ڌرتي ! تنهنجي سيني تي ٿا ڪيڏا ڪيڏا ڪءِيس ٿين! ڪتاب” ڏيئا ڏات جا ” تي ويچار
سنڌي ٻوليءَ جو بيباڪ مزاحمتي شاعر عبدالحڪيم “ارشد” اھڙو شاعر آهي جنهن جي تخليق جا رنگ خوبصورت ۽ انوکا آهن. ھُن پنهنجي جرائت سان فرض ادا ڪري ھڪ واٽ ڏسي آهي ۽ ڏات جا ڏيئا ٻاريا آهن
وحيد محسن
شاعر پنهنجي وطن، قوم ۽ ٻوليءَ جو نمائندو ھوندو آهي ۽ ان جي تخليق ۾ زندگي جا عڪس نمايان ھوندا آهن. ھُو پنهنجي وطن، قوم ۽ ٻوليءَ سان بي انتھا پيار ڪندو آهي. سندس سماجي شعور قوم جي جياپي جو ھڪ آواز ھوندو آهي جيڪو ڌرتيءَ تي پڙاڏو بڻجي گونجندو رهي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جو بيباڪ مزاحمتي شاعر عبدالحڪيم “ارشد” اھڙو شاعر آهي جنهن جي تخليق جا رنگ خوبصورت ۽ انوکا آهن. ھُن پنهنجي جرائت سان فرض ادا ڪري ھڪ واٽ ڏسي آهي ۽ ڏات جا ڏيئا ٻاريا آهن، جن مان اسان کي ادراڪ ملي ٿو. شاعر انساني وجود ۽ زندگي جي اصل مقصد کي عيان ڪيو آهي.
عبدالحڪيم “ارشد” جي غزلن ۾ اسان کي قوم لاء درد ملي ٿو، جيئن ھو ھڪ غزل ۾ اظهار ڪري ٿو ته :
قوم جا شاعر ! ڄاڻي واڻي تون ڀي جي چپ ٿي ويندين،
نينهن جو نياپو دل وارن تائين ڪير ٻيو پھچائيندو؟
سندس تخليق ۾ تڙپ، اڻ تڻ ۽ جستجوءَ جو آواز آهي، جنهن کي ٻڌڻ کانپوءِ ماڻهو ان جي ڪيفيت کي سمجهي ھڪ واٽ وٺي ٿو.
ھڪ ٻيو غزل مطالعي ھيٺ آڻيون ٿا جنهن ۾ به قومي شعور جو عڪس اوھان کي نمايان طور نظر ايندو.
ڌرتي ! تنهنجي سيني تي ٿا ڪيڏا ڪيڏا ڪيس ٿين ،
ماکيءکان ڀي مٺڙا ماڻهو گُھٽجيو گُھٽجيو ساھ ڏين !
***
ھاءِ زمانا ! بدلي تنهنجي ريت پراڻي ڪين اڃان ،
ڏاھپ اڄ ڀي ڏنگ سھي ٿي، وِھ جا پيالا ويتر پين !
شاعر جو ادراڪ ڌرتيءَ سان جڙيل ھوندو آهي ۽ اھو جڏهن ڌرتيءَ تي ظلم ٿيندي ڏسندو آهي ته ھُو اھڙي منظر کي پنهنجي خيال سان پيش ڪرڻ جي ھڪ جرئت ڪندو آهي جيئن مٿئين غزل ۾ اسان کي نظر اچي ٿي جنهن ۾ ڌرتي جا درد نمايان طور نظر اچن ٿا. ٻيءَ مصرع ۾ شاعر زماني جي ريت کي خوبصورت انداز سان چٽيو آهي تہ دنيا ۾ ڏاھپ زماني جا ڏنگ به سھندي رهي ٿي ۽ اھي وھ جا پيالا عاشق پيئندا رھن ٿا. شاعر جي ڪيفيت ڏسو ڇا ته ان جو خيال آهي !
رات انڌاري، ڪاري ڪاري، منزل پنهنجي ڏور اڃان،
ڪِرندا ; ٿِڙندا ھلجو، متان ٿيو دلگير ميان !
ھن غزل ۾ شاعر اميد جو ڏيئو ٻاريو آهي ۽ پنهنجي پيغام ۾ چوي ٿو ته رات ڪيڏي به ڇو نه انڌاري ھجي ۽ منزل به ڏور آهي پر ھلندا ھلجو ۽ ڪڏهن به دلگير نه ٿيو. ان غزل ۾ شاعر علامتن سان پنهنجي فڪر کي عيان ڪيو آهي. علامتون شاعريءَ جو حُسن ھونديون آهن جنهن سان عبدالحڪيم “ارشد” خوب نڀايو آهي.
