تامل ناڊو رياست جو ذات پات جي زنجيرن کي ٽوڙيندڙ هڪ انقلابي قدم
ڀارت جي رياست تامل ناڊو تازو ھڪ انقلابي قدم کنيو آھي جنھن تحت سرڪاري رڪارڊ، رستن، گھٽين ۽ عوامي ماڳن تان ذات پات جي سڃاڻپ رکندڙ نالن کي ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آھي
مسلسل آگاهي مهمن ذريعي عوام کي اهو سمجهايو ويو آهي ته ذات پات هڪ هٿرادو ورهاست آهي جيڪا انسان جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ آهي. مقامي پنچائتن ۽ گرام سڀائن ۾ ٿيندڙ بحثن ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو آهي.

نصير اعجاز
سنڌ ۾ ذات پرستي ۽ قبيلائي سوچ حقيقت ۾ هڪ اهڙو ناسور بڻجي چڪي آهي، جنهن سنڌي سماج جي مجموعي ترقيءَ کي سخت نقصان پهچايو آهي. هيءَ سوچ نه صرف ماڻهن کي گروھن ۾ ورهايو بيٺي آهي، پر ان جي ڪري تعليم، انصاف ۽ ميرٽ جو قتل عام ٿئي ٿو. جڏهن ماڻهو قومي يا انساني مفادن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ذات يا قبيلي کي ترجيح ڏين ٿا، ته اتي تعصب جنم وٺي ٿو. ان ناڪاري لاڙي سبب اڄ به سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ قبيلائي جهڙا، رتوڇاڻ ۽ بدامني عام آهي، جنهن جو بنيادي سبب رڳو منهنجي ذات يا منهنجو قبيلو واري اها انا آهي جيڪا عقل ۽ شعور تي پردا وجهي ڇڏي ٿي. ھاڻي تہ انتھا ڪندي قبيلي يا برادريءَ کي قوم سڏڻ شروع ڪيو اٿن.
هن مرض جي ڪري سماجي اڻبرابريءَ ۾ به واڌ ٿي آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته سياسي ۽ سماجي طاقت تي ڪجهه خاص قبيلن جو قبضو رهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ عام ماڻهو بنيادي حقن کان محروم رهجي وڃي ٿو. قبيلائي سوچ نوجوانن ۾ تخليقي صلاحيتن کي ختم ڪري کين روايتن جو غلام بڻائي ڇڏي ٿي. جيستائين اسان ذاتي سڃاڻپ کان مٿانهون ٿي هڪ قومي سڃاڻپ ۽ انسانيت واري جذبي کي نه اپنائينداسين، تيستائين هن ذهني غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي.
ذات پرستي ۽ قبيلائي سماج رڳو سنڌ يا پاڪستان تائين محدود ناهي، پر هي سڄي ننڍي کنڊ بلڪ ڏکڻ ايشيا جو هڪ گڏيل سماجي مسئلو آهي. ڀارت ۾ بہ ذات پات جو نظام (Caste System) انتهائي گهرو ۽ قديم آهي. هندو سماج ۾ دليت، شودر وغيره جي بنياد تي فرق اڄ به هڪ وڏو سياسي ۽ سماجي مسئلو آهي. نيپال ۾ به ڀارت وانگر ذات پات جا سخت قانون ۽ سماجي درجي بندي موجود آهن، جتي اعلي ذات ۽ گهٽ ذات جي وچ ۾ ويڇا اڃا تائين موجود آهن. ساڳيو حال بنگلاديش ۾ بہ آھي جتي مذهبي طور تي سڀ برابر سمجهيا وڃن ٿا، پر اتي به سماجي طور تي ڪجهه خاص خانداني پيشي ور ذاتين جي بنياد تي فرق ۽ قبيلائي اثر اڃا ڪنهن حد تائين آهن. سريلنڪا ۾ ذات پات کان وڌيڪ نسلي ۽ لساني (تامل ۽ سنهالي) قبيلائي ويڙهه تاريخ جو حصو رهي آهي، پر مقامي سماج ۾ ذاتي فرق به موجود آهي.
انھيءَ مان اندازو ڪري سگھجي ٿو تہ انساني تاريخ ۾ سماجي برابري ۽ انصاف جي حاصلات هميشه هڪ وڏو چئلينج رهي آهي. خاص ڪري ڏکڻ ايشيا ۾، ذات پات جو نظام هڪ اهڙو ناسور رهيو آهي، جنهن نه رڳو انسان کي انسان کان ڌار ڪيو، پر ترقيءَ جي راهه ۾ پڻ وڏيون رڪاوٽون کڙيون ڪيون.
انھيءَ پسمنظر ۾، ڀارت جي رياست تامل ناڊو تازو ھڪ انقلابي قدم کنيو آھي يعني سرڪاري رڪارڊ، رستن، گھٽين ۽ عوامي ماڳن تان ذات پات جي سڃاڻپ رکندڙ نالن کي ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي. اھو هڪ تاريخي ۽ انقلابي موڙ آهي. اھا رڳو نالن جي تبديلي ناهي، پر صدين کان قائم سماجي ورڇ ۽ متڀيد جي ديوارن کي ڪيرائڻ جي هڪ سنجيده ڪوشش آهي.
