Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

پراڻو ڳوٺ، نئون ڳوٺ: چين ۾ وڏيرن مخالف ھاري بغاوت جي ھڪ ڪھاڻي

وڏيرو وانگ هميشه جپاني فوجي اڳواڻن جون دعوتون ڪندو هو. دعوتن جي سموري رسائي مسڪين هارين کان اُڳاڙيندو هو. ويچارا هاري ان ڦرلٽ کان بيزار ٿي پيا هئا.

ھڪ رات انقلابي ڪارڪنن پنھنجي جدا ڪچھري ڪئي. گڏجي فيصلو ڪيائون ته کين هڪ ڊگهي ۽ هٿياربند جدوجھد لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. ڇو ته هي رڳو ڪنھن جو تختو اونڌو ڪرڻ جي تحريڪ نه پر هڪ مسلسل جنگ آهي

انقلابي ڪارڪنن هارين کي صلاح ڏني ته هارين جي هڪ جماعت ٺاهيو، ۽ جڏهن هارين جماعت ٺاهي وئي ته ان جا 155 ميمبر ٿيا جن ۾ 30 زائفائون پڻ هيون

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ مان کنيل، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

هي ننڍڙو ڳوٺ شينسي صوبي جي ڏاکڻينءَ حصي ۾ انهن پراڻن جبلن جي وچ ۾ هو، جن ۾ چين جي پراڻين لوڪ ڪھاڻين جي هٻڪار واسيل آهي، جن کي ’تائي يوئي‘ جبل سڏيو وڃي ٿو.

هتي جي زمين پٿرائين آهي. منجهس وڻ ٿين ئي ڪونه. کيتي پوکيءَ جي لحاظ کان به هتي جي زمين صفا بيڪار آهي. ان ڪري هتي جي هارين کي لاچار جبل جي لاهين تي چاڙهيون ٺاهي، چوٽيءَ تائين پوک ڪرڻي ٿي پوي.

هتي جا رهاڪو هاري صدين کان نه رڳو جبلن جي خلاف، پر هڪ اهڙي خوني، ڦورو ۽ وهم پرستيءَ واري تھذيب سان به لڙندا رهيا آهن، جيڪا لڳ ڀڳ ان تھذيب جھڙي هئي، جنھن ۾ حضرت عيسيٰ اک کولي هئي. البت هتي جا رهاڪو هڪڙي خدا جي بدران ڪيترن ئي ديوتائن کي پوڄيندا هئا. انهن ديوتائن ۾ قسمت جو ديوتا به شامل هو، جنھن انهن کي غريب ڪري پيدا ڪيو هو. ڀوتن، شيطانن ۽ بد روحن کان به هي ماڻهو ڊنل هئا، جيڪي سندن خيال موجب ٽڪرين هيٺان بيٺل وڻن تي يا جانورن جي جسمن ۾ لڪا رهندا هئا. اهو ئي سبب هو جو هي ماڻهو هميشه سولائيءَ سان ڳوٺ جي ڌوتين ۽ ٽوڻن ڦيڻن وارين جي ڦندي ۾ ڦاسندا هئا، ۽ اهي ڌوتيون وڏي کريب ۽ اٽڪل سان کين ڊيڄارينديون هيون. اهڙي طرح سان اهي غريب هارين کي وڏيرن وٽ نيلام ڪري ڇڏينديون هيون. قرض جا ڳهيل ۽ بُکايل هاري پنھنجي ڪٺن حياتيءَ جو اظھار هن گيت سان ڪندا هئا:

فصل لُڀي هر سال، بُکون پوءِ به سال بسال،

پئسا گهرون ٿيون خوار، قرض ڪيو بي حال،

اڌ ريج ٿيل فصل اسان جو، ان ۾ قبرون چار،

ڪچي جهوپڙي ڀڳل ٿانوَ، ڏنگا ڦڏا هي ٿال.

پٿرائين ڀت وارو ڳوٺ اٽڪل سؤ کن گهرن جو هو. جن مان گهڻا جبلن ۾ کوٽيل غارن ۾ رهندا هئا. ڳوٺ جي ڏکڻ پاسي دريا وهندو هو. جنھن تي سدائين وڻن جي ڇانوَ هوندي هئي. دريا جي ڪناري تي هڪڙي اٽي پيھڻ جي چڪي هئي. ڳوٺاڻا اتان ڪڻڪ ۽ مڪائي پِھائيندا هئا. ڪڻڪ ۽ مڪائي کان سواءِ ٻي ڪابه پيدائش ڪانه ٿيندي هئي. ڪٿي ڪٿي زردالو، آلو بخارا ۽ ناسپاتين جا باغ به نالي ماتر هئا، جن مڙيئي هنن علائقي جي ويراني لڪائڻ ۾ مدد ڏني هئي.

پٿرائين ڀت واري ڳوٺ جي هڪڙي اهڙي نرالي خاصيت هئي، جنھن هن ڳوٺ کي ٻين ڳوٺن کان مٿڀرو ٿي ڪيو، سا خاصيت هيءَ هئي ته هتي جون زالون ٻار گهڻا ڪانه ڄڻينديون هيون. ان جا ڪيترا سبب هئا. هڪ ته هتي جا هاري گهڻو ڪري ايترا ته مسڪين هئا، جو زال جي خرچ جو بار نه کڻي سگهندا هئا. تنھنڪري سڄي عمر ڪنوارا رهندا هئا. ٻيو هي ته غربت جي ڪري گهڻي ڀاڱي نياڻين کي ڄمڻ شرط ماري ڇڏيندا هئا ۽ ٽيو سبب هو ته دريا جي پراڙ ڇھن سالن کان وٺي جپاني ديرو ڄمايو ويٺا هئا، جن کان ڪنھن به نياڻيءَ جي عزت بچيل ڪانه هئي، ڪيتريون زالون ته بيمارين وگهي سُنڍ ٿي چڪيون هيون.

پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ وڏيري وانگ جو اثر هلندو هو. سندس ذاتي ڪردار جو هن ڪھاڻيءَ سان ڪوبه واسطو ڪونهي، پر ڳالهه هلندي سندس ذڪر ڪرڻ ۾ ڪا اربع خطا به ڪانه ٿيندي.

ٻُچي ڏاڙهي واري وڏيري وانگ جي ڄمار پنجاهه ورهيه هئي. هو ڊگهي ڪانيءَ وارو حقو ڇڪيندو هو. ڳالهه ڪندا آهن ته جڏهن وڻندڙ موسم ۾ هو ٻاهر گهٽين ۾ گهمڻ نڪرندو هو، تڏهن مجال جو ڪير سندس سامھون اچي! اتفاق سان جي ڪنھن نڀاڳي ٻار جو رڳو هن کي هٿ لڳي ويو ته هو ان جي کل خراب ڪري ڇڏيندو هو. تنھنڪري گهڻا غريب ماڻهو هن کي پري کان ڏسندي ئي گهرن ۾ لڪي ويندا هئا.

وڏيري وانگ وٽ 65 ايڪڙ نھري زمين هئي. ٽن ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڳوٺ ۾ ٻئي ڪنھن وٽ به ڪانه هئي. ان کان سواءِ وٽس اٽي پيھڻ جي چڪي ۽ ڪيترا اَن سان ڀريل ڀانڊا هئا، کيس زال کان سواءِ هڪ پُٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. پاڻ سدائين حسد ۽ ساڙ جي باهه ۾ پيو پچندو هو.

وڏيري وانگ جي شاهوڪار هئڻ ڪري سندس زال ۽ ڌيءَ سدائين ٺٺ سان رهنديون هيون. جپان سان هلندڙ جنگ جي ڏينھن ۾ هي ٻئي ڄڻيون جپاني آفيسر جي گهر ۾ رات جو عيش عشرت ڪنديون هيون. اهو فوجي اڳواڻ ٻه ميل پري ”چائو پائي سن“ نالي ڳوٺ جي سنڀال لاءِ مقرر ٿيل هو. سندس زال ۽ ڌيءَ جي اُٿ ويھه ڪري وڏيري جي خوشين توڙي ملڪيت ۾ گهڻو واڌارو ٿيو هو. وڏيرو وانگ جپانين لاءِ هارين کان ”اناج ٽيڪس“ اُڳاڙيندو هو. ان ۾ هو وڏيون گهوٻيون هڻندو هو. فوجي آفيسر کيس انهن گهوٻين کان سواءِ ڦرلٽ جو مال، گهرو سامان ۽ سوکڙيون پاکڙيون به ڏيندو هو. وڏيري جي پُٽ کي نڪي پڻس جي جپانين سان واپار جي ڏي وٺ بابت ڪو اعتراض هو ۽ نڪي سندس ڀيڻ جي جپاني آفيسر وٽ اچ وڃ بابت ڪا ڳڻتي ۽ غيرت. ڇو ته ائين ماٺ ۾ رهڻ سان هو ٻين نوجوان ڇوڪرن وانگي جپانين جي بيگر کان بچي ويندو هو. وڏيري وانگ جو هي 25 سالن جو قداور سُھڻو ۽ مغرور پٽ مٿي تي اڇو رومال ٻڌيو، ڊگهو ڪارو جُبو پايو سڄو ڏينھن گهٽين ۾ پيو رُلندو هو. رات پوندي ئي بکايل تتر وانگر بي صبرائيءَ سان ماڻهن جي گهرن ۾ ڪاهي پوندو هو ۽ جيڪا به عورت کيس وڻندي هئي، تنھن کي زوريءَ کڻي ويندو هو. جيڪڏهن ڪير کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته هو کين جپانين کان سيکت ڏيارڻ جا دڙڪا ڏيندو هو.

شي ينگ نالي هڪڙو سُکيو هاري وڏيري وانگ جو ننڍپڻ جو يار هوندو هو، جيڪو سندس نائب منشيءَ واريون ذميواريون پوريون ڪندو هو. ڳوٺ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيا به سُکيا هاري هئا، پر انهن مان ڪنھن وٽ به ٻن ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڪانه هئي، نه وري هو ڪي ايترا هلندي پُڄنديءَ وارا ئي هئا.

