڻ، يا وڏي خبر کي راندين جي خبر ۽ موسم جي حال جيتري اھميت بہ نہ ڏيڻ، اسان جي سمجهہ کان ٻاھر آھي۔ ماڻھو سچ ٻڌڻ چاھيندا آھن۔ ڀلي انھن کي بي بي سي ۽ سي اين اين ڇو نہ ٻڌڻي پئجي وڃي۔ خبر جي معاملي ۾ ماڻھو ڪمپرومائيز نہ ڪندو آھي۔ ھو ھر قيمت تي باخبر رھڻ چاھيندو آھي۔ اھو خابرو ادارو جيڪو ڪجهہ لڪائيندو ۽ ڪجهہ ٻڌائيندو آھي ان جي فين فالوئنگFan Following ڏينھون ڏينھن گهٽبي ويندي آھي۔ اخبارن ۽ ٽيليوزن چئنلن جو موت صرف سوشل ميڊيا جي ڪري نہ ايندو! چئنلن جو موت ان ڪري بہ ايندو جو اهي عوام جو آواز بڻجڻ بجاءِ اشرافيا جو آواز بڻبا! ماڻھو جو سڀ کان وڏو سھارو اعتماد آھي، پئسو ڏوڪڙ، مال ملڪيت، سيم و زر، جاه وجلال، زمين ۽ جائداد، سياست ۽ طاقت سڀ اچڻيون وڃڻيون شيون آھن۔ اعتماد ھڪ دفعو ويو تہ وري واپس نہ ايندو۔ جديد دٶر ۾ ماڻھو الگوردم تي وڌيڪ اعتبار ڪن ٿا۔ ھاڻي ميڊيا، صحافي يا ايڊيٽر تي ماڻھن کي اعتبار نہ رھيو آھي۔ ان ڪري جو ھنن پنھنجو اعتماد وڃائي ڇڏيو آھي۔ پيشوراڻہ بدديانتي ڪندي چند ٽڪن عيوض ۽ حڪمن جي تعبيداري ڪندي صحافت کي گٽر جھڙو بدبودار ڪري ڇڏيو آھي۔

 ھونءَ تہ اڄ جي اخبار سڀاڻي جي ردي آھي پر ڪجهہ اڄوڪيون اخبارون اڄ ئي رديءَ ۾ تبديل ٿي وينديون آھن۔ اخبار سامھون پئي ھجي ۽ ان کي ڪو کڻي نہ پڙھي، اھو ان لاءِ موت آھي۔ ماڻھو ان ڪري ڪجهہ اخبارون نہ پڙھندا آھن جو کين خبر آھي تہ ھي مسلسل ڪھڙو گند ڇپين ٿيون۔ فرنٽ پيج تي ڪرائيم ۽ ڪرمنل پوليٽڪس، بيڪ پيج تي ڪنھن اڌ اگهاڙي اداڪاره جو پوسٽر۔ قبيلائي دھشتگرديءَ لاءِ خاص باڪس ۽ الائي ڇا ڇا۔

مون ڪٿي جملو پڙھيو ھيو تہ پراڻي زماني ۾ اھڙا بي باڪ اخبار فروش/ھاڪر ھوندا ھئا جيڪي پنھنجي ھوڪي ۾ صرف اخبار جو مُلهہ نہ ٻڌائيندا ھئا، پر سچائيءَ جي گواھي بہ ڏيندا ھئا۔ “جنگ چار روپيا، وطن ٽي روپيا، انقلاب ٻہ روپيا ۽ عوام ھڪ روپيو” ھو اسانکي ان دؤر ۾ بہ خبردار ڪندا ھئا۔ تہ ڪي ماڻھو جنگ، وطن، انقلاب ۽ عوام کي ڪيئن نہ پيا ويٺا وڪڻن۔ اڄ بہ ڪو جنگ مان ڪمائي ٿو، ڪو وطن کي کپائي ٿو، ڪو انقلاب کي وڪڻي ٿو ۽ ڪو وري عوام جي پِڙي لڳايو ويٺو آھي۔ عوام اڳي روپئي ۾ وڪامندو ھيو ھاڻي شايد ٽڪي ۾ بہ ڪو وٺڻ لاء تيار ناھي۔ ان ڪري جو عوام جي ڪو ٻڌي ئي نہ ٿو۔

جنگ تي محمود درويش جو نثري نظم الائي ڇو ياد اچي ويو۔

“جنگ ختم ٿي ويندي،

اڳواڻ گرمجوشيءَ سان ملندا،

۽ باقي رهي رڳو پوڙهي ماءُ،

جيڪا پنهنجي شھيد پٽ جو انتظار ڪندي.

