ٺھرائن کان مُھمليءَ واري رِٿ تائين: پيپلز پارٽي تاريخ جي ڪٽھڙي ۾ !
هاڻي معاملو رڳو تحريڪِ التوا يا مھمليءَ واري رِٿ جو ناهي. هاڻي معاملو سياسي اعتبار جو آهي. سنڌ جي ورھاڱي جي سوال تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ بحث ڪرائڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ وزير اعلي مراد علي شاھ ۽ نثار احمد کهڙي ايوان ۾ چيو ته تحريڪِ التوا تي بحث دوران اهو رڪارڊ تي آندو ويندو ته سنڌ کي ورهائڻ يا نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندڙ ڪير آهن، ۽ بحث کان پوءِ ايوان جي اڪثريتي راءِ جي بنياد تي قرارداد منظور ڪئي ويندي. ڇا کين خبر ڪانھي تہ سنڌ کي ورھائڻ جون ڳالھيون ڪندڙ ڪير آھن؟

نسيم بخاري
سنڌ جي سياست ۾ ڪڏهن ڪڏهن لفظ ننڍا هوندا آهن، پر انهن لفظن جي پويان لڪل سياسي مطلب تمام وڏو هوندو آهي. ٺھراءُ، مُھمليءَ واري رِٿ، بحث، انتظامي يونٽ ۽ نئون صوبو ــ بظاهر اهي پارلياماني اصطلاح آهن، پر سنڌ جي تاريخ، ثقافت، سياسي حساسيت ۽ موجوده حالتن جي پسمنظر ۾ هر لفظ پنهنجي اندر هڪ وڏو سوال کڻي بيٺو آهي.
31 آگسٽ 2026 تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ جنھن بحث جي شروعات ٿي آھي، ان سان سوال پيدا ٿيو ته آخر سنڌ جي انتظامي ۽ تاريخي وحدت کي ٻيهر بحث جو موضوع بڻائڻ جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي وئي؟
هاڻي اهو سوال رڳو ”ڇو“ تائين محدود ناهي رهيو.
اڄ، جڏهن اهو معاملو سنڌ اسيمبليءَ جي ايجنڊا تي اچي چڪو آهي، نئون سوال هيءُ آهي:
بحث کان پوءِ ٿيندو ڇا؟ ڇا ايوان رڳو تقريرون ٻڌي معاملو ختم ڪندو؟
ڇا نون صوبن جا حامي پنهنجو موقف رڪارڊ تي آڻيندا ۽ پوءِ واپس ويندا؟
يا پيپلز پارٽي واقعي پنهنجي اعلان مطابق هڪ واضح لفظن واري ٺھراءَ ذريعي سنڌ جي وحدت بابت پنهنجو پارلياماني موقف ٻيهر رڪارڊ ڪرائيندي؟
ڇو ته هاڻي معاملو رڳو تحريڪِ التوا يا مھمليءَ واري رِٿ جو ناهي. هاڻي معاملو سياسي اعتبار جو آهي.
وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ نثار احمد کهڙي سومر ڏينھن سنڌ اسيمبليءَ ۾ واضح ڪري ڇڏيو ته تحريڪِ التوا تي بحث دوران اهو رڪارڊ