لي نالي هڪڙو ڳوٺاڻو وڏيري وانگ جو جاني دشمن هو. ڳوٺاڻا کيس ”نئين شانگ“ يعني ”سڀاڳو“ ڪري سڏيندا هئا. سندس ڇاتي تائين ڊگهي ڏاڙهي، نراڙ ۾ گهنج پيل، اڌولاڻا ڏند ڀڳل، گُڪو ۽ ڪمزور هوندو هو. اٽڪل سٺ سالن جو ٿي لڳو. سياري توڙي اونهاري ۾ سندن بدن تي ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا هوندا هئا. هو سدائين ڳوٺ ۾ گهمندو رهندو هو. لي جي پيدائش جو وڏو حصو وڏيرو کڻي ويندو هو. باقي بچت مان هو ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پنھنجو، پنھنجي زال ۽ ننڍڙي پُٽ جو گذارو ڪري سگهندو هو. کيس هڪڙو ٻيو پُٽ به هو، جيڪو وانگ جي دشمني جي ٽڪر ۾ اچي مري ويو.

وڏيرو وانگ هميشه جپاني فوجي اڳواڻن جون دعوتون ڪندو هو. دعوتن جي سموري رسائي مسڪين هارين کان اُڳاڙيندو هو. ويچارا هاري ان ڦرلٽ کان بيزار ٿي پيا هئا. انهي آزار کان ڇوٽڪاري لاءِ هڪ ڏينھن لي جي پٽ ۽ ٻين رضاڪار همراهن گڏجي جپاني فوجي اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر بدقسمتيءَ سان سندن هٿ وارو بم ڦاٽي نه سگهيو، جيڪو هنن هڪ غار ۾ لڪي جپاني فوجي اڳواڻ تي اڇلايو هو. جڏهن وڏيري وانگ کي ان واقعي ۾ شامل ماڻهن جي خبر پئي تڏهن جپانين وٽ سرخرو ٿيڻ لاءِ جُوڻي هنيائين. جپاني فوجي آفيسر انهن ٽنهي جوڌن کي ٻنيءَ تان زوري کڻي کين هڪڙي مندر ۾ وٺي آيا، جتي سندن ڇاتين کي سنگينن سان پرڻ ڪري ڇڏيائون ان واقعي کان پوءِ لي وڏيري وانگ  کان سخت نفرت ڪرڻ لڳو. پر زمانن جي غلامي ۽ بندگيري جي ڪري منجهس ايتري همت ڪانه هئي، جو هو اڪيلي سر ڪو قدم کڻي سگهي.

1945ع ۾ جپان آمريڪا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا، پر پٿرائين ڀت واري ڳوٺ جي ماڻهن انهي واقعي کي ڪا خاص اهميت ڪانه ڏني، حالانڪ هنن دريا پراڙ جپانين کي ٽپڙ گول ڪندي ڏٺو هو. وڏيري وانگ وٽ جپاني فوجي اڳواڻ جون دعوتون ته بند ٿي ويون هيون پر ڳوٺ تي وانگ جو دٻدٻو اڳوڻي وانگر اڃا به قائم هو. سندس پُٽ اڳوڻي جيان اڃا تائين به ڪيترين ڳوٺاڻين جي لڄالٽ ڪندو رهندو هو ۽ ڳوٺاڻن جي ڦرلٽ اڳي کان اڳري هئي. ڳوٺاڻا اڃا تائين قرضن جي ڳري بار هيٺ دٻيل هئا.

پٿرائين ڳوٺ ۾ انقلاب اهڙين ڪٺن ۽ قھري حالتن جي ڪري اچي مُنھن ڪڍيو. انقلاب جي باري ۾ ڳوٺ ۾ اُبتيون سُبتيون ڳالهيون ته اڳ ۾ ئي پکڙيل هيون. ماڻهو ڪيتري وقت کان وٺي اهڙي سُس پُس ٻڌي رهيا هئا، جنھن ۾ اٺين روٽ فوج (چيني فوج جو نالو) ۽ جمھوريت جي نالي واري ڪنھن شئي جو ذڪر هوندو هو. اهڙن ڳوٺن جي باري ۾ خبرون ٻڌندا هئا، جن ۾ ڪوبه وڏيرو ڪونهي. سڀني کي هڪ جيتري زمين ورهائي ڏني ويئي آهي وغيره. پر اڃا تائين انهن ڪنھن به اهڙين اوڦٽو ڳالهين تي ڪو خاص ڌيان ڪونه ڏنو هو. هُنن جو ان ڳالهه ۾ ويساهه هوندو هو ته هو غريب ئي ان ڪري آهن جو غربت سندن قسمت ۾ لکي ويئي آهي. هنن نه ڪنھن سان وڙهڻ ٿي چاهيو، نه ڪو ڪنھن کان حق گهرڻ جي ڳالهه ٿي ڪئي. هنن کي وڏي ۾ وڏي ضرورت فقط ان ڳالهه جي هئي ته کين سندن حال تي ڇڏي ڏنو وڃي. هو جيئن آهن تيئن ٺيڪ آهن. وڏيري وانگ به اهڙا افواهه ٻڌا هئا، پر ان اهڙين ڳالهين تي مُڇ به ڪانه ٿي ڇنڊي. چالاڪ وڏيري ان جي باوجود به احتياط طور اڳواٽ ماڻهن جي ذهنن کي مُڏو ڪرڻ جي پرچار ڪئي ته ”ٻين جي لٿل کل توهان جي جسم تي چڙهي نٿي سگهي.“ هونئن به هن ڳوٺ جي ماڻهن کي اهڙي دڙڪي ڏيڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي. ڇاڪاڻ ته هنن ڪڏهن ڪنھن بغاوت لاءِ سوچيو به ڪونه هو.

اهڙين حالتن ڪري به انقلاب پٿرائين ڀت جي ڳوٺ ۾ آهستي آهستي پھچندو رهيو. چين جي ٻين شين وانگر انقلاب ۾ به اها ساڳئي سُستي هئي. انقلاب پنھنجي اچڻ جو اعلان نه ته دهل تي ڏونڪي سان ڪيو، نه بندوقن جي ٺڪا ٺوڪيءَ يا انقلابي نعرن ڪيو. سچ پُڇو ته فقط پنج ماڻهو انقلاب کي پٿرائين ڀت جي ڳوٺ ۾ وٺي آيا، جيڪي نه ته پاڻ فوجي سپاهي هئا ۽ نه ئي ڪميونسٽ پارٽي جا ميمبر. انهن مان هڪڙو اسڪول جو ماستر، ٻيو شاگرد، ٽيون پيش گير هو، چوٿون دڪاندار ۽ پنجون هاري هو. اهي سڀ ”هوسين“ ضلعي جي ”آزاديءَ واري جماعت“ جا ميمبر هئا. هو پٿرائين ڀت جي ڳوٺ جي اڳوڻي نظام کي اونڌو ڪرڻ آيا آهن.

”اونڌو ڪرڻ“ چيني انقلاب جو هڪڙو اصطلاح هو، جيڪو جپان جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ بعد عام ڪيو ويو هو.جنھن جي معني هُئي ته ڪنھن به ڳوٺ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي جمھوريت قائم ڪرڻ. وهم پرستيءَ کي ختم ڪري عقل ۽ سمجهه پيدا ڪرڻ. هن تحريڪ جو پھريون ڪم هو وڏيرا شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪري زمين جي نئين سر ورهاست ڪرڻ.

ظاهري طرح هي ڪم تمام سولو ٿو لڳي، جيڪڏهن بندوق هٿ ۾ هجي ۽ ڪرسي به هجي ته پوءِ ڪھڙي ڳالهه ڏکي آهي. بس رڳو وڏيري کي حڪم ڪجي ته فلاڻي جاگير مان حرام جو حصو ڪڍي الڳ ڪر. وڏيري لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي. پر ائين نه آهي، پٿرائين ڀت جي ڳوٺ ۾ ڪابه پھچ يا مليشيا ڪانه هئي، اٺين روٽ فوج پري ڏکڻ طرف پئي وڙهي. آزاديءَ لاءِ ورهندڙ گوريلا به ڪنھن ٻئي هنڌ پئي وڙهيا. هتي وڏيرو وانگ پنھنجي بادشاهي لڳايو ويٺو هو. ڪنھن جي پرواهه ڪانه هُيس. سڀ ماڻهو کانئس ڊنل هئا. انهيءَ ”ڇوٽڪاري واري ٽوليءَ“ جو اڳواڻ ’چويو چوان‘ هو. سندس عمر 31 سال هئي. هن جو پيءَ اڳ ۾ سکيو هاري هو، پر پوءِ سندس ڏيوالو نڪري ويو هو. چو ۽ سندس ساٿين ڳوٺ ۾ پھچندي ئي گهرن جي ڀتين تي شانسي، هوپي، هونان ۽ شان ٽنگ صوبن جي سرحدي علائقن جي حڪومتن جا حڪم ناما چنبڙائي ڇڏيا. جن ۾ هر ڳوٺ کي پنھنجو مھندار چونڊڻ جو اختيار ڏنل هو. انهن حڪمنامن ۾ اهو پڻ ڄاڻايل هو ته ”ڍل ۽ وياڄ“ جي اگهن ۾ پڻ رعايت ڪئي ويندي. انقلابي ڪارڪنن انهن اعلانن جي سمجهاڻي لاءِ ڳوٺ ۾ هڪڙو جلسو سڏايو. ڳوٺ وارا ٻَري سور سان سندن ڳالهيون ٻڌي، گنگ ٻوڙ ۾ واپس گهرن ڏانھن روانا ٿيا. تنھن کان پوءِ ڪيترن ڏينھن تائين ڪارڪن ڳوٺ جي ماڻهن سان جدا جدا ملندا رهيا. ڳوٺاڻن کان سندن حالتن ۽ مسئلن بابت پڇا ڳاڇا ڪندا رهيا. موٽ ۾ ڳوٺاڻن کين ڪوبه جواب ڪونه ٿي ڏنو.

