Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

هرگُنداس لکواڻي: ھڪ سنڌي جنھن ڪڇ ايڪسپريس ۾ ڦورن سان وڙھندي شھادت ماڻي

24 جولاءِ 2000ع تي، بمبئيءَ کان گانڌي ڌام ويندڙ ڪڇ ايڪسپريس ٽرين ۾ انھيءَ وقت خوف جو ماحول پکڙجي ويو ھو جڏهن ڦورن مسافرن کي لٽڻ شروع ڪيو. ان نازڪ وقت تي، جڏھن گھڻا ماڻهو خوف کان ماٺ ھوندا آھن، هرگنداس لکواڻيءَ پنهنجي جان جي پرواھ نہ ڪندي، غيرمعمولي دليريءَ سان هٿياربند ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو. هن ڦورن سان وڙهندي پنهنجي آخري پساهن تائين مقابلو ڪيو ۽ مسافرن کي بچائيندي شھيد ٿي ويو. شھيد هرگنداس لکواڻي رُڳو هڪ بهادر انسان نه، بلڪ تمام باصلاحيت انسان، فنڪار ۽ رانديگر پڻ هو. هُو انڊين آئل ڪارپوريشن ۾ چارج مين جي عهدي تي فائز هو. پنهنجي ملازمت دوران هن پورهيتن جي حقن لاءِ مسلسل 27 سالن تائين يونين ليڊر طور اڳواڻي ڪئي.  ھُو هڪ ماهر ڊراما فنڪار ۽ نشانيباز (Shooting Champion) هو. هُو هوم گارڊز جو شوٽنگ چيمپئن رهيو، جنهن تي کيس ڪڇ جي مهارائو پاران خاص انعام سان نوازيو ويو هو.

گانڌي ڌام، انڊيا

دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون شخصيتون جنم وٺنديون آهن، جن جي دليري، قرباني ۽ انسانيت جي خدمت جا داستان تاريخ جي صفحن تي سدا لاءِ لکجي ويندا آهن. اهڙن ئي سورمن ۾ هڪ ناميارو نالو شھيد هرگُنداس ڪيسومل لکواڻيءَ جو آهي، جنھن اڄ کان ڇويھ سال اڳ پنھنجي جان جي پرواھ نہ ڪندي ڪڇ ايڪسپريس ٽرين ۾ ڦورن سان مقابلو ڪندي شھادت ماڻي.  

انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ يوٽيوب تي موجود معلومار موجب شھيد هرگنداس هڪ باصلاحيت ۽ غيرمعمولي جرائت جو مالڪ سنڌي هو، جنهن نه صرف پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو ھو، پر پنهنجي جان ڏئي مسافرن جي حياتي بچائي بهادريءَ جو وڏو مثال قائم ڪيو.

24 جولاءِ 2000ع تي، بمبئيءَ کان گانڌي ڌام ويندڙ ڪڇ ايڪسپريس ٽرين ۾ انھيءَ وقت خوف جو ماحول پکڙجي ويو ھو جڏهن ڦورن مسافرن کي لٽڻ شروع ڪيو. ان نازڪ وقت تي، جڏھن گھڻا ماڻهو خوف کان ماٺ ھوندا آھن، هرگنداس لکواڻيءَ پنهنجي جان جي پرواھ نہ ڪندي، غيرمعمولي دليريءَ سان هٿياربند ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو. هن ڦورن سان وڙهندي پنهنجي آخري پساهن تائين مقابلو ڪيو ۽ مسافرن کي بچائيندي شھيد ٿي ويو.

گھڻ-پاسائين شخصيت جو مالڪ شھيد هرگنداس لکواڻي رُڳو هڪ بهادر انسان نه، بلڪ تمام باصلاحيت انسان، فنڪار ۽ رانديگر پڻ هو. هُو انڊين آئل ڪارپوريشن ۾ چارج مين جي عهدي تي فائز هو. پنهنجي ملازمت دوران هن پورهيتن جي حقن لاءِ مسلسل 27 سالن تائين يونين ليڊر طور اڳواڻي ڪئي.

ھُو هڪ ماهر ڊراما فنڪار ۽ نشانيباز (Shooting Champion) هو. هُو هوم گارڊز جو شوٽنگ چيمپئن رهيو، جنهن تي کيس ڪڇ جي مهارائو پاران خاص انعام سان نوازيو ويو هو. سال 1999ع ۾ انڊين آئل ڪارپوريشن پاران سڄي ملڪ مان رڳو ٻن ماڻهن کي ‘ٽيريٽوريل آرمي ڪئمپ’ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو، جن مان هڪ هُو هو. ان ڪئمپ ۾ هن ريسنگ، اسپيڊ رننگ ۽ شوٽنگ سميت چئن مختلف راندين جي مقابلن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جنهن جي رپورٽ ۽ نمايان ڪاميابي دوردوشن تان به نشر ڪئي وئي. هن گجرات سول ڊفينس کان به تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو.

شھيد هرگنداس پنهنجي پوري زندگي سماجي خدمت ۽ انسان دوستيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. جڏهن به علائقي تي ڪا قدرتي آفت آئي، هو پهرين صف ۾ امداد ۽ سروس لاءِ بيٺل نظر آيو.

سال1982ع ۾ موربيءَ ۾ آيل تباهه ڪندڙ ٻوڏ دوران هن مسلسل 15 ڏينهن تائين راشن ۽ ريليف ڪمن لاءِ بي لوث خدمتون سرانجام ڏنيون. 1998ع جي خطرناڪ سامونڊي طوفان دوران به هن متاثرين جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري امدادي ڪم ڪيا.

هو 1970ع کان ئي آر ايس ايس (RSS) جو سويئم سيوڪ هو.

 هُو سنڌي ڀانوشالي سماج جو صدر، سنڌو ورشا فائونڊيشن جو ٽرسٽي، ڀارتي سنڌو سڀا جو ميمبر ۽ پنهنجي رهائشي سوسائٽيءَ جو نائب صدر پڻ رهيو. سندس بيپناهه قربانيءَ کان پوءِ حڪومت ۽ سماج پاران کيس وڏي احترام سان ياد ڪيو ويو ۽ اعلي اعزازن سان نوازيو ويو. 10 جون 2001ع تي گجرات جي گورنر پاران کيس مڻياپورس (وفات کانپوءِ) گولڊ ميڊل ڏنو ويو. کيس ڀارت جي صدر ۽ گجرات جي وڏي وزير پاران شاندار جرائت ۽ شجاعت جي مڃتا ۾ شوريا ايوارڊ (Shaurya Award) سان نوازيو ويو.

سندس آخري سفر ۽ جنازي ۾ گانڌي ڌام، موربي، ڄام نگر ۽ جوناڳڙهه مان سنڌي ڀانوشالي برادريءَ جي هزارين ماڻهن، ميونسپل ڪائونسلرز، گانڌي ڌام چيمبر آف ڪامرس جي عهديدارن، صحافين، واپارين ۽ عام شهرين شرڪت ڪري کيس سلامي پيش ڪئي. سندس قربانيءَ کي هميشه زنده رکڻ لاءِ گانڌي ڌام ميونسپلٽيءَ پاران سينٽ جيڪويئرس اسڪول جي سامهون ٻن ايڪڙن تي پکڙيل اوم مندر پلاٽ شھيد هرگنداس ڪيسومل لکواڻي ٽرسٽ جي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو.

گذريل 24 جولاءِ تي انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ شھيد ھرگُنداس کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.

 _______________

تصوير ۽ تفصيل: انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button