Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

ايم ايڇ پنھور: سنڌ جو عظيم ترقي پسند زرعي سائنسدان ۽ انجنيئر

عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ  سنڌ جي ھن ماھر زراعت، آبپاشي ۽ باغبانيءَ جي شعبن ۾ تحقيق ڪري ڪيئي ڪتاب لکيا جيڪي اڄ بہ زرعي سائنسدانن جي رھنمائي ڪن ٿا. ھُن سائنسي سوچ سان مقامي ماحول ۽ موسم جي آڌار زرعي لاڀ حاصل ڪرڻ جي راھ ڏيکاري.

ايم ايڇ پنھور سامونڊي پٽيءَ جي ماحولياتي تباھي، پاڻيءَ جي غير برابر ورڇ، بااثر ڀوتارڪي نظام، آب پاشي پاليسين ۽ پاڻيءَ جي تڪرارن جھڙن سياسي ۽ ادارتي مسئلن ۽ زرعي معيشت تي پوندڙ اثر تي بہ لکيو. ھُن پنھنجي سائنسي سوچ پٽاندڙ  تجربن ۽ مشاهدن جي آڌار تي جيڪي فصل تجويز ڪيا آھن انھن جي ذريعي زرعي سائنسدانن لاءِ تحقيقي راھ کلي ٿي ۽ زرعي پاليسي ٺاھيندڙن ۽ آبادگارن کي موافق زرعي نظام اختيار ڪرڻ لاءِ بنياد مھيا ڪري ٿي .

آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ڇھين جُون تي ايم ايڇ پنھور بابت ڪوٺايک مذاڪرو

رياض شاھد دايو

(آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ايم ايڇ پنھور جي ياد م ڪوٺايل مذاڪري ۾ پڙھيل مقالو)

‎ڪي ماڻھو پنھنجي ڪنهن مخصوص شعبي ۾ ماھر ھوندا آھن پر ڪجھ ماڻھون ڪيترن ئي شعبن ۾ يگانا ماھر ھوندا آھن، جن جو اسان جي تھذيبي، معاشرتي ۽ معاشي زندگي جي تعمير ۾ اھم ڪردار ھوندو آھي. اھڙي ئي گھڻ پاسائين شخصيت محمد حسين پنھور ( ايم ايڇ پنھور) صاحب ھو. سندن تاريخي فڪر، سائنسي سوچ ۽ زرعي تحقيق کين نمايان حيثيت ۾ نروار ڪيو. ھُو بنيادي طرح  انجينئر ھو، ھُن ماسٽرس ايگريڪلچر انجنيئرنگ ۾ آمريڪا جي Wisconsin يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ 1953ع کان 1969ع تائين زرعي انجنيئر ۽ سپرنٽنڊنگ انجينئر طور سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون جنھن دوران آفيس ۾ ڪم ڪرڻ بجاءِ فيلڊ ۾ رهي تحقيق تي گھڻو وقت صرف ڪيو.

‎ايم ايڇ پنھور جا زرعي کيتر ۾ لکيل ڪتاب هتان جي  زرعي معاشري سان وابستگي ۽ ڳانڍاپي جا بھترين ثبوت آھن. سندس لکيل “آب بيتي جڳ بيتي” ۾ بہ جاءِ بجاءِ زمين ۽ ماڻھن سان جڙيل ھئڻ جو ھڪ تاريخي داستان آھي. ان مان  سندس فڪري سوچ جي پختگي کي سمجھي سگھجي ٿو. کيس تاريخ ۽ زراعت تي ننڍڙي وھيءَ ۾ پنھنجي ماحول مان وڏو مواد مليو جنھن پنھور صاحب کي لکڻ لاءِ اتساھيو. ڏٺو وڃي تہ پھنور صاحب جا سڀ ڪتاب اھميت وارا آھن پر سندس عميق جهڙي گهرائيءَ وارو ڪتاب سندس پنهنجي ئي زندگي آھي جنهن تجربن ۽ مشاھدن جي پوري ڪائنات کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو. ان زندگي جي ڪتاب جي جھلڪين جا عڪس سندس سمورن ڪتابن ۾ پسي سگھجن ٿا. مون سندس ڪتابن جو باريڪ بينيءَ سان مطالعو ڪيو آھي جن ۾ تحقيق، مشاھدن ۽ تجربن جا اھڙا عنصر نظر اچن ٿا جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙن جي راھ روشن ڪن ٿا. پنھور صاحب جي ڪم کان  هڪ زرعي انجنيئر طور ته اڳ ئي واقف هيس پر ساڻس منهنجي  ذاتي طور 1990ع کان شناسائي ٿي جڏھن ما واٽر مئنيجمنٽ پراجيڪٽ  ميرپورخاص ۾ آفيسر ھيس جتي پنھور صاحب جي “ريڊ” نالي سان ڪنسلٽنسي فرم اسان جي ڪم جي نگھباني ڪندي ھئي. ساڻس 2004ع ۾  وڌيڪ نياز مندي تڏهن ٿي جڏھن ميرپور خاص ۾ آءُ اي ڊي او زراعت طور مقرر ٿيس ۽ کيس سالياني مينگو شو جي سيمينار ۾ زرعي ماھر اسپيڪر طور کيس مدعو ڪيو. ان کانپوءِ ساڻس زراعت ۽ تاريخ جي حوالي سان ڪچھريون ٿينديون رھيون. ھو پنھنجي ڪم ۽ سوچ جي حوالي سان تمام وڏو  ماڻھو ھو جنھن سان نيازمندي منھنجي لاءِ وڏي وٿ ۽ فخر جو باعث رھي.

