سنڌي ادب: سنڌ! تنهنجي وارثيءَ جو سوال آهي (نثراڻو نظم)
شاعر: حميرا نور
حميرا نُور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

سنڌ! تنهنجي وارثيءَ جو سوال آهي
سنڌ! تنهنجي مٽيءَ ۾
اڃا به ڪيئي خواب جاڳن ٿا،
تنهنجي درياھ جي سيني ۾
اڃا به ڪيئي اڃارا پلجن ٿا،
تنهنجي هوائن ۾ اڃا تائين
مزاحمت جا گيت گونجن ٿا،
پر تنهنجي آڪاش تي ڪجھ ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن!
تنهنجي آڳر ۾ ڪجھ اهڙا
چهرا لاٿا ويا آهن
جن جي زبان تي محبت جا نعرا نه
پر اکين ۾ مفادن جا نقش چٽيل آهن!!
جن جي هٿن ۾ وفا جي دعويٰ نه
پر دلين ۾ سودن جا دفتر آهن!!
جيڪي تنهنجي نالي تي قسمون کڻن ٿا
۽ تنهنجي ئي حصي جا ڏيئا وسائن ٿا!!
هي ڪهڙي دور جي ڪهاڻي آهي!؟
جتي احسانن جا قرض وساري،
وفائن جا رشتا ٽوڙي،
ضميرن کي بازار ۾ رکي
پنهنجي ئي ڌرتيءَ جي سيني تي
مفادن جا محل اڏجي رھيا آھن!؟
سنڌ! تنهنجو درياھ، تنهنجا ٻيلا، تنهنجا جبل،
تنهنجون زمينون، تنهنجو سمنڊ، تنهنجا ساحل،
تنهنجي پورهيتن جا هٿ،
تنهنجي هارين جا پگهر،
تنهنجي مائرن جون دعائون،
ڇا ڪنهن جي ذاتي ملڪيت آهن؟
ڇا تنهنجي ھڙني وسيلن تي
رڳو طاقتورن جا نالا لکيل آهن!؟
نه! هي ڌرتي ڪنهن جي جاگير ناهي،
هيءَ ڪنهن جي ذاتي ميراث ناهي،
هيءَ انهن جي آهي
جيڪي ان جي مٽيءَ ۾ پگهر ڳاڙين ٿا،
ھيءَ انهن جي آهي
جيڪي بک سان وڙهي ٻج پوکين ٿا،
ھيءَ انهن جي آهي
جيڪي علم جي شمع ٻارين ٿا
۽ انهن جي آهي
جيڪي پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ
هڪ آزاد، باوقار ۽ خوشحال سنڌ جا خواب ڏسن ٿا!
پر افسوس!
اسان جي وچ ۾ ڪي اهڙا ماڻهو آهن
جيڪي پنهنجن پاڙن کان انڪاري آهن!
جيڪي پنهنجي تاريخ جا سوداگر آهن!
جيڪي پنهنجي ماڻهن جي دردن تي
مفادن جا مينار اڏين ٿا!
جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جي نالي تي
پنهنجا خزانا ڀرين ٿا ۽
سنڌ جي حصي ۾ رڳو محرومين جا قصا ڇڏين ٿا!
اسان کي اهڙي سنڌ کپي
جنھن جي پاڻيءَ تي ڪنهن جو قبضو نه هجي،
جنهن جي زمين جو سودو نه ٿئي،
جنهن جي وسيلن تي ڌارين جو نه،
صرف ڌرتيءَ ڌڻين جو حق هجي،
جنھن جون نياڻيون محفوظ هجن،
جنھن جا نوجوان مايوس نه هجن،
جنهن جا پورهيت بکيا نه سمهن،
جنھن جو قانون امير ۽ غريب لاءِ هڪجهڙو هجي!
اسان سنڌ بچائڻ چاهيون ٿا
رڳو نعري سان نه،
علم سان، شعور سان، اتحاد سان،
تنظيم سان، سچائيءَ سان، جدوجهد سان،
قلم جي طاقت سان
۽ پنهنجي حقن جي پُرامن آواز سان!
اسان کي دشمن جي سڃاڻپ گهرجي
گڏ پنهنجي اندر جي منافقت جي سڃاڻپ به،
اسان کي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ڳالهائڻو آهي
پر پنهنجي ڪردار جي
سچائي به ثابت ڪرڻي آهي
ڇو ته سنڌ رڳو دشمنن جي ڪري نه ٿي هاري
سنڌ تڏهن به هارائي ٿي
جڏهن سندس پنهنجا هڪ ٻي جا رستا روڪين ٿا!
اسان نه ڪنهن جي ڌرتي کسڻ چاهيون ٿا.
نه ڪنهن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ چاهيون ٿا.
اسان رڳو پنهنجي ڌرتيءَ جي مالڪي،
پنهنجي وسيلن جي حفاظت،
پنهنجي ماڻهن جي عزت، ۽ پنهنجي
ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ مستقبل چاهيون ٿا!
اي سنڌ!
تون رڳو نقشي تي لکيل نالو ناهين،
تون اسان جي سڃاڻپ آهين،
تون اسان جي تاريخ آهين،
تون اسان جي ٻوليءَ جو ساھ ويساھ آهين،
تون اسان جي ماءُ جي لولي آهين،
تون اسان جي وجود جو ھڪ ئي حوالو آهين!
اي سنڌ تو سان وچن آ ،
تنهنجي لاءِ ڳالهائينداسين،
تنهنجي لاءِ لکندا رهنداسين،
تنهنجي درد کي لفظ ڏينداسين،
تنهنجي حقن جو آواز بڻجنداسين،
نه وڪامنداسين، نه جهڪنداسين،
نه ئي پنهنجي ضمير جو سودو ڪنداسين!
ڇو ته..
اسان تنھنجا سچا وارث آهيون،
اسان کي تخت کپي حق کپن،
اقتدار کپي انصاف کپي،
نعرا کپن عمل کپي،
فتح کپي ۽ اجتماعي ڪاميابيون کپن.
۽ جڏھن تاريخ سڀني کان پڇندي ته
سنڌ جي ڏکئي وقت ۾ توهان ڇا ڪيو هو؟
تڏهن اسان جو جواب هوندو:
پنهنجي ڌرتيءَ سان بي وفائي ڪا نه ڪئي.
پنهنجي ضمير جو وڪرو ڪو نه ڪيو.
پنهنجي ماڻهن کي اڪيلو ڪو نه ڇڏيو.
پنھنجي حقن جي آواز کي
زندگيءَ جي آخري سٽ تائين زندھ رکيو!
__________

حميرا نور



