Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

”مزي سان سِکو ۽ڪمايو“: آءِ بي اي ڪئمپس دادوءَ ۾ شاگردن لاءِ پروگرام  

شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪيمپس ۾ خوراڪ، ڪپڙن، فن ۽ ثقافت، ڪاسميٽڪس، گيمنگ ۽ آءِ ٽي سان لاڳاپيل اسٽال ھڻي پنهنجي ڪاروباري خيالن، مهارتن ۽ علمي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو۔

رپورٽ: الھ بخش خشڪ

دادو، سنڌ

آئي بي اي  سکر جي دادو ڪيمپس انتظاميا پاران خميس ڏينھن شاگردن لاءِ “مزي سان سِکو ۽ ڪمايو” جي عنوان هيٺ هڪ ڏينهن جو شاندار پروگرام ڪوٺايو ويو۔

شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪيمپس ۾ خوراڪ، ڪپڙن، فن ۽ ثقافت، ڪاسميٽڪس، گيمنگ ۽ آءِ ٽي سان لاڳاپيل اسٽال ھڻي پنهنجي ڪاروباري خيالن، مهارتن ۽ علمي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو۔

ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير تعليم سنڌ پير مظهر الحق، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ڪيمپس دادو جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز احمد، ڪيمپس جي ڪمپيوٽر سائنس جي ايڇ او ڊي گلشير علي لنڊ، ڊاڪٽر بشارت حسين چانگ اسسٽنٽ پروفيسر، آفتاب احمد سولنگي ايڊمن آفيسر، آرگنائيزر پروفيسر طاهر حسين کلھڙو ٻي اسٽاپ ۽ پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن سان گڏ اسٽالن جو دورو ڪيو۔

پير مظهر الحق چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن مطابق سڀني لاءِ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ اسان 66 ڪروڙ روپين جي سالياني ترقياتي اسڪيم تحت آءِ بي اي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ڪيمپس جو بنياد رکرايو جنهن جو وڏو فائدو ٿيو آهي۔

هن چيو تہ اسان جا ٻار هاڻي ڪمپيوٽر سائنس جي اعلي ۽ معياري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن سبب دادو جا نوجوان اٽلي ۽ ٻين ملڪن ۾ اسڪالرشپ ذريعي تعليم حاصل ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن۔

هن چيو ته هي اسڪيم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اسان کي وڌيڪ فائدو حاصل ٿيندو۔

سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ڪيمپس دادو جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز احمد چيو ته دنيا ۾ آءِ اي ۽ مشينري جي وڌڻ سبب نوڪريون گهٽجي رهيون آهن، تنهنڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين نون ڪاروبار لاءِ سائنسي انداز ۾ ماڊلز جي نمائش ڪئي آهي ته جيئن انهن کي عملي تجربو ملي سگهي ۽ هو ڪاروباري دنيا ۾ قدم رکي سگهن۔ پروگرام جي پڃاڻي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا.

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button