‎‎زرعي سائنسدان ۽ زرعي انجنيئرنگ جي ماھر طور پنھور صاحب سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي جديد زرعي ورڪشاپ قائم ڪيا، جن ۾ ڌاتو پگهارڻ لاءِ بٺيون، زمين جي کيڙي لاءِ لوھارڪي ڪم  جون مشينون ۽ زمين جي کيڙي کان وٺي لاباري تائين جديد زرعي سامان متعارف ڪرايو۔ ان کانسواءِ زمين جي سنوت لاءِ بلڊوزن جي کيپ آندي جنهن ذريعي زمين جي سنوت لاءِ وڏو ڪم ڪيو،  ٽي ھزار ٽيوب ويل سنڌ ۾ ۽ ھڪ ھزار بلوچستان ۾ لڳرايا. اھڙي طرح زمين جي تھن ھيٺ موجود مٺي پاڻيءَ جي موجودگيءَ بابت تحقيق ڪئي ۽ ان تي  ڪيترائي ڪتاب لکيا. انھن ڪتابن ۾  Ground water in Hyderabad and  Khairpur Division ھڪ اھم ڪتاب آهي جنھن ۾ ھن زير زمين پاڻيءَ جي موجودگي، ان جي معيار ۽ استعمال جي حوالي سان سائنسي جائزو پيش ڪري جديد زراعت طرف پيشقدميءَ لاءِ راه هموار ڪئي.

‎سندس چوڻ ھو تہ ھتي مٺي پاڻيءَ جي دين درياھ جي ڪري آھي ۽ درياھ جي پراڻن مٽجندڙ پيٽن جي ڇان بين تاريخي ثبوتن ۽ سنڌوءَ درياھ جي سلوڪ جي حوالي ثابت ڪيو تہ سنڌ ۾ شھرن جو آباد ٿيڻ ۽ ڦٽڻ درياھي وهڪرن جي رخ مٽائڻ جي ڪري ٿيو، نہ ڪي مشھور ڪيل دلوراءِ جي افسانوي قصن ۽ ڪھاڻين جي ڪري ٿيو آھي. ھن ڪيترن ھنڌن تي ڊرلنگ ڪرائي ڊيٽا ڪٺي ڪئي، نقشا تيار ڪيا، جتي زمين ھيٺان مٺي پاڻيءَ جي موجودگي ۽ ان جي مقدار جي حوالي سان انگ اکر ھئا. ھُن سنڌوءَ جي ساڄي پاسي ڪشمور کان سيوھڻ ۽ کاٻي پاسي اوٻاوڙو کان مياڻي فاريسٽ، ان کان سواءِ درياھ جي پراڻن وھڪرن جي واٽ وٺي تحقيق ڪئي. بعد ۾ ميسرز ھنٽنگس ھڪ ساڳي موضوع تي رپورٽ جاري ڪئي ھئي ۽ پنھور صاحب جي ڪم ۽ پاڻي جي نقشن کي  ساراھيو ھو . جڏھن تہ پنھور صاحب ساڳي ھنٽنگ جي رپورٽ ۾ آيل نارا ڪمانڊ ايريا جي باب تي 2 سال تحقيق ڪري ثابت ڪيو تہ سندس ڪجھ رپورٽ جا رزلٽ صحيح نہ آھن، جيڪي ھن 1969ع جي ايڊيشن ۾ ٻين ڪيترن نوٽس سان گڏ شايع ڪيا ۽ ونڊمل جي حوالي سان نئين  تحقيق  شامل ڪيائين.

