سنڌ جي ڪاڇي ۽ ماڇڪي نالن جي قدامت 500 ق. م. کان بہ اڳ جي آھي
گوتم ٻُڌ پنهنجي ڌرم جي پرچار 500 ق. م ڌاري ڪئي هئي. سندس مَت يا ڌرم ۾ ڪاڇي ۽ ماڇڪي جو ذڪر ملي ٿو جيڪو سندس چوڻ تي پالي زبان (عام ماڻهن جي ٻولي) ۾ لکيو ويو. اهو به ممڪن آهي ته اهي نالا ان اڳ به مروج هجن
عزيز ڪنگراڻي
ڪاڇي جي صحرا جي نالي جي تشريح مون پنهنجن مضمونن ۽ ڪتابن ۾ ڪئي آهي ته ڪاڇو لفظ ڪڇ منجهان نڪتل آهي جنهن جي معني آهي ڪَڇَ يا بغل (Armpit) ۽ انھيءَ حساب سان کيرٿر جابلو سلسلي جي ڪنار سان صحرائي زمين ڪاڇو سڏجي ٿو. ساڳو لفظ پالي ٻوليءَ ۾ ٻُڌمت جي مذهبي مواد جي لغتن ۾ ڪَڇُ (Kaccho) جي معني به ڪڇ يا بغل (Armpit) ۽ درياهي ڪنار سان آلي،ڌُٻڻ جهڙي،نرم يا ميداني (Marshy Land) ڏنل آهي. يعني ڪچي/ڪاڇي جو علائقو (low, soft, muddy area). ان جو مطلب درياهي ڪناري کان کيرٿر جابلو سلسلي جي وچ وارو علائقو جيڪو درياهي ٻوڏ ۽ جابلو نئيُن سبب ڀِڄندڙ ، سيراب ٿيندڙ ميداني علائقو. اڳ ۾ هوندو ڪچو ۽ ڪاڇو پر 1932ع ۾ بئراج ۽ نهري نظام جوڙڻ کانپوءِ هڪ ٿيو ڪچو، ٻيو پَڪو (بئراج يا نهري نظام وارو علائقو) ۽ ٽيون کيرٿر ڪنار سان صحرائي علائقو ڪاڇو سڏجي ٿو.

اهڙي ريت ٻُڌ ڌرم جي تعليمات وارين لغتن ۾ مَڇَڪُ (Macchko) جي معني مڇي ڏنل آهي جيڪا غلط سمجهان ٿو ڇاڪاڻ ته پالي جي لغتن ۾ مڇي لاءِ دراوڙي ۽ پروٽو دراوڙي ٻولين جو لفظ مِنَ (Min) ۽ مڇي (Macchi) موجود آهي. مَڇَڪُ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ اُچار ماڇڪو ٿيندو. انگريز توڙي ٻوڌي لغت نويس ڪاڇي ۽ ماڇڪي جي علائقن کان بي خبر هئا يا آهن. ماڇڪي (اڳي سنڌ جو حصو ھو، ھاڻي پنجاب، پاڪستان) ۾ رهندڙ سولنگي پاڻ کي ماڇي سولنگي سڏائن ٿا. اها سُڌ ان وقت پئي هئي جڏهن ماڇڪي جو ٺاٺارو يا جست جا ٿانءُ وڪڻندڙ منهنجي ڳوٺ آيو هو ۽ منهنجي پُڇڻ تي ذات ماڇي سولنڪي ٻُڌائي ته مون کيس چيو ته صرف سولنڪي يا سولنگي درست آهي.

اول ڪاڇي جي قدامت ڪلهوڙا دور تائين ڄاڻائي هئم ڇو ته ڪلهوڙا دور جي شاعر شاھ عنايت رضوي نصرپوري جي هڪ بيت جي سِٽُ آهي:
“نسريو نصير، ڪاڇو ڪوڙِيءَ ۾ ڪري”. هاڻ ڪاڇي (سنڌ) ۽ ماڇڪي جي نالن جي قدامت 500 ق. م کان سمجهڻ گهرجي. ڇو ته گوتم ٻُڌ پنهنجي مذهب جي پرچار 500 ق. م ڌاري ڪئي هئي. سندس مَت يا ڌرم ۾ ڪاڇي ۽ ماڇڪي جو ذڪر ملي ٿو جيڪو سندس چوڻ تي پالي زبان (عام ماڻهن جي ٻولي) ۾ لکيو ويو. اهو به ممڪن آهي ته اهي نالا ان اڳ به مروج هجن.

حوالا
Mahāthera, A. P. (1949). Concise Pāli–English Dictionary.
Childers, R. C. (1875). A Dictionary of the Pāli Language.
____________________

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ليکڪ ۽ محقق ۽ سترھن ڪتابن جو مصنف آھي