جڏهن به ڪو ڪارڪن ڪٿي بيٺل ماڻهن جي ميڙ ڏانھن ويو ٿي ته ماڻهو آهستي آهستي ٽڙي پکڙي هليا ويندا هئا. سڄي ڳوٺ مان ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن ڪارڪنن کي پنھنجي مُنھن آهستي آهستي ٻڌايو ته هتي جا ماڻهو وڏيري وانگ کان تمام گهڻو ڊڄن ٿا.

انهن حالتن ۾ ڪم جاري رکڻ انقلابي ڪارڪنن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. هنن پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته ڳوٺ جي مسڪين هارين سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪجي. انهن ڏينھن ۾ ٽوليءَ جو اڳواڻ ۽ هڪ ٻيو ڪارڪن هڪڙي غار ۾ گڏ رهندا هئا، جيڪو هڪڙي مسڪين هاري ”ماچپوري“ جي غار جي پاسي ۾ هو. ماچپوري اهو غار جنگ کان اڳ ۾ سٺ روپين ۾ ورتو هو. اهي پئسا سندس زال ڪپھه ڪتي ڪمايا هئا. هينئر سندس زال بيمار هئي. ماچپوري گهڻو ڪري انقلابي ڪارڪنن سان غار ۾ ئي سمھي رهندو هو. رات جو ٽيئي ڄڻا گهڻي دير تائين پاڻ ۾ ڪچھري ڪندا رهندا هئا. ما انقلابي ڪارڪنن کي ٻڌايو ته سندس ڪُٽنب جا ڀاتي ’چنگ بادشاهن‘ جي وقت کان وٺي ٻين جي زمين هاريپ تي ڪندا رهيا آهن. کين پنھنجي زمين ڪڏهن به نصيب نه ٿي آهي، هر سال اٺ خرار ٻاجهر ٿيندي آهي، جنھن مان وڏو حصو وڏيرو اُنڊن جون بُنڊن ۾ هڻيو کڻيو وڃي. باقي ايتري ته غربت آهي جو ڪجهه پوري نٿو پوي. حالت اها اچي ٿي آهي جو منھنجي زال مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پھتي آهي، پر سندس علاج لاءِ مون منجهه ڪا به پُڄت ڪانهي. ٻه سال اڳ جڏهن منھنجي پيءُ جھان ڇڏيو ته پويان مون وٽ ايترو پئسو ڪونه هو جو کڻي کيس جوڙي پوتي ڏيئي سگهان. لاچار مون پنھنجي پيءُ جي لاشي کي ڪکن ۽ پنن ۾ ويڙهي ڍڪي ڇڏيو. ”هن وقت منھنجي ڄمار 35 ورهيه اچي ٿي آهي ۽ ائين پيو نظر اچي ته باقي عمر به ائين ڌڪا ٿاٻا کائيندي گذري ويندي.“ سندس خيال ۾ سندس تڪليفن جو اصل سبب هي هو ته هو حد کان وڌيڪ بيوقوف ۽ بي عقل هو.

انقلابي ڪارڪنن پُڇيس ته، ”ڇا تون ان ڪري غريب آهين جو توکي سٺو دماغ ڪونه مليو آهي يا توکي تنھنجي پيءُ وٽان ڪابه ملڪيت ورثي ۾ ڪانه ملي آهي؟“

اهو ٻُڌي هو سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيائين ”مون کي توهان جي ڳالهه لڳي، منھنجي غربت جو شايد اهو ئي سبب آهي جو مون کي ورثي ۾ ڪجهه ڪونه مليو هو.“

انقلابي ڪارڪنن چيس ته ”جيڪڏهن اهو ئي سبب آهي ته پوءِ اچ ته ليکو ڪريون. تنھنجي ابن ڏاڏن سٺ سالن کان اها زمين هاريپ تي ڪئي آهي ۽ هر سال چار خرار وڏيرو کڻيو وڃي. ان حساب سان 240 خرار اَن وڏيرو کڻي ويو آهي. جيڪڏهن اهو ان وڏيري بدران تو وٽ هجي ها ته پڪ سان تون سُکيو هجين ها. تنھنڪري تنھنجي غربت جو به سبب اهو آهي ته وڏيري توهان کي ڦريو آهي.“

اهڙين ڪچھرين جو سلسلو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندو رهندو هو. نيٺ هڪڙي ڏينھن غريب هاري ما کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ته واقعي سندس ڦرلٽ ٿيندي رهي آهي. پر پوءِ به هو چوندو رهيو ته ”آخر آءٌ ڪري به ڇا ٿو سگهان؟ آءٌ سڀني جي نظر ۾ حقير آهيان. وڏيرو گهر ۾ ويھي آرام سان ٿو کائي ۽ آءٌ ٻنيءَ ۾ بيٺي بيٺي ٻه گرهه ڳڙڪايان ٿو. منھنجي ڀلا حيثيت ڪھڙي آهي؟ مون کي سڀ ذليل سمجهن ٿا.“

هڪ ڪارڪن چيو ته ”آخر ائين ڇو آهي؟ اهو رڳو ان ڪري آهي جو تو وٽ ملڪيت ناهي ۽ هتي جنھن وٽ دولت ناهي تنھن کي ڪير پُڇي به ڪونه ٿو! ان ڪري ته اسان کي انقلاب جي ضرورت آهي ته جيئن سڀني کي هڪ جيتري عزت ملي ۽ ڪير ڪنھن کي پاڻ کان نيچ نه سمجهي.“

نيٺ مسڪين هاريءَ ما اها ڳالهه به مڃي ته ٻيلي چئو سچ ٿا. غريب تڏهن خوش ٿيندا جڏهن وڏيرا شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪيو وڃي. پر کيس ان ڳالهه جو يقين ئي ڪونه ٿي آيو ته ڪو وڏيرا شاهي به ختم ڪري سگهجي ٿي. اڃا زباني ڳالهين ۽ عملي قدمن جي وچ ۾ وڏو فاصلو هو. ما ۽ ٻيا چيني هاري ٻن هزارن سالن جي پراڻين ريتن رسمن جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل هئا. پندرهن ڏينھن تائين لڳاتار اها ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. ان وچ ۾ عام گپ شپ کان سواءِ 23 دفعا باقاعدي ويھي ڳالهيون ٿيون. ان سان گڏ ڪارڪنن ڳوٺ جي ٻين هارين سان به ڳالهايو. پر انهن سڀني مان ڪم وارو ماڻهو ما نڪتو.

مٿين صورتحال مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته چين جي هارين کي سجاڳ ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هو. جڏهن ما ڦرلٽ ڪندڙ اصلي ڌاڙيلن کي سڃاڻي ورتو، تڏهن هو ”جدوجھد“ ڪرڻ ۽ وڏيري سان ”ليکو چڪتو“ ڪرڻ لاءِ چڱي طرح تيار ٿيو. پر اڃا به هو ڊنل هو. هن انقلابي ڪارڪنن کان پڇيو ته ”ٻيلي! ڳالهه ٻُڌو، جڏهن پاڻ وڏيرن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪنداسين تڏهن توهين اسان کي ڇڏي ڀڄي ته نه ويندا؟“ ڪارڪنن توڙ نباهڻ جو واعدو ڪيو ۽ چيو ته ”جيسين ڳوٺ ۾ انقلاب جو سمورو ڪم پورو نه ٿيندو، تيسين اسين ڪيڏانھن ڪونه وينداسين.“ اهڙي طرح ما پٿرائين ڀت واري ڳوٺ جو هڪڙو انقلابي ڪارڪن ٿي ويو.

وڏيرا شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ فقط هڪ ماڻهو اڪيلي سر ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. ايڏي ساري ڪم لاءِ جهجهن ماڻهن جي گهرج هوندي آهي. تنھنڪري سورهين رات ما پنھنجن ٽن دوستن کي ڪارڪنن سان ملائڻ لاءِ وٺي آيو. هو ڪارڪنن واري غار ۾ گڏجي ويٺا. انهن ۾ هڪڙو ”سڀاڳو“ پوڙهو لي به هو.

نون آيل هاري دوستن جي ٻيڙين سان آڌر ڀاءُ ڪئي ويئي. انقلابي ڪارڪنن کين ٻڌايو ته ”اسين هڪ عوامي حڪومت ٺاهڻ ۾ اوهان جي مدد ڪرڻ آيا آهيون. اسان کي خبر آهي ته ڳوٺ جا ماڻهو ڏک سور کائي ۽ لڙڪ پي پنھنجي حياتي زهر وانگر ٿا گذارين. اسان تي پاڻ هزارين ظلم ٿيا آهن. سڀئي ڏکويل هڪڙي ئي گهر جا ڀاتي آهن. اسان کي پنھنجا ڏک ٻڌايو ته جيئن انهن ڏکن کي ختم ڪرڻ جي ڪا اٽڪل ڳولي ڪڍون. ڪو اُلڪو نه ڪريو، جي اڄ رات ڪجهه ٻڌائي نٿا سگهو ته ڪا اربع خطا ڪانهي. ڀلي گهر وڃي ان ڳالهه تي دل من پُڇو،  سوچ ويچار ڪريو. تڪڙ ڪانهي، ڀلي ٽن چئن ڏينھن کان پوءِ جواب ڏجو.“ ان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ هارين جو گهڻو ڊپ لھي ويو ۽ هو پنھنجا ڏک بي ڌڙڪ ٻڌائڻ لڳا. ڪيترا دفعا ته جوش ۾ اچي چئني ڄڻن ٿي ڳالهايو. انهن مان ويھن سالن جي ليوڪوانگ هاريءَ پنھنجو قصو هن طرح ٻڌايو ته هڪڙي ڀيري وڏيري کيس حڪم ڪيو ته هو وڃي جپان جي بيگار فوج ۾ ڪم ڪري. سندس انڪار ڪرڻ تي وڏيري ۽ سندس پٽ کيس ٻڌي کوهه ۾ اونڌو ٽنگي ڇڏيو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ هو سسيءَ تائين پاڻي ۾ ٻُڏو رهيو ۽ پوءِ جڏهن کيس ٻاهر ڪڍيو ويو ته هو اڌ مُئو ٿي چڪو هو. ان واقعي کان پوءِ هو جپانين لاءِ ته ٺھيو، پر پنھنجي ٻنيءَ تي به ڪم ڪري نٿي سگهيو.