اُها نوجوان ڇوڪري،

جيڪا پنهنجي محبوب جي راھ تڪيندي.

۽ اھي معصوم ٻارڙا،

جيڪي پنهنجي بھادر پيءُ لاءِ رستي ۾ نيڻ وڇايون ويٺا آھن.

مون کي خبر ناهي تہ وطن ڪنھن وڪيو؟

پر مون ڏٺو تہ قيمت ڪنھن ادا ڪئي.”

صحافي اڳي حقيقي انقلابي بہ ھوندا ھئا۔ ھاڻي پنھنجن نالن جي پٺيان يا اڳيان ڇڙو لفظ انقلابي ٿا لکن۔ انقلاب اتي ايندا آھن جتي مظلوم متحد ھجن. جتي مظلوم پنھنجي پنھنجي من پسند ظالم کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان وڙھن، اتي انقلاب نہ پر ڏُڪارن، مھانگائين،  بيروزگارين، منشياتن، حيوانيتن، قبضہ گيرين، داداگيرين، دھشتگردين، جھالتن، ڏوھن، جهيڙن، ڦرلٽن، اغوائن، ڌاڙن، بيمارين، ذلتن ۽ عصمت درين جھڙيون اجگر بلائون ٻِرن مان نڪري اينديون آھن.

صحافين ۾ بہ ترقي پسند ۽ رجعت پسند ٿيندا آھن۔ وقت گذرڻ سان گهڻو ڪجهہ تبديل ٿي ويندو آھي۔ بدلجندڙ وقت اصل ۾ پيداوار تبديل ڪندو آھي، بدلجندڙ پيداوار اوزار تبديل ڪندي آھي۔ بدلجندڙ اوزار پيداواري رشتا تبديل ڪندي آھي۔ بدلجندڙ رشتا دوستيون ۽ دشمنيون تبديل ڪندا آھن۔ ۽ بدلجندڙ دوستيون ۽ دشمنيون جنگ ۽ مزاحمت جا طور طريقا تبديل ڪنديون آھن۔ ماضيءَ ۾، تبديل ٿيندڙ دنيا  سان پاڻ کي تبديل ڪندڙ کي بہ ترقي پسند چئبو ھيو. پر ھاڻي ترقي پسند اھو آھي جيڪو دنيا کي تبديل ڪري۔ اھو جملو اسانکي ڪارل ماڪس ڏنو تہ سمورن فلسفين صرف دنيا جي تشريح ڪئي آھي، جڏھن تہ ضرورت ان کي تبديل ڪرڻ جي آھي۔ ۽ صحافي بہ اھو ئي ترقي پسند سڏبو جيڪو پاڻ ئي اڳڀرائي ڪري سماج کي تبديل ڪري۔ ھو ڪنھن جو انتظار نہ ڪري۔ سماج کي پنھنجي قلم سان پاڻ جهنجهوڙي، ذھنن کي ولوڙي ۽ غلط رخ ڏانھن ويندڙ سماج جو رخ موڙي، اڳي چيو ويندو ھيو تہ اھل قلم سماج جي نبض تي اصل ھٿ رکيو ويٺو ھجي، جنھن مھل کيس خبر پوي تہ حالتون mature ٿي ويون آھن تہ ان وقت پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري۔ جيئن ڪيميائي عمل ۾ catalyst ڪم ڪري ري ايڪشن کي تيز ڪندو آھي۔ پر ھاڻي چئجي ٿو تہ اھل قلم ڪيميائي عمل کي مئچوئر ڪرڻ وارو ڪم بہ پاڻ ڪري ۽ ڪيٽلسٽ وارو ڪردار بہ پاڻ ادا ڪري۔ جيستائين پاڻ ايئن نہ ٿو ڪري تيستائين سندس سڀ خيال يوٽوپيائي حوال آھن۔ سو ترقي پسند صحافيءَ جي مٿان ھاڻي ٻٽا بار پئجي ويا آھن۔

آئون پنھنجي ڳالهہ پائلو ڪوئلھو جي جملي تي ختم ڪندس تہ ”دنيا کي پنھنجي مثال سان بدلايو، پنھنجي راءِ سان نہ.”

___________

Khadim Mangi-TheAsiaN

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button