تامل ناڊو ۾ ذات پات جي خلاف هيءَ جنگ اڄ جي ناهي. هيءَ رياست سماجي سڌارن جي تحريڪن سان زرخيز رهي آهي. تامل ناڊو جي تاريخ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته هتي ’دراوڙي تحريڪ‘ (Dravidian Movement) سماجي انصاف جو بنياد رکيو. ان تحريڪ جو روحِ روان اي. وي. راماسامي، جنهن کي دنيا ’پيرييار‘ جي نالي سان سڃاڻي ٿي، تنهن پنهنجي سڄي زندگي ذات پات جي نظام کي پاڙئون پٽڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي.
پيرييار جو فلسفو سادو پر انتهائي اثرائتو هو: “هر انسان برابر آهي، ۽ ڪنهن به انسان کي سندس پيدائش جي بنياد تي اعلي يا ادني قرار نٿو ڏئي سگهجي.” هن تحريڪ تامل عوام جي سوچ کي تبديل ڪيو ۽ کين اها جرئت ڏني ته اهي صدين کان جڙيل ناانصافين کي چئلينج ڪن. تازو سرڪاري فيصلو اصل ۾ انهيءَ عظيم تحريڪ جي تسلسل جو هڪ حصو آهي.
تامل ناڊو جي وڏي وزير ايم. ڪي. اسٽالن جي سربراھيءَ ۾ حڪومت هڪ اهم حڪمناموجاري ڪيو آهي، جنهن تحت ميونسپل انتظاميه ۽ واٽر سپلاءِ کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورن سرڪاري رڪارڊن، رستن، پاڻي جي ذخيرن، رهائشي علائقن ۽ بازارن مان ذاتي سڃاڻپ وارا نالا هٽايا وڃن.
هن حڪمنامي جو سڀ کان اهم پهلو ‘ڪالوني’ (Colony) لفظ جو خاتمو آهي. تامل ناڊو ۾ تاريخي طور تي ’ڪالوني‘ لفظ انهن بستين لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو جتي اهي ذاتيون رهنديون هيون جن سان سماجي طور تي اڇوت وارو سلوڪ ڪيو ويندو هو. هي لفظ سماجي علحدگي ۽ تذليل جي علامت بڻجي چڪو هو. وڏي وزير اسٽالن اسيمبليءَ ۾ واضح ڪيو ته هي لفظ ’اڇوت‘ جي ياد ڏياري ٿو، جيڪو هڪ آزاد ۽ جمهوري سماج ۾ قبولڻ جوڳو ناهي.
حڪومت هن تبديليءَ کي رڳو انتظامي حڪم تائين محدود ناهي رکيو، پر ان ۾ عوامي راءِ کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. گذريل سال
مقامي ادارن کي هدايت ڪئي وئي ھئي ته اهي آڪٽوبر 2025 تائين اهڙن نالن جي نشاندهي ڪن، علائقي جي رهاڪن کان راءِ ورتي وڃي ته جيئن تبديليءَ ۾ سندن مرضي شامل هجي.
نون نالن کي سرڪاري طور تي گزيٽ ۾ شايع ڪيو ويندو. هڪ دفعو نالو تبديل ٿيڻ کانپوءِ، اِي-سيوا مرڪزن ذريعي رهاڪن جي آڌار ڪارڊ، راشن ڪارڊ، ووٽر لسٽن ۽ ملڪيتي رڪارڊ ۾ پڻ خودڪار طريقي سان تبديلي ڪئي ويندي.
حڪومت تجويز ڏني آهي ته انهن علائقن جا نالا عظيم سماجي سڌارڪن، شاعرن ۽ قومي هيرن ۽ مشهور تامل شاعرن جي نالن تي رکيا وڃن.
تامل ناڊو ۾ ذات پات جي خلاف هيءَ مهم رڳو نالن تائين محدود ناهي. رياست ۾ تعليمي ۽ روزگار جي شعبي ۾ پڻ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون ويون آهن جيڪي سماجي برابري کي هٿي ڏين ٿيون. ڀارت جي آئين ۾ اڳي ئي ذات پات تي ٻڌل امتياز کي غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي، پر تامل ناڊو ان تي عملدرآمد ۾ سڀ کان اڳڀرو رهيو آهي.
هتي جي تعليمي ادارن ۾ اسڪالرشپ ۽ تحفظي ڪوٽا (Reservation) جو نظام انتهائي مضبوط آهي، جنهن سبب اهي برادريون جيڪي صدين کان تعليم کان محروم هيون، اهي اڄ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ آفيسر بڻجي رهيون آهن. جڏهن هڪ گڏيل ڪلاس روم ۾ مختلف ذاتين جا ٻار گڏ ويهي پڙهن ٿا، ته انهن جي ذهنن مان نفرت ۽ فرق جا ٻج پاڻمرادو ختم ٿي وڃن ٿا.