پاؤ نالي هڪ ڄاڻو هاريءَ پنھنجو حال اوريندي ٻڌايو ته ”هڪڙي ڏينھن وڏيري زور ڪيو ته هو وڏيري جي اَن جي لڪل ڀانڊن مان اُن ٻاهر ڪڍي. مون کان اهو ڪم وڏيري زبردستي ۽ دٻڙاٽي ڪرايو ۽ مزوري مون کي هڪڙي پائي به ڪانه ڏنائين.“ پڇاڙيءَ ۾ سڀاڳي ليءَ پنھنجي پُٽ جو دل ڏاريندڙ داستان ٻڌايو. نيٺ آڌي رات جو سڀني فيصلو ڪيو ته هاڻ پلاند ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ نبيري کائينداسون. انهن واعدو ڪيو ته هاڻ جيڪڏهن جپان يا ’چيانگ ڪائي شيڪ‘ جون فوجون به واپس اچن ته به اسين ڪنھن به صورت ۾ بغاوت ڪنداسين. پوءِ اسان جي اها ڪاميابي ڀلي کڻي هڪڙي ڏينھن لاءِ ڇو نه هُجي. ان لاءِ وڌيڪ هارين کي سجاڳ ڪرڻو پوندو. اهو فيصلو ڪري هنن ڪچھري گُل ڪئي. ٻي رات وري ڪچھري ٿي، جنھن ۾ 13 هاري آيا. ان ڪچھريءَ ۾ به پھرين ماڻهن پنھنجي ڏکن سورن جا داستان ٻڌايا. پوءِ هي فيصلو ٿيو ته هن جدوجھد ۾ سڄي ڳوٺ جي ماڻهن کي شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ هڪڙو جلسو سڏايو وڃي. ان ڪچھريءَ ۾ ماڻهن اهو انومان ڪيو ته وڏيري کي هنن ڪچھرين جي خبر پئجي ويئي آهي. ڇو جو هڪڙي هٿ ٺوڪئي مليشا جي اڳوڻي سپاهيءَ کي هنن ڪچھرين جي خبر آهي. ان جڙتو سپاهيءَ سان وري وڏيري جي ڌيءَ ڦٽل آهي. تنھنڪري هيستائين ضرور وڏيري کي خبر پئجي ويئي هوندي. انقلابي ڪارڪنن هارين کي تسلي ڏني ۽ چيو ته ”اوهين ڪوبه اُلڪو نه ڪريو.“ پر هارين جا انومان صحيح نڪتا.

ان رات ڪچھريءَ کان پوءِ سڀاڳو لي واپس گهر ڪونه وريو! هڪ ته هو سڀني کان جهونو هو ۽ ٻيو ته هو رات جو گهر کان ٻاهر ڪڏهن به ڪونه رهندو هو. تنھنڪري سندس زال کي گهڻي هورا کورا ٿي پيئي. جڏهن ٻه ڏينھن ٻيا به هو غائب رهيو پوءِ ته سندس زال اصل چري ٿي پيئي. هر ڪنھن گس ويندڙ کان پُڇڻ لڳي، ”ڪنھن منھنجو مڙس ته ڪونه ڏٺو؟“ پر ڪابه خبر پئجي ڪانه سگهي. آخري دفعو کيس ڪچھريءَ مان اٿي گهر ڏانھن ويندي ڏٺو ويو هو، پوءِ سندس ڪوبه پتو ڪونه پيو. هن جو گس ڏکيرڙو هو، هڪڙي ٽڪري درياهه مٿان ليٽيل هوندي هئي، ان تان سندس گس هو. ماڻهن جو انديشو هو ته متان درياهه ۾ ڪري پيو هجي، هجي يا رستو ڀلجي ويو هجي ۽ گهر وٽان لنگهي سڌو اڳيان نڪري ويو هجي. پر صل حقيقت جي ڪنھن کي به خبر ڪانه هئي.

ٽئين ڏينھن کان پوءِ چڪيءَ ۾ ڪڻڪ پيھندي هڪڙي ماڻهو محسوس ڪيو ته مشين جو ڦيٿو صحيح نموني ۾ نٿو ڦري، جڏهن هن چتائي ڏٺو ته کيس ڦيٿي ۾ پوڙهي ليءَجو لاش ڦاٿل نظر آيو. هن جا هٿ پٺيان ٻڌل هئا ۽ وات ۾ ڪپڙو ڦَسيل هو.

ڳوٺ جو ڪوبه ماڻهو لاش کي ويجهو وڃڻ لاءِ تيار ڪونه هو. تنھنڪري انقلابي ڪارڪنن لاش اتان ڪڍيو ۽ عبادت گاهه ڏانھن کڻي ويا. چين ۾ اهو پراڻو رواج آهي ته قتل ٿيل جو لاش گهر ۾ ڪونه آڻبو آهي، ان ڪري هو ان کي مندر ۾ ڇڏي سندس زال کي وٺي آيا. زالس اچي اڇو ڪفن پنھنجي مڙس کي پھرايو ۽ پوءِ ميت تي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. ڪانڌين انتھائي ڏک سان اهو دل ڏاريندڙ منظر ڏٺو. سندن دليون لُڇڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳيون. پر هنن ٻاڦ ٻاهر ڪانه ڪڍي. گهرن ڏانھن موٽندي پاڻ ۾ چُڻ ڀُڻ ڪندا پئي ويا ته ”ٻيلي! ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته ماٺ ڪري ويھي رهجي. ڪھڙي خبر ته هاڻي اسان جو وارو هُجي.“ ان واقعي جي ڪري پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ انقلاب کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. انقلاب دشمنن غريب ڳوٺاڻن تي اهو پھرئين حملو ڪيو هو.

پوڙهي ليءَ جي قتل کان پوءِ ماڻهن ۾ ڊپ ۽ هراس پکڙجي ويو، هو بلڪل ماٺ ڪري ويھي رهيا. اهي هاري جيڪي پھرئين ڪچھري ۾ شامل ٿيا هئا سي چوڻ لڳا ته ”ٻيلي! اڃا ته اسان وٺ پڪڙ شروع ئي ڪانه ڪئي آهي، تيسين اسان جو هڪڙو همراهه مارجي ويو آهي.“

خود انقلابي ڪارڪنن کي به ان واقعي حيران ڪري وڌو هو، انهن کي هر هر اهو خيال ستائي رهيو هو ته هنن هارين جي انديشن تي ڌيان نه ڏيئي وڏي ڀُل ڪئي آهي، ٻيو ته جنھن غار ۾ هو ڪچھري ڪندا هئا اهو به خطري کان خالي ڪونه هو ڇاڪاڻ ته ڪير به ان ۾ دستي بم اڇلي سگهيو ٿي. پر سڀني کان وڏي ڳڻتي ان ڳالهه جي هئي ته متان هاري ڊڄي پون ۽ انقلابي جدوجھد تان هٿ نه کڻي وڃن. تنھنڪري انهن ماڻهن ٻيھر همت وڌائڻ لاءِ هڪ تعزيتي جلسي ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو.

مندر جي سامھون هڪڙو ٿلهو ٺھيل هو، جنھن تي مذهبي سڳورا ڏينھن ملھايا ويندا هئا. انهي ٿلھي تي انقلابي ڪارڪنن چيئرمين مائوزيتنگ ۽ اٺين روٽ فوج جي اڳواڻ مارشل چوتيه جون تصويرون آڻي رکيون ۽ انهن سان گڏ ڪاغذ جا پرچا به لڳائي ڇڏيا جن تي لکيل هو ته ”اسين مسڪين هاريءَ ليءَ جي خون جو بدلو وٺنداسين.“

ڳوٺ جي هڪ سؤ کن هارين جلسي ۾ شرڪت ڪئي ۽ وڏيرو وانگ جلسي ۾ ڪونه آيو. ضلعي جي مئجسٽريٽ  جلسي ۾ تقرير ڪندي ماڻهن کي چيو ته ”حڪومت خونن جي وارداتن کي ختم ڪرڻ ٿي چاهي، پر البت ماڻهن کي به پنھنجي جدوجھد جاري رکڻ گهرجي ۽ پنھنجي جمھوري حڪومت ٺاهڻ گهرجي.“

تعزيتي جلسو چار ڪلاڪ کن هليو. ان کان پوءِ انقلابي جدوجھد جي ٻين مسئلن تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي به گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان ۾ ڳوٺاڻن اچڻ کان ٺپ جواب ته ڪونه ڏنو، پر آهستي آهستي ڪيترن ئي لھرائيندي معافي پئي گهري. ڪيترن ته ائين به چئي ڏنو، ته ”اسان کي تمام ضروري ڪم آهي.“ ان هوندي به ڇھه هاري ان ڪچھري ۾ اچي شريڪ ٿيا.

ڪچھريءَ ۾ انهن ڇھن ڄڻن فيصلو ڪيو ته وڏيري وانگ کي ان قتل جي سزا ضرور ملڻ گهرجي. پنجن ڏينھن کان پوءِ هڪ ٻي گڏجاڻي ٿي، جنھن ۾ ٽيھه ڄڻا گڏ ٿيا. انهن ٽيھن هارين کي پھريائين ڇھن هارين اڳواٽ سڄي ڳالهه کان باخبر ڪيو هو. اڌ رات تائين هنن پنھنجا دل ڏاريندڙ داستان ٻڌايا: اسان سان وڏيري وانگ ڪھڙا ڪھڙا ڪلور ڪيا آهن. پوءِ اوچتو ويٺلن مان ڪنھن هڪ کين هيئن چيو ته ”ڏسجو متان وڏيرو وانگ ڊپ کان ڀڄي نه وڃي.“ اها ڳالهه ٻڌي گهڻن هارين گڏجي اها رٿ ڏني ته وڏيري وانگ کي هڪدم قابو ڪيو وڃي، متان سچي پچي ڀڄي نه وڃي. گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ اها رٿ سڀني منظور ڪئي ۽ هو سڀئي گڏجي وڏيري جي گهر تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا. انهن وٽ فقط هڪڙي بندوق ۽ ٽي هٿ وارا بم هئا.

