Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

عورتن ۽ نوجوانن لاءِ ڪراچيءَ ۾ فري لانس لانچ پيڊ” پروگرام

عورتن کي با اختيار بنائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم نُوري ۽ ڊاڪٽر ياسمين ٽرسٽ گڏجي پروگرام ڪوٺايو جنهن جو مقصد عورتن ۽ نوجوانن کي فري لانسنگ، ڊجيٽل مهارتن ۽ آن لائين ڪاروبار بابت عملي رهنمائي فراهم ڪرڻ هو.

ڪراچي: نوري، عورتن جي سماجي تنظيم، ڊاڪٽر ياسمين ٽرسٽ جي سهڪار سان ڇنڇر پھرين آگسٽ تي “فري لانس لانچ پيڊ” نالي سان ھڪ پروگرام ڪوٺايو، جنهن جو مقصد عورتن ۽ نوجوانن کي فري لانسنگ، ڊجيٽل مهارتن ۽ آن لائين ڪاروبار بابت عملي رهنمائي فراهم ڪرڻ هو.

پروگرام دوران فري لانسنگ جي بنيادي اصولن، ذاتي برانڊنگ، پورٽ فوليو تيار ڪرڻ، گراهڪن تائين پهچ ۽ ڊجيٽل موقعن بابت هڪ معلوماتي سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن وڏي دلچسپي سان سوال ڪيا ۽ ڀرپور نموني گفتگوءَ ۾ حصو ورتو.

ان کان پوءِ عورت ڪاروباري شخصيتن تي ٻڌل هڪ پينل ڊسڪشن ٿيو، جنهن ۾ مقررن پنهنجي ڪاروباري سفر، پيش آيل چئلينجن ۽ ڪاميابين جا تجربا شرڪت ڪندڙن سان ونڊيا ۽ کين عملي رهنمائي فراهم ڪئي.

تقريب جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ تحفا ورهايا ويا. هي گڏيل قدم عورتن ۽ نوجوانن لاءِ ڊجيٽل مهارتن، ڪاروباري صلاحيتن ۽ پائيدار روزگار جي موقعن کي هٿي ڏيڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.

سنڌ گريجوئيسٽس ائسوسيئيشن جو باني، سوشل ڊيولپمينٽ پروفيشنل ۽ ليکڪ ڊاڪٽر سليمان شيخ ھن پروگرام ۾ خاص طور شريڪ ٿيو. (پريس رليز)

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button