‎ان ڪتاب ۾ ھن پھريون ڀيرو ھوائن جي پٽي (Wind belt zone) تي بھتر انداز سان تحقيق ڪئي، ھوائن جي رفتار تي ونڊ ملز مان پيدا ٿيندڙ ھارس پاور جو  سائنسي زرعي ماهر طور تفصيلي جائزو ورتو جيڪو زرعي آبپاشيءَ لاءِ ھڪ انقلابي قدم ھو، خاص ڪري انھن علائقن ۾ جتي پاڻيءَ جي اڻاٺ ھئي ۽ زير زمين پاڻيءَ جي موثر استعمال جي پاليسي سازي جو اھم دستاويز لکيو.

‎زميني مٺي پاڻيءَ جي حوالي سان سندس ٻين مکيہ تصنيفن ۾ دادو ضلعي، حيدرآباد ضلعي، خشڪ علائقن، ڪراچي ضلعي، لس ٻيلي ضلعي، ڪوئيٽا ڊويزن، قلات ڊويزن، ڪاڇي وارن علائقن ۾ زير زمين پاڻي ۽ ڪچي وارن علائقن ۾  پاڻي جي ضرورت تي اھم تحقيقي پبليڪيشنس شامل آھن جيڪي اڄ تائين ڪجھ تبديلين سان استعمال ٿين پيون.

‎‎پنھور صاحب جو ڪتاب Saline Agriculture and Crops in Sindh لوڻياٺي ڪلراٺي زمين تي فصلن جي پوک جي حوالي سان ٿيل تحقيق، سائنسي مشاھدي ۽ مقامي تجربي ۽ نامياتي صلاحن واري عملي  تجويزن تي مشتمل ڪتاب آھي جيڪو سنڌ جي زمين جو اڄ جو وڏو مسئلو آھي. لوڻياٺي/ ڪلراٺي ۽ سم جو آزار ڪافي وقت کان لاڙ ۾ ڏٺو ويو ھو پر ھاڻي تہ سنڌ جي اتر ۽ وچين حصي ۾ بہ تباھ ڪندڙ صورتحال اختيار ڪري چڪو آھي، جيڪو سنڌ جي زراعت جو وڏي بحران جو سبب آھي.  ھن ڪتاب ۾ مٺي درياھي پاڻي تي بئراجن ٺھڻ ڪري ان جو پاڻي سمنڊ تائين نہ پھچڻ ۽ ان ڪري سمنڊ جي چاڙھ سبب بدين، ٺٺي ۽ سجاول جي ڪيترن ئي ديھن کي سمنڊ پائي وڃڻ جا سبب ڄاڻايل آھن.

ليکڪ مذاڪري ۾ ڳالھائي رھيو آھي

‎ھن ڪتاب ۾ اھڙين ڳنڀير حالتن ۾ مايوس ٿيڻ بدران ترقي پسند سائنسي سوچ سان مقامي ماحول، موسم ۽ زرعي تجربن سان ڪنھن حد تائين زرعي لاڀ حاصل ڪرڻ جي راھ ڏيکاريل آھي. ھي ڪتاب کاراڻ پد جي فني سببن تي بھترين ڊاڪيومنٽ آھي، جڏھن تہ سامونڊي پٽيءَ جي ماحولياتي تباھي، پاڻيءَ جي غير برابر ورڇ، بااثر ڀوتارڪي نظام، آب پاشي پاليسين ۽ اپ اسٽريم ۾ پاڻيءَ جي تڪرارن جھڙن سياسي ۽ ادارتي مسئلن ۽ زرعي معيشت تي پوندڙ اثر کي ٻين اشاعتن ۾ شامل ڪيو آهي . ليکڪ پنھنجي سائنسي سوچ پٽاندڙ  تجربن ۽ مشاهدن جي آڌار تي جيڪي فصل تجويز ڪيا آھن انھن جي ذريعي زرعي سائنسدانن لاءِ تحقيقي راھ کلي ٿي ۽ زرعي پاليسي ٺاھيندڙن ۽ آبادگارن کي موافق زرعي نظام اختيار ڪرڻ لاءِ بنياد مھيا ڪري ٿي .