ھڪ ٻيو غزل پڙهي ڏسو :
ڪيڏو آهي ڪيف فضا ۾، مند تي مستي ڇانئي آ،
چيٽ فصل جي چانڊوڪي، اي دوست وري اڄ آئي آ !
شاعر فطرت کان گهڻو متاثر ٿيندا آهن ۽ انهيءَ جي ڪيف ۾ وڪوڙجي ويندا آهن. مٿئين غزل ۾ به عبدالحڪيم “ارشد” فطرت جي جمال کي جيئن محسوس ڪيو آهي ان کي انوکي ڪيفيت سان غزل جو روپ ڏنو آهي.
ھن غزل ۾ شاعر جو منفرد اظهار ڏسو :
ڪي ماڻهو دنيا ۾ ايئن ٿا جيئن،
لڪي لوڪ کان رت جا ڳوڙها ھارين !
ھن غزل جي مطلع ۾ شاعر جنهن ڪيفيت سان اظهار کي سلاست سان وسعت ڏني آهي اھو ان شاعر جي شعور جو ڪمال آهي ۽ ان ۾ دنيا ۽ سماج جو درد سامهون اچي ٿو .
عبدالحڪيم “ارشد” جا نظم به شاھڪار آهن. انهن جو فڪري پسمنظر نھايت دل کي ڇھندڙ آهي. سندس ھڪ نظم بعنوان “آس نراس” کي پڙهي ڏسو :
جياپي جا جنجال ڇا ٿا پڇو ،
ڏکيا ڏينهن ٿا ڪيئن گھاريون اسين؟
لکين لڙڪ اکڙين ۾ آهن لڪل ،
تڏهن ڀي ٿا مُرڪي گذاريون اسين !
شاعر زندگيءَ جو اتساھ کڻي ھلندو آهي. ھُو دنيا اندر مشڪلاتن سان منهن ڏيندي گذاري ٿو ۽ سندس اکين ۾ لکين لڙڪ اوجھل ھوندا آهن ۽ مُرڪي زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. اھو پيغام زماني جي لاء ھڪ خوبصورت مثال وانگي آهي .
نظم : ڌرتي ۽ درد
اي ڌرتي ! تنھنجو درد کڻي،
مان بستيء بستيء ڀٽڪيو ھان،
۽ ڪارين ڪارين راتين ۾ ،
مان جگنو بنجي جرڪيو ھان !
عبدالحڪيم “ارشد” جي ھن نظم ۾ اسان کي ڌرتيءَ سان محبت جو درس ملي ٿو. ھُن پنهنجي ڌرتي جي درد کي ڪيئن محسوس ڪيو آهي اھا سندس مٿئين نظم مان پروڙ پوي ٿي. شاعر جي ڪمٽمينٽ به سامهون اچي ٿي بيھي تہ کيس پنهنجي ڌرتيء جو اونو آهي .
عبدالحڪيم “ارشد” جا آزاد نظم به خيال جي حوالي سان بيحد پختا وسعت وارا آهن. انهن جي ٽيڪنڪ به نرالي آهي جنهن کي پڙهڻ کانپوء ان جي تخليق جي خوشبو پسي سگهجي ٿي. مثال طور سندس ھڪ نظم بعنوان ” غم جي بڙڇي ” اوھان جي مطالعي لاء ڏيان ٿو –
گيت اسان جا گھٽجي ويا ،
آھ اندر جي دٻجي ويئي،
غم جي بڙڇيءَ گھاءَ ڪيا ،
ھانءُ ڇڄي پيو،
دل ٿي ٽڪرا،
روح رڙيو –
اڀ تي ڪارا بادل ڇانيل،
جڳ تي ڪارونڀار متو،
آشا جا ويا ديپ اجھامي،
ارمانن کي باھ لڳي –
آس جو گلشن ويران ويران ،
غنچا پاڙئون پٽجي ويا،
مکڙين جو ڀي خون ٿيو ،
مکڙيون ، جن جو ڏوھ نه ھو !
سوچيان ٿو مان :
ظالم گلچين ،
توکي نازڪ مکڙين تي ڀي قياس نه پيو !
عبدالحڪيم “ارشد” جي شاعري اسان لاءِ روشن ڏيئي وانگر آهي. سندس فڪري اظهار وڏي معنيٰ رکي ٿو جنهن کي اسان ڪڏهن به وساري نه ٿا سگھون.
________________

وحيد محسن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو سرگرم ڪارڪن آهي. سندس ٻارن لاءِ شاعري جا ڪجھ مجموعا شايع ٿيل آهن.




بھترين سھيڙ ،جس ھجي توھان کي