غار مان نڪري همراهه ٻن ٽولين ۾ ورڇجي ويا. هڪڙي ٽولي ٽڪرين واري پاسي کان ٿيندي مُرڳو وڏيري جي ڪوٽ جي اڱڻ مٿان اچي پھتي ۽ ٻي ٽولي سڌو ڪوٽ جي دروازي وٽان آئي. انهن اچڻ شرط در تي زور سان ٺڪ ٺڪ ڪئي ۽ هڪل ڪري وڏيري کي چيائون ته ٻاهر نڪر. وڏيري جي زال اچي در کوليو ۽ چيائين ته وڏيرو گهر ڪونهي، پر هاري مائيءَ تي ڪونه وسھيا ۽ ڌوڪي گهر ۾ ڪاهي پيا. گهڻي ڳولھا ڦولھا کان پوءِ هارين هڪ ڪٻٽ پٺيان هڪڙو ڳجهو در ڏٺو،جيڪو هڪڙي سرنگ جو هو. هو سڀئي ان سرنگ ۾ لھي پيا ۽ وڃي هڪڙي ڳجهي غار ۾ پھتا. وڏيري سمجهيو ته غار ۾ کيس ڪير به ڪونه ڏسندو، تنھنڪري اتي لڪو ويٺو هو. اوچتو هارين اچي کيس ڳٿر کان جهلي گهلي ٻاهر ڪڍيو. اتان ڪڍي آڻي هڪڙي جاءِ ۾ قيد ڪيائونس.

وڏيري جو پُٽ ان رات ڳوٺ مان ڀڄي وڃي ”هوسين“ ضلعي جي هڪڙي وڏي شھر ۾ پھتو، جيڪو اتان کان پنج ڪوهه پري هو. هن شھر ۾ ٻين ڳوٺن جي وڏيرن ۽ جاگيردارن گڏجي هڪڙي ڇتي آدمخور فوج تيار ڪئي هئي، جنھن ۾ چور، ڌاڙيل، اڳوڻي ڀاڙيتو فوج جا سپاهي ۽ هڪڙي جنگي سردار ’ين سي شان‘ جا سپاهي به شامل هئا. جڏهن ڳوٺاڻن کي خبر پيئي ته وڏيري جو پٽ ڀڄي ويو آهي ته هو ويچارا ڏاڍا پريشان ٿي پيا. ڇو ته هنن جي خيال ۾ ”چيتي کي جهلڻ سولو آهي پر جهلڻ کان ڀڄي وڃڻ جو وجهه ڏيڻ هاڃيڪار آهي.“ تنھنڪري هو دلگير ٿي پيا. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ هنن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته کڻي ڇا به ٿي پوي پر هو وڏيري جي خلاف پنھنجي جدوجھد جاري رکندا.

ان ڏينھن شام جو ڳوٺ جي ڏکڻ طرف دريا کان ٿورو پرڀرو هڪڙي پوٺي تي آس پاس جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ وڏيري جي زال ۽ ڌيءَ به هيون. غريب ڳوٺاڻن ان ميڙ ۾ وڏيري جا ڪيل ڳاڻيٽي کان ٻاهر ڏوهه ٻڌايا. جھڙوڪ: وڏيري وانگ جپان خلاف وڙهندڙ وطن دوست ماڻهن سان غداري ڪئي هئي، هارين کان سندن اَن ڦري انهن جا ٻچا بکن ۾ ماريا هئائين. انهن کان زوريءَ ڇيڙ ۽ بيگر وٺندو هو. وڏيري کان پڇيو ويو ته ڇا هو انهن سڀني الزامن کي قبول ڪري ٿو؟

وڏيري مڪاريءَ سان جواب ڏنو ته، ”اهي ڪم مون ڪيا ته برابر آهن پر پنھنجي مرضيءَ سان نه! جپانين مون کان زوريءَ ڪرايا آهن.“

پنھنجي ڏوهن کي لڪائڻ جي هيءَ هڪ انوکي ڪوشش هئي. اهو ٻڌي ماڻهو ڇرڪي پيا ۽ بيٺل ميڙ سمنڊ جيان ڇوليون کائڻ لڳو. ڪيترن ماڻهن گڏجي واڪا ڪيا. هر ڪو ماڻهو وڏيري جي بيان کي ڪوڙو چئي رهيو هو. هن کان اڳ جيڪي ماڻهو ٺلھا بيٺا هئا، سي به وڏيري جي ڪوڙ ڳالهائڻ تي ٻرندڙ جبل وانگر ٽھڪڻ لڳا.

اوچتو ان اُڀ ڏاريندڙ گوڙ مان هڪ گرجدار آواز آيو ته ”هن کي ابتو ٽنگيو وڃي.“

ماڻهو ڪاوڙ ۽ جوش کان آپي مان نڪري ويا، هنن انقلابي ڪارڪنن ۽ ميڙ جي صدر کي ائين نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، ڄڻ انهن جو جود ئي ڪونه هو. ماڻهو وڏيري وانگ کي چوڌاري ڦري ويا. انهن مان هڪڙي اتي بيٺل وڻ تي رسو اڇلائي سرڪڻ ٺاهي، هڪڙي ڄڻي ’وڏي حُب‘ سان وڌي سرڪڻ وڏيري جي چيلھه ۾ وڌي. اک ڇنڀ ۾ وڏيرو ٽنگيو ويو. هن جو مٿو هيٺ هو ۽ ٽنگون مٿي لڙڪيل هيون، جيئن بدڪ پاڻيءَ ۾ غوطو هڻي کاڌو ڳولڻ مھل ٽنگون مٿي ڪندي آهي. چوڌاري بيٺل ماڻهو ڪاوڙ کان ڄڻ چريا ٿي پيا هئا. هنن جي منھن ۾ گهُنج ۽ واتن ۾ گاريون هيون. ڪو وڏيري جي ڪنن جي ويجهو  وڃي زور سان رڙيون ڪري کيس گاريون ڏيئي رهيو هو ته ڪو مُنھن ۾ ٿڪون ۽ کانگهارا هڻي رهيو هو. وڏيرو وانگ خوف ۽ دهشت کان ڏڪي رهيو هو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن سندس حالت خراب ٿيندي ويئي. جڏهن ڳالهه گوڙ کان چڙهي ويئي تڏهن دانھون ڪري چوڻ لڳو ته ”مون کي رڳو هيٺ لاهيو. آءٌ پنھنجا سڀ ڪيل ڏوهه قبوليان ٿو.“ پر هارين جي ڪاوڙ ايترو جلد ڪٿي ٿي ٿڌي ٿئي. ڪنھن وڏي آواز ۾ چيو ”هن کي اڃا به مٿي ڪري ٽنگيو.“

ايتري ۾ ڪن سمجهو ماڻهن اها صلاح ڏني ته جيڪڏهن هن کي هينئر ئي پورو ڪري ڇڏينداسين ته پوءِ ”حساب چُڪتو“ ڪيئن ڪنداسين. نيٺ جڏهن ماڻهن جي ڪاوڙ ٿوري گهٽ ٿي، تڏهن وڏيري کي هيٺ لاٿائون. اوڏيءَ مھل شھيد ليءَ جي زال ڊوڙي هن جي ويجهو آئي ۽ دانھون ڪندي پڇيائينس ته ”منھنجو مڙس خون ٿي ويو آهي. ٻڌاءِ اهو خون تو ڪرايو آهي؟“ گهڻي دير ٽنگجڻ ڪري وڏيري جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو هو. پر هن ڳالهه ٻڌڻ شرط ککو وکو ٿي ويو. هن ڊپ ۽ هراس کان ڏڪندي چيو ته، ”نه…. نه…. اهو خون مون ڪونه ڪيو آهي….“

انهيءَ تي ماڻهن چيس ته ”اسان کي سچي پچي ٻڌائيندين ته اسين توکي ڪجهه ڪونه ڪنداسين، نه ته وري ٽنگي ڇڏينداسين.“

”نه نه اهو ڪم مون نه ڪيو آهي.“ وڏيري اڃا اهي لفظ چيا ئي مس، تيسين وري ٽنگجي ويو. هن دفعي هو ڳچ دير تائين ٽنگيو پيو هو. جڏهن هو وڌيڪ سھي نه سگهيو ته روئي پيو ۽ چيائين ”مون کي هيٺ لاهيو، آءٌ سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿو.“ پوءِ سُڏڪندي سڏڪندي ٻڌايو ته جڏهن پوڙهي لي ڪچھريءَ کان پوءِ گهر پئي ويو ته مون ۽ منھنجي پٽ ليءَکي جهليو هو ۽ هن کي وٺي وڃي پاڻي ۾ ايستائين اونڌو ڪري جهليو هو، جيستائين هن جو پساهه نڪري ويو. تنھن کان پوءِ لاش دريا ۾ اڇلي ڇڏيوسين. سمجهيوسين ته لاش دريا ۾ لڙهي هليو ويندو. اِها ڳالهه ٻڌي ماڻهن کي ويتر ٽانڊا لڳي ويا. هنن وري به وڏيري وانگ کي اُبتو ڪري ٽنگي ڇڏيو. ماڻهن جو شور تيز ٿي ويو. ڪي چون ته ”هاڻ جيسين نه مري تيسين ڀلي ٽنگيو پيو هجي.“ ٻين وري چيو ته، ”ائين ته هي جلد مري ويندو. ڀلي مرڻ کان اڳ ۾ انهن سڀني عذابن جو مزو چکي، جن عذابن ۾ اسين هميشه پيا رهون.“ آخرڪار رات جو کيس هيٺ لاهي هڪڙي غار ۾ بند ڪيو ويو.

جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ ويھارو ٽيھارو کن همراهه گڏجي وڏيري وانگ جي حويلي تي پھتا ۽ وڏيري جي زال ۽ ڌيءَ کي گهر کان ٻاهر ڪڍي، حويليءَ کي سيل مھر ڪري ڇڏيائون وڏيري جي زال ۽ ڌيءَ ڪنھن ويجهي ڳوٺ ۾ پنھنجن مائٽن ڏانھن هليون ويون.

رات جو پنجن ئي ڪارڪنن گهمي ڦري ڳوٺ جو واءُ سواءُ ورتو. هنن ڳوٺاڻن کان ٻُڌو ته ”وڏيري سان چڱي تعدي ڪئي اٿن. لائق ئي ايتري جو آهي. وڏو بدمعاش ۽ ظالم آهي. جيڪي هن سوئر ظلم ڪيا آهن، سي جي سڀ ڏسجن ته پوءِ هن لاءِ هيءَ سزا ته ڪجهه به ڪانهي!“ اُن رات وڏيري جي ڪوٽ اندر هڪ وڏو جلسو ٿيو، جنھن ۾ 133 ڳوٺاڻا گڏ ٿيا. هنن سڀني جو خيال هو ته هاڻي جدوجھد کي اڳيان ڪيئن وڌائجي.

انقلابي ڪارڪنن سڀني همراهن کان پڇيو ته ”جيڪو ڪجهه اوهان ڪيو آهي تنھن مان اوهين خوش آهيو؟“ سڀني گڏجي جواب ڏنو ته ”ها، اسين سڀ ڏاڍا خوش آهيون.“

سڀ کان وڏو مسئلو هو ته وڏيري سان ڪھڙو سلوڪ ڪجي؟ ڇا کيس ماريو وڃي؟ ان سوال لاءِ ڪيتريون رٿون مليون. ڪي چون ته: کيس ايترا عذاب ڏنا وڃن جو ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏي. ڪي چون ته ٻيلي همراهه صفا پيرسن آهي، ڪجهه مٿس رحم ڪيو وڃي. ڪي وري صفا ماٺ ۾ هئا. ٻين صلاح ڏني ته وڏيري جو منشي به شاهوڪار ۽ بدمعاش آهي، ان کي به جهلي وٺي اچجي ۽ کيس سيکت ڏيڻ گهرجي. هڪڙي هاريءَ چيو ته ”واڙيءَ مان هميشه پھريائين وڏيون وڏيون ڇانھيون ڳولي پٽبيون آهن، تنھنڪري اسين پھرين گبرن کي مزو چکايون، اُڀرن سان پوءِ به پھچي پونداسين.“  اها ڳالهه سڀني ماڻهن کي ڏاڍي وڻي. تنھنڪري منشيءَ جي پڪڙڻ واري صلاح ججهن جي مرضيءَ سان رد ڪئي ويئي. گهڻي بحث کان پوءِ فيصلو ٿيو ته جيئن ته وڏيرو وانگ خوني آهي، تنھنڪري کيس قتل ڪيو وڃي. هاڻ وري اهو مسئلو هو ته کيس اها سزا ڪيئن ڏني وڃي، ڇا کيس ضلعي جي انتظاميه جي حوالي ڪيو وڃي؟ يا اسين پاڻ کيس ماري ڇڏيون ۽ هڪڙي هاريءَ چيو ته ”جيڪڏهن وڏيري تي فوجي عدالت ۾ ڪاروائي هلي ته پوءِ گولي هڻي پورو ڪري ڇڏيندا ۽ اهڙي طرح هو سُک جو موت مري سگهندو. تنھنڪري اسين پاڻ کيس ايذاءُ ڏيئي ماريون ته جيئن عذابن جو مزو چکي.“ ايتري ۾ هڪڙي هاريءَ ڊڄندي صفا چيو ته ”ڳالهيون ته ڪريو يپا پر وڏيري کي مارڻ جي همت به ڪنھن ۾ آهي؟“ سڀني هارين گڏجي وڏي واڪي چيو ته ”ها، اسان ۾ همت آهي. جھڙي طرح هن ظالم اسان جي ساٿين کي سنگينون ٽُنبي ماريو هو، تيئن اسين به کيس ماري سگهون ٿا.“

ٽن ڏينھن کان پوءِ ڳوٺ جي ماڻهن اڌوگابري نيرن ڪئي هئي، سج اڃا ڪَني مس ڪڍي ته ست سؤ مرد ۽ زائفائون ڳوٺ جي ڏکڻ طرفان هڪڙي وڏي پوٺي تي اچي گڏ ٿيا. آس پاس جي ڳوٺن مان آيل مھمان به ساڻن گڏ هئا. ڪيترين هارين وٽ ڪھاڙيون، چاقو، ڪوڏريون، ڏانٽا، تلوارون ۽ ڏڦا هئا. اڄ بدمعاش وڏيري وانگ کي موت جي سزا ملڻي هئي. انقلابي ڪارڪنن وڏيري جي ڪيل ڏوهن جي لسٽ به تيار ڪئي هئي. اُهي ڏوهه هُنن الڳ الڳ ڪاغذن تي وڏن اکرن ۾ لکي وڻن تي چنبڙائي ۽ ٽنگي ڇڏيا هئا، جيڪي هوا ۾ لڏي رهيا هئا.

هڪڙي ڪاغذ تي لکيل هو ”وڏيري وانگ مليشا جي ٽن مجاهدن ۽ ڳوٺ جي هڪ محنتي هاريءَ جو خون ڪيو آهي.“

ٻي ڪاغذ تي لکيل هو ”بدمعاش وڏيري وانگ، جنگ هلندي ماڻهن کان زوريءَ اَن ڦريو هو.“

ٽئي ڪاغذ تي لکيل هو ”ظالم وڏيري وانگ، ڍلن جو سڄو بار غريب هارين تي ليٽائي وڌو هو ۽ انهن جو رت چوسيندو هو.“

جڏهن وڏيري وانگ کي ميدان تي وٺي آيا، تڏهن هو ڊپ کان ڏڪي رهيو هو ۽ سندس مُنھن تي هيڊ هارجي ويئي هئي. وڏيري کي ايندو ڏسي ماڻهن زور زور سان نعرا هڻي سندس ”آجيان“ ڪئي. وڏيري کي ٽي پھريدار وٺيو پئي آيا، ميدان تي آڻي وڏيري کي هڪ وڻ سان ٻڌو ويو. هن جو منھن ماڻهن ڏانھن هو ۽ پُٺ ٿڙ ڏانھن ڪئي ويئي.

وڏيري هڪ دفعو ماڻهن جي ميڙ ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. کن پل لاءِ ماٺ ٿي ويئي. ماڻهن کي شايد ويساهه ئي نٿي آيو ته ڪو اهڙو جابر ۽ ظالم وڏيرو به سندن اڳيان ائين بيوس ٿي بيھي سگهي ٿو ۽ هو اڄ کيس خود پنھنجي هٿن سان پورو ڪندا، ما، ميڙ مان نڪري اڳيان آيو ۽ هن گجندڙ آواز ۾ اعلان ڪيو ته ”اڄ اسان جي بدلي وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿو ته اسين ڪيئن بدلو وٺنداسين. اسين هن کي ماري سندس ڪيل ڪرتوتن جي سزا ڏينداسين.“ ائين چئي هو تڪڙو مُڙيو ۽ وڏيري وانگ جي منھن تي هڪ زورائتو ٿڦڙ وهائي ڪڍيائين. ٿڦڙ جو ڦھڪو ايڏو ته زور سان ٿيو، جھڙو پستول جو ٺڪاءُ! ماڻهن جو ميڙ شينھن وانگر گجندو اڳتي وڌڻ لڳو. وڏيري وانگ ڪنڌ مٿي کڻي ميڙ ڏانھن نھاريو ۽ آهستي آهستي چوڻ لڳو ”منھنجون فقط ٻه ڳالهيون ٻڌو، مھرباني ڪري رڳو ٻه ڳالهيون ٻڌو.“ پر هڪڙي ڳوٺاڻي رڙ ڪري چيو، ”ڪير به هن جي ڳالهه نه ٻڌي.“ پوءِ هڪ ڪوڏر مٿي ٿي. ماڻهن وڏيري وانگ جا ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري، کيس اگهاڙو ڪري ڇڏيو. وڏيري هڪ دل ڏاريندڙ دانھن ڪئي ۽ پوءِ لاچار ۽ بيوس ٿي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. ماڻهن جو ولر مٿس اُلر ڪري آيو. هڪ سگهاري جوان هاريءَ هڪ ئي ڌڪ سان ڪاتي وڏيري جي ڇاتيءَ ۾ ٽنبي ڇڏي، جيستائين سندس بدلي جي باهه ٿڌي نه ٿي، تيستائين ڇري اندر ۽ ٻاهر ٿيندي رهي. سڄو ماحول ماڻهن جي وحشتناڪ رڙين سان ٻُري رهيو هو.

وحشي ۽ ظالم کي ماري ڇڏڻ سان به ماڻهن جي دلين جي باهه ڪانه وسائي. هنن نه رڳو کيس ماريو، پر سندس لاش کي ٽن ڏينھن تائين پورڻ جي موڪل نٿي ڏني ته جيئن ڀلي بي غيرت ۽ غدار وڏيري جو لاش وڻ ۾ ٽنگيو پيو هجي ۽ سندس ماس ڪُتا ۽ ڪانگ پٽين.

پر اهڙا خوفناڪ جذبا گهڻو جٽاءُ ڪونه ٿا ڪن. سگهوئي ٿڌا ٿيو وڃن. ٿوري دير کان پوءِ ماڻهن جي ڪاوڙ ماٺي ٿي ويئي. هنن سوچيو ته لاش کليل فضا ۾ سڙي خراب ٿي ڌپ ڪندو، تنھنڪري چڱو ٿئي جو لاش سندن وارثن جي حوالي ڪيو وڃي.