‎‎سنڌ جي آبپاشي (ريجاڻي تاريخ) جي ڇھ ھزار سالن جي تاريخ (Six thousand years of history of Irrigation in Sindh) ايم ايڇ پنھور جي تحقيق تي مشتمل اھم ڪتاب آھي. ھي ڪتاب سنڌ جي قديمي تھذيب، راڄ گھراڻن جي پيرائتي تاريخ، آبپاشي جي اوسر ۽ اوائلي زرعي وقت کان وٺي اڄ جي جديد دور تائين جو تفصيل سمايل آهي، ڪڙمي ۽ زميندار جي سماجي ۽ طبقاتي  بيھڪ، زراعت جي شروعات ۽ درياھن جا وھڪرا، موسمن جو اثر، آباديءَ جو وڌڻ ۽ گھٽجڻ، آبپاشي جي معيشت ۽ زندگيءَ تي اثر نقشن ۽ تصويرن سان  ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي تڏھن  ئي تہ ڪتاب جي شروعات تاريخي حيقيقت سان ٿئي ٿي:

‎”تاريخ مان مراد آھي تہ: اھا اپت جي تاريخ، اھا اپت جي ذريعن جي تاريخ آهي، اپت جي ورھاست جي تاريخ آهي ۽ جيئن تہ اپت جو آڌار ٻنيءَ، پاڻيءَ ۽ آب ھوا تي ھوندو آھي ۽ اھا وايو منڊل جي پڻ اثر ھيٺ ھوندي آھي. ان ليکي تاريخ اصل ۾ ماضيءَ جي وايو منڊلن جو ليکو چوکو آھي“

‎پنھور صاحب ان سڄي ماضيءَ جي وايو منڊل کي پيرائتي نموني سان لکي سنڌ جي تاريخ کي دريا ۽ آپباشي جي تناظر ۾ قديم  دور کان ويندي جديد دور تائين جائزو پيش ڪيو آھي. ھو ڏيکاري ٿو تہ درياھن جي وھڪرن، واھن جي نظام ۽ زرعي اپت سنڌ جي سماجي ۽ اقتصادي زندگيءَ جو اھم محور آھي. سندس خيال آھي تہ سنڌ جي خوشحالي ھميشہ ماحولياتي توازن ۽ مناسب پاڻيءَ جي انتظام سان وابستہ رھي آھي.  ھن سنڌ جي تاريخ ۾ پاڻي، زمين ۽ زرعي پيداوار کي ھتان جو جياپو ثابت ڪري جديد سائنٽفڪ تاريخ جي روايت سان ھم آھنگ ڪيو آھي. اڄ جڏھن حرصي اکيون سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي لڳل آھن ان ڪري پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ماحولياتي بحران ڪر کڻي بيٺو آھي، ان وقت پنھور صاحب جو ھي ڪتاب تحقيق  ۽ زرعي آبپاشي جي ڍانچي کي بحال ڪرڻ جي بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيڪو اسان لاءِ ۽ جديد زراعت جي شاگردن جي رھنمائي لاءِ بہ آئيڊيل رھندو.

‎‎پنھور صاحب 1964ع ۾ ٽنڊو ڄام لڳ ھڪ فروٽ فارم جو بنياد رکيو جنھن اڳتي ھلي  ايم ايڇ پنهور ريسرچ فروٽ فارم جي نالي مشهوري ماڻي جيڪو اڄ سوڌو ڪيترن ئي فروٽن تي  تحقيق ڪري پيو. پنھور صاحب سنڌ جي موافق موسم ۾ انهن ميون  لاءِ سفارشن تي مشتمل ڪتاب (Methods as applied to raising fruits crops) لکيو. پنھور صاحب جيئن ته جديد زراعت جو سائنسدان هو تہ هن زرعي انجينئر، آبپاشي ۽ باغباني جي ماھر طور ھن ڪتاب ۾ پنھنجي 30 سالن جي عملي تجربن کي قلم بند ڪيو آھي، سنڌ ۾ زراعت اڃا روائتي طريقي سان مخصوص فصلن جي واري ڦيري تي ٿئي پئي ۽ انھن ۾ ڪيميڪل، ڀاڻ، زرعي جراثيم ڪش پيسٽيسائيڊس جي ڀرمار جي استعمال کي پيداوار وڌائڻ جو سبب سمجھيو پئي ويو جيڪو حقيقت ۾ زراعت لاء هاڃيڪار بڻيو. اھڙي ماحول ۾ ايم ايڇ پنھور صاحب ھڪ متبادل ماڊل، پائيدار زراعت Sustainable Agriculture کي پيش ڪيو، جنھن ۾ مقامي ڄاڻ تي مشتمل ماحول دوست  زمين جي زرخيزي، وٿاڻ جو ڀاڻ، پيسٽيسائيڊ بدران نم جي محلول ۽ پاڻي جو فصلن جي گھرج مطابق استعمال ماحول دوست ۽ گھٽ خرچ تي ٻڌل ماڊل پيش ڪيو. ھن ڪتاب جي وڏي خوبي اھا آھي تہ فارم تي ڪيل تجربن تي مشتمل آھي جنھن ۾ ڪاميابين سان گڏوگڏ ناڪامين کي بہ نروار ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ زرعي فصل کي ملچنگ، مائڪرو نيوٽرينٽ ۽ ڪمپوسٽ جي استعمال لاءِ زور ڏنو ويو آھي  جيڪي معاشي طور ننڍن آبادگارن لاءِ فائديمند آھن.  ڪتاب ۾ سنڌ جي آب ھوا ۽ حالتن مطابق ۽ ڪراپ زون مطابق فصل تجويز ڪيا ويا آھن.