جڏهن ڪنهن گهٽي يا پاڙي جو نالو ڪنهن خاص ذات تي هوندو آهي، ته اهو مسلسل ان علائقي جي ماڻهن کي سندن سماجي حيثيت جي ياد ڏياريندو آهي. جيڪڏهن نالو اعلي ذات تي آهي ته اها برتريءَ جو احساس ڏياري ٿو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن ادنيٰ سڏجندڙ ذات تي آهي ته اهو احساسِ ڪمتري پيدا ڪري ٿو. انهن نالن کي هٽائڻ سان هڪ اهڙو ماحول پيدا ٿيندو جتي ماڻهو پاڻ کي صرف هڪ ‘شهري’ طور سڃاڻيندا.
هيءُ قدم تامل ناڊو جي ان خواب جي تڪميل آهي جتي “سڀ پيدا ٿيندڙ برابر آهن” (Pirappokkum Ella Uyirkkum). هيءُ هڪ نفسياتي فتح آهي، جيڪا ايندڙ نسلن کي هڪ اهڙو تامل ناڊو ڏيندي جيڪو تعصب کان پاڪ هوندو.
هن سماجي انقلاب ۾ تامل ناڊو جي سول سوسائٽي، غير سرڪاري تنظيمن ۽ ميڊيا جو ڪردار به وسارڻ جهڙو ناهي. مسلسل آگاهي مهمن ذريعي عوام کي اهو سمجهايو ويو آهي ته ذات پات هڪ هٿرادو ورهاست آهي جيڪا انسان جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ آهي. مقامي پنچائتن ۽ گرام سڀائن ۾ ٿيندڙ بحثن ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو آهي. اڄ تامل ناڊو جي عوامي جاين، هوٽلن ۽ بسن ۾ ماڻهو بغير ڪنهن فرق جي گڏ ويهن ٿا، جيڪو سماجي انصاف جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي.
ايڏي وڏي تبديلي رڪاوٽن کان خالي ناهي هوندي. اڃا به ڪجهه اهڙا علائقا آهن جتي قدامت پسند سوچ موجود آهي. ڪجهه هنڌن تي ماڻهو پنهنجي روايتي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ چاهين ٿا. پر حڪومت جي اها پاليسي ته “جيڪڏهن اڪثريت ڪنهن نالي کي برقرار رکڻ چاهي ته ان جي مرضي جو احترام ڪيو ويندو”، هڪ جمهوري رستو آهي. هيءُ عمل زبردستي جي بدران شعور ذريعي تبديلي آڻڻ جي ڪوشش آهي.
اقتصادي عدم مساوات به هڪ چئلينج آهي. رڳو نالا تبديل ڪرڻ سان غربت ختم نه ٿيندي، پر نالن جي تبديلي وقار فراهم ڪري ٿي، ۽ جڏهن انسان کي وقار ملي ٿو، ته هو معاشي ترقيءَ لاءِ وڌيڪ محنت ڪري ٿو.
تامل ناڊو رياست جو کنيو ويل هي قدم سڄي دنيا، خاص ڪري ڏکڻ ايشيائي ملڪن لاءِ هڪ مشعلِ راهه آهي. هيءُ مثال پيش ڪري ٿو ته ڪيئن سياسي ارادي ۽ عزم ذريعي سماجي برائين جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. ذات پات جي نالن کي ختم ڪرڻ رڳو هڪ انتظامي عمل ناهي، پر هي هڪ ثقافتي پڙلاءُ آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته انسانيت هر سڃاڻپ کان مٿانهين آهي.
جيڪڏهن توهان اڄ تامل ناڊو جي گهٽين مان گذرو، ته توهان کي اهڙو سماج نظر ايندو جيڪو پنهنجي ماضيءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي هڪ روشن ۽ برابري واري مستقبل ڏانهن گامزن آهي. هيءَ ڪهاڻي هڪ اهڙي رياست جي آهي جنهن ثابت ڪيو آهي ته جتي قانون، پاليسي ۽ سماجي شعور ملي وڃن، اتي صدين پراڻيون ناانصافيون به دم ٽوڙي ڇڏينديون آهن. تامل ناڊو جو هي “سماجي انصاف جو ماڊل” ايندڙ نسلن لاءِ هڪ عظيم ورثو ثابت ٿيندو، جتي ذات نه پر انسان جو ڪردار ۽ قابليت ئي سندس اصل سڃاڻپ هوندي.
(ھيءُ مضمون لکڻ کان اڳ مون تامل ناڊو جي ھڪ ناليواري شخصيت ۽ ليکڪ بشپ ڊاڪٽر رَوي ڪمار سان ڳالھايو ۽ کانئس ڪافي گھربل معلومات ورتي).
________________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