ان ڏينھن سج لٿي مھل، جڏهن سج ٽُٻ ٽُٻان ۾ هو، تڏهن وڏيري جي زال ۽ ڌيءَ ماٺ مٺيءَ ۾ هڪ گڏهه گاڏي وٺي آيون ۽ ان ۾ لاش وجهي کڻي ويون. سندن اکين ۾ لڙڪ به ڪونه هو.

ڪن ماڻهن انهن کي ايندي ۽ ويندي ڏٺو، پر ڪير هڪڙو اکر به ڪونه ڪڇيو. ڳالهائڻ جي واٽ به ڪھڙي بچي هئي!

وڏيري جي مرڻ کان پوءِ وڏيري جي خلاف وٺ پڪڙ ختم ٿي چڪي هئي ۽ ڳوٺ ۾ انقلاب اچي پير کوڙيا هئا.

*

جڏهن پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ وڏيرن خلاف جدوجھد ختم ٿي، تڏهن هڪدم حساب ڪتاب شروع ڪيو ويو. حساب ڪتاب جي معني ته وڏيرن خلاف هلايل جدوجھد دوران هٿ آيل ملڪيت جي ورهاست- پوءِ هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ کي ڳولي هٿ ڪيو ويو جيڪو پڙهيل هو ۽ ان کي هڪ غار ۾ ويھاري چيائونس ته سامان جي لسٽ تيار ڪر. ورهاست ڪرڻ وارين شين ۾ گهرو سامان، اناج جا ڍڳ، ٻيون کاڌي جون شيون ۽ ڪپڙا شامل هئا، سڀني کان ڳرو ۽ بنيادي مسئلو هٿ آيل زمين جي ورهاست جو هو.

زمين جي معاملي ۾ هر ڪنھن کي خوش ڪرڻ پھريائين ته ڏکيو ٿي پيو، پر پوءِ لڳاتار صلاح مصلحت ۽ گڏجاڻين ڪرڻ بعد وڏيري وانگ کان هٿ آيل زمين اهڙي نموني ورهائي ويئي جو هر ڪو ماڻهو خوش ٿي ويو. جڏهن سڀ زمين ورهائجي ويئي، تڏهن اٽڪل ڏيڍ ايڪڙ نھري زمين هر ڪنھن ماڻهو جي حصي ۾ آئي. جيتوڻيڪ هي زمين گهڻي ڪانه هئي، پر تنھن هوندي به پھرئين جي مقابلي ۾ تمام گهڻي هئي. سامان جي ورهائڻ جي ڪٿي هڪ جيتريون پتيون نٿي ٿي سگهيون ته پوءِ وڏو حصو انهن غريبن کي ڏنو ويو، جن تي اڳ ۾ گهڻا ظلم ڪيا ويا هئا. چئن خون ٿي ويل هارين جي وارثن کي ٻين کان اڌ ايڪڙ وڌيڪ زمين ڏني وئي. ماچپوري مسڪين هاريءَ وٽ پھريائين ايڪڙ جو فقط ڇھون حصو زمين هوندي هئي، تنھن وٽ هاڻي سندس زال جي پتيءَ سان گڏ ڪل ٽي ايڪڙ زمين ٿي ويئي هئي. هو ڏاڍو خوش هو ۽ ان خوشيءَ ۾ پنھنجي مائٽن، زمين ورهائڻ وارن، انقلابي ڪارڪنن ۽ جدوجھد ۾ حصو وٺندڙ سڀني ماڻهن جي مان ۾ رات جي دعوت ڪئي.

هو روزانو پنھنجي ٻنيءَ مان ور واندو ڪرڻ ويندو هو.  سرءُ جي موسم ۾ هن سڄو ڏينھن محنت ڪري ڍٻون ڊاکون ڪڍي، ڊڀ ڍاڙي پٽي، زمين کي کيڙي سڌو ڪري پوکڻ لائق بنايو هو.

لي ڪوانگ کي هاڻي کوهه ۾ اُبتو ٽنگجڻ جو ڊپ ڪونه هو. کيس هڪ نئون گهر ورهاست ۾ مليو هو. سندس گهر واري روزانو سويرو اٿي اڱڻ مان ٻھاري ڏيندي هئي ۽ هوءَ ڏاڍو خوش ٿيندي هئي، جو کيس غار بدران هڪ سٺو گهر مليو هو. انقلاب کان پوءِ اهڙا اهڙا عجيب واقعا ٿيا، جو ڳالهه وسھڻ کان ٻاهر هئي. مثال طور ان ڳوٺ ۾ هڪڙو پوڙهو رهندو هو، جيڪو ڪيتري وقت کان هڪ ڪن کان ٻوڙو هو. ڇا ٿيو جو ان مسڪين پوڙهي هڪ دفعي وڏيري کان اٺ آنا اڌارا ورتا هئا، پر هو واپس ڏيئي نه سگهيو، ڇو ته هن وٽ پائي به ڪانه هئي، تنھنڪري هڪ ڏينھن وڏيري ڪاوڙ ۾ اچي مسڪين پوڙهي کي ڪن واري اهڙي ته زورائتي مُڪ هنئي جو هو غريب ان ڪن کان بنھه ٻوڙو ٿي ويو. ورهاست مھل هن کي به ڏيڍ ايڪڙ زمين ملي هئي. هو ڏاڍو خوش ٿيو هو. هڪ ڏينھن پنھنجي پُٽ کي چيائين ”اڳي آءٌ ان لاءِ ٻوڙو هوس جو مون تي وڏيرو ظلم ڪندو هو، پر هاڻي آءٌ ايترو ته خوش آهيان جو ٻوڙي ڪن سان به ٻڌي سگهان ٿو.“

جڏهن وڏيرن خلاف جدوجھد پوري ٿي، تڏهن انقلابي ڪارڪنن هارين کي صلاح ڏني ته هارين جي هڪ جماعت ٺاهيو، ۽ جڏهن هارين جماعت ٺاهي وئي ته ان جا 155 ميمبر ٿيا جن ۾ 30 زائفائون پڻ هيون. پوءِ هارين انقلابي ڪارڪنن جي راءِ سان گڏجي پنھنجا نمائدا چونڊيا.

چونڊن واري ڏينھن ڳوٺ ۾ ميلي جھڙو چهچٽو لڳو پيو هو. ڳوٺ جي ڀر وارن جبلن هن کان اڳ ڪڏهن به اهڙو لقاءُ ڪونه ڏٺو هو. آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻهو به اچي ڪٺا ٿيا هئا. چونڊن بابت ڪيترن ڏينھن کان ڳوٺ ۾ بحث مباحثا پئي ٿيا. ڇو ته هن کان اڳ ڪڏهن به ڪنھن ووٽ ڪونه ڏنو هو. ڳوٺ ۾ گهڻي ڀاڱي اڻ پڙهيل هئا. تنھنڪري مسئلو ڏکيرڙو ٿي پيو هو. جي پھرئين چونڊ ۾ هٿ مٿي کڻي راءِ ڏني وڃي ها، ته هڪ ته رازداري ڪانه رهندي، ٻيو ته چونڊ جو وقار ڪري پوندو. نيٺ فيصلو ڪيو ويو ته هڪ پيالي ۾ ڪُڻا وجهي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو وڃي. اهڙي طرح پنج عھديدار چونڊيا ويا جن ۾ پاؤ، ما ۽ ليوڪوانگ به شامل هئا. شھيد لي کان سواءِ ٻيا چارئي همراهه چونڊجي ويا، جيڪي پھرين لڪل گڏجاڻيءَ ۾ شامل ٿيا هئا.

ڪجهه وقت کان پوءِ ’ين سي شان‘ نالي هڪڙي جنگي سردار جي فوج تائي يوئي جبلن ۾ پنھنجو بدلو وٺڻ جي مھم تيز ڪري ڇڏي. پٿرائين ڀت واري ڳوٺ جي ماڻهن کي خبر هئي ته ان فوج ۾ گهڻو ڪري بيدخل ٿيل وڏيرن جا دلال، چمچا ۽ ڀاڙيتو غنڊا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري فوجين کي به لالچ ڏيئي وٺي ايندا آهن. ڪجهه ڏينھن بعد ڀاڙيتو فوج پاسي واري ڳوٺ تي حملو ڪري ڏنو.

پٿرائين ڀت واري ڳوٺ کان ٻن ميلن تي ’چائو پائيٽ سن‘ نالي هڪ ڳوٺ هو. ان ڳوٺ جا ٻه ڀائر وڏيرا، ٽانگ چي ۽ ڀاڻس به ڀڄي وڃي ’ين سي شان‘ جي فوج ۾ شامل ٿيا هئا، ڇو جو هارين سندن زمينون پاڻ ۾ ورهائي کنيون هيون. ٽانگ جي زال اڃا ڳوٺ ۾ رهيل هئي. هڪڙي ڏينھن مائيءَ کي خبر پئي ته ڍل جي باري ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جي رهنما هاري جماعت جو صدر ۽ مقامي مليشا جو اڳواڻ آفيس ۾ اجلاس ڪري رهيا آهن. مائي مُٺيون ڀيڙي ڀڳي ۽ وڃي مڙسھنس کي ڄاڻ ڪيائين.

جيئن ته اجلاس تمام گهڻي دير تائين هليو هو، تنھنڪري اهي همراهه اتي آفيس ۾ ئي سمھي رهيا. آڌي رات جو وڏيرو ٽانگ چي ۽ سندس ڀاءُ پنجاهه ڄڻن جو ٽولو وٺي اچي ڳوٺ تي ڪڙڪيا. ٽن انقلابي ڪارڪنن کي انهن وحشي دلالن سنگينون هڻي ماري ڇڏيو ۽ اَن جو گودام ڦري فجر کان اڳ ۾ ئي ڀڄي ويا.

اها خبر جڏهن پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ پھتي ته اتي جي هارين هڪدم صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ ڪچھري سڏائي.

ڳوٺ جي هڪڙي انقلابي ڪارڪن چيو ته ”دشمن اسان جي تمام ويجهڙائي ۾ آهي، تنھنڪري اسان کي ڳوٺ خالي ڪري ڪيڏانھن نه وڃڻ گهرجي. هن کان اڳ اسان جا جيڪي ساٿي قتل ٿيا آهن، سو به ان ڪري جو انهن ڳوٺ تي پھرو ڪونه بيھاريو هو. اسان کي ڳوٺ تي پھريدار مقرر ڪرڻ کپن، انقلابي ڪارڪنن کي ڪنھن محفوظ جاءِ تي رکيو وڃي.“ سڄي ڳوٺ ۾ فقط هڪڙي بندوق هئي، تنھنڪري هاري جماعت فيصلو ڪيو ته ويجهي ٿيار ٺاهيندڙ ڪارخاني مان 9 بندوقون ۽ ڪجهه دستي بم گولا ورتا وڃن، انهن جي قيمت ۾ ڪڻڪ ڏني وڃي. اهو اڳواٽ بچاءُ جو بندوبست ڪرڻ تمام ضروري هو. ڇو ته اڃا وڏيري وانگ جو پٽ به پڻس جو بدلو وٺڻ لاءِ، ڪنھن مھل به اچي سگهيو ٿي. هو وجهه ڳولڻ لاءِ روزانو ڳوٺ جي آس پاس پيو نوس نوس ڪندو هو. ڳوٺ جي سڀني ماڻهن کي پڪ هئي ته هو ڪنھن نه ڪنھن ڏينھن ضرور حملو ڪندو. هارين ۽ غريب ڳوٺاڻن کي اها خبر هئي ته جيڪا واٽ هنن ورتي آهي، ان جي ڪري وڏيرا ڇتا ٿي پوندا ۽ ضرور انتقامي ڪاروايون ڪندا. ڪن هيسيل ماڻهن جو خيال هو ته جن هارين ۾ وڏيري وانگ جي ملڪيت ورهائي ويئي آهي، انهن سان وڏيري جو پٽ ملھه ڪندو.

خوفناڪ ڪوڙيون خبرون ۽ دهشت پکيڙيندڙ افواهه ڳوٺ ۾ هلي رهيا هئا. ڪن جو چوڻ هو ته وڏيري جو پٽ آڌي رات جو ڳوٺ ۾ ايندو آهي ۽ ڳوٺ ۾ سندس دلالن ۽ چمچن سان صلاح مشورو ڪندو آهي.

هڪڙي رات هڪڙي هاريءَ هڪ گهر جي در وٽ هڪڙو همراهه بيٺل ڏٺو. هن ڀانيو ته وڏيري جو پُٽ آهي، سو وٺي رڙيون ڪيائين. رڙين تي ماڻهوڊوڙي آيا. در وٽ بيٺل همراهه وٺي ڀڳو. ماڻهن به کڻي پُٺ ورتس. يڪا ٽي ميل ڊوڙڻ بعد همراهه گُهت ڏيئي ڪيڏانھن لڪي ويو ۽ ڳوٺاڻا ڊپ وچان مايوس ٿي موٽي آيا.

ان واقعي کان پوءِ، ڪجهه ڏينھن ترسي وڏيري وانگ جو پُٽ سچي پچي هڪ سؤ ڦوروئن جو ٽولو وٺي اچي ڳوٺ تي ڪڙڪيو. فصلن تي مقرر ڪيل پھريدارن وڏيري جي پٽ کي پري کان ڏسي ورتو هو تن ڊوڙي اچي ڳوٺ وارن کي هوشيار ڪيو. حملي جي خبر ٻڌي سڄي ڳوٺ ۾ ڀڄ ڊڪ مچي ويئي.

سڀني ڳوٺ وارن تڙ تڪڙ ۾ پنھنجو پنھنجو سامان کنيو ۽ جلدي جلدي ڀڄي وڃي جبلن جي غارن ۾ لڪا. جيئن ته انقلابي ڪارڪنن وٽ مقابلي لاءِ هٿيار ڪونه هئا. تنھنڪري اجائي نقصان کان بچڻ لاءِ هو به ٻين ڳوٺاڻن سان گڏجي پنھنجو مال وجهو ڪاهي اونداهيءَ ۾ لڪي ويا.

جڏهن وڏيري جو پٽ ڳوٺ ۾ پھتو ته ڪوبه ساهه وارو ڪونه ڏٺائين، جنھن مان ساڙ ڪڍي ۽ ڪابه اهڙي شئي ڪانه ڏٺائين جو هو کڻي وڃن. جبلن جي غارن کي ته هو باهه ڏيئي نٿي سگهيو، تنھنڪري بنھه ڇتو ٿي پيو، ڀتين مان درين جا چوڪ ڪڍي ڦٽا ڪيائين ۽ ٻيو گهرو سامان جيڪو هٿ چڙهيس، تنھن کي گڏ ڪري وٺي باهه ڏنائين.

غريب هارين ڳوٺ مان باهه جا شعلا نڪرندي ڏٺا پئي، پر هو ماٺ ۾ رهيا. ڪنھن ڪنھن مھل نفرت مان وڏيري جي پٽ کي هلڪي آواز ۾ گاريون پئي ڏنائون. گهڻن ائين پئي چيو ته اسان ڀاڳ وارا آهيون جو اسان اڳواٽ پھريدار بيھاري ڇڏيا هئا، نه ته ڪر اسان مان هڪڙو به جيئرو ڪونه بچي ها. فجر مھل وڏيري جو پٽ ۽ سندس دلال موٽي ويا. پويان ڳوٺاڻا غارن مان نڪري آيا ۽ اچي باهه وسايائون. جن جا گهر صاف سڙي ختم ٿي ويا هئا سي وري ٻين جي گهرن ۾ وڃي رهيا. ان واقعي جو ڪنھن کي به ارمان ڪونه ٿيو. هو دشمن جي نيتن ۽ چالن کان اڳي ئي واقف هئا.

ان رات پنجن ئي انقلابي ڪارڪنن پنھنجي جدا ڪچھري ڪئي. گڏجي فيصلو ڪيائون ته کين هڪ ڊگهي ۽ هٿياربند جدوجھد لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. ڇو ته هي رڳو ڪنھن جو تختو اونڌو ڪرڻ جي تحريڪ نه پر هڪ مسلسل جنگ آهي.

ٻئي مھيني ۾ آس پاس جي ڳوٺن ۾ 11 ماڻهو ڌاڙيلن هٿان مارجي ويا. انهن ڌاڙيلن ۾ ڪي ڀاڙيتو فوجي هئا ته ڪي ڳوٺن جا ڀڄي ويل ظالم وڏيرا هئا ۽ ڪي فوجي دستن جا سردار هئا. ضلعي انتظاميه ڪمزور ٿي چڪي هئي. هوءَ ڏکڻ ۾ وڙهندڙ اٺين روٽ فوج ۽ گوريلن جي مدد به حاصل نٿي ڪري سگهي. تنھنڪري ضلعي انتظاميه هر ڳوٺ کي هڪ کليل خط روانو ڪيو. جنھن ۾ ڳوٺن جي سنڀال لاءِ منظم دستا ٺاهڻ ۽ پھريدار بيھارڻ لاءِ هدايتون لکيل هيون. تنھن کان سواءِ ڳوٺاڻن پنھنجي ليکي اڳواٽ هڪ رضاڪارن جو دستو پڻ ٺاهيو هو، جيڪو سڄي معاملي جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. آهستي آهستي ڳوٺن ۾ صلح سانت ٿي وئي. ان وچ ۾ پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ انقلاب جو ڪم جاري هو. ڍلن جو بار هلڪو ڪيو ويو. ماڻهن پاڻ ووٽن ذريعي ان ڳالهه جو فيصلو ڪيو ته ڍل لاءِ ڪيترو اَن ڏنو وڃي. ڳوٺ وارن هڪ چاليھن سالن جي همراهه ’ماينگ هائي‘ هاريءَ کي پنھنجو نئون اڳواڻ چونڊيو. جنھن وٽ پھريائين زمين صفا ڪانه هئي، پر ورهاست کان پوءِ کيس ڏيڍ ايڪڙ زمين ملي هئي. ڪوانگ، جنھن کي وڏيري کوهه ۾ ابتو ٽنگيو هو تنھن کي مليشا جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو، سندس زال پڻ عورتن جي تنظيم ۾ شامل ٿي ويئي.

عورتن ۾ به هاڻي زبردست ڦيرو اچي ويو هو. اڳي هو ڏينھن يا رات واري ڪنھن به ڪچھريءَ ۾ شامل ڪونه ٿي سگهنديون هيون. رات جو اونداهين ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۾ کين ڊپ لڳندو هو. پر هاڻي هو سڀني ڪچھرين ۾ شامل ٿينديون هيون. ويساهه جي وسوڙيل ماڻهن وهمن مان جند ڇڏائي ورتي هئي. ننڍا آبادگار جيڪي پھرين هارين جي ڊپ کان ڊڄي ڀڄي ويا هئا، سي موٽي آيا هئا. هنن هاڻ هارين سان گڏجي پئي ان ڪم ۾ حصو ورتو. ظالم وڏيري وانگ جي خوبصورت بنگلي کي ڳوٺ جي ٻارڙن لاءِ اسڪول بنايو ويو. وڏيري جي اٽي پيھڻ واري چڪي، هاڻي سڀني ڳوٺاڻن جي گڏيل ملڪيت هئي ۽ ڳوٺ وارن جو مفت ۾ اٽو پيھندي هئي ۽ ٻاهر جي ماڻهن کان تمام واجبي اگهه ورتا ويندا هئا. اهڙي طرح ان مشين جي ڪمائيءَ مان هارين جي جماعت جو خرچ پکو هلايو ويندو هو.

(سنڌيڪار: پرويز)

_________________

Yousif Sindhi-China-TheAsiaN

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button