‎ھن ڪتاب ۾ لچي، گھٽ ٿڌ وارا صوف، آڙو، انگور، ڏاڙھون ۽ ٻين ميويدار فصلن کي موضوع بڻايو ويو آھي.

‎سنڌ ۾ اھڙي قسم جي تحقيق ۽ عملي تجربي سان ڀرپور ڪتاب ماحول دوست، باغ باني ۽ زراعت ۾ گھٽ ايراضي تي پوک مان وڌيڪ پيداوار ۽ وڌيڪ نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ بھترين معلومات مھيا ڪري ٿو. ھن ڪتاب لکڻ لاءِ پنھور صاحب سان گڏ ان جي وني فرزانہ پنھور جو بہ اھم ڪردار آھي.

‎‎دنيا جي مڃيل محقق ۽ زرعي ماھر محمد حسين پنھور جي زرعي ريسرچ فارم تي ڪيتريون ئي انبن جون جنسون پوکيل آھن. ھن ڪيتريون ئي نيون انبن جون جنسون تيار ڪيون. سندس  ڪتاب (Mango Production in Pakistan)  ھڪ اھم تصنيف آھي. ھي ڪتاب انبن جي پيداوار، خصوصي طرح سنڌ ۾ انبن جي پوک، جنسن، باغ باني جي طريقن، آبپاشي، ڀاڻ، بيمارين ۽ مارڪيٽنگ جي حوالي سان ڏسي سگھجي ٿو ۽ ڪتاب جي اھم خصوصيت اھا آھي تہ باغباني جي علم ۾ تحقيق کي بين الاقوامي ڀيٽ سان گڏ مقامي حالتن سان ڳنڍي ٿو. ھن جيڪي بہ سفارشون ڏنيون آھن ان ۾ في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ، ميوي جي معيار کي بھتر بنائڻ، بيمارين جي روڪ ٿام، پاڻي جو موثر استعمال، ماحول دوست زرعي طريقا، ضروري غذائي جزا، آرگنڪ دوائون، وٿاڻ جو ڀاڻ ۽ مائڪرو نيوٽريشن جو استعمال، انبن جي موسم کي ڊگھو ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليون، اسٽوريج، ٽرانسپورٽ ۽ مارڪيٽنگ جي حوالي سان سائنسي انداز ۾ تجويزون ڏنيون آھن. ھي ڪتاب پاڪستان ۾ انبن جي سڄي ڪاروھنوار کي بھتر بنائڻ لاءِ زرعي ماهرن سان گڏو گڏ آبادگارن لاءِ به انتھائي مفيد آهي.

‎پنھور صاحب جو ڪم ٻين کان ان ڪري بہ منفرد آھي جو ھن صرف ڪتابي علم تي نہ ڀاڙيو ۽ نہ ئي ٻڌ سڌ کي ڳنڍ ڏئي پنھنجي علميت جو رعب تاب قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس ڪم جو بنياد زندگي جي مشاھدن ۽ تجربن تي آڌاريل آھي.

‎ھو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آھي ان کان سواءِ پنھور صاحب سوين ٽيڪنيڪل رپورٽن ۽ تحقيقي مقالن جو مصنف پڻ آھي جيڪي ھن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن لاءِ تيار ڪيون ھيون.

‎پنھور صاحب جي نالي سان قائم ڪيل تحقيقي انسٽيٽيوٽ سندس پونئين جو وڏو ڪم آھي. سرڪاري دفترن جي فائلن ۾ دٻيل انھن سائنٽيفڪ رپورٽن کي بہ محفوظ ڪري سندس پڙهندڙن تائين پھچايو وڃي ته جيئن سنڌ جو زرعي رجحان رکندڙ ماڻهو ان مان قيمتي لاڀ حاصل ڪري سگهي۔

_________________

رياض شاھد دايو انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو صدر آهي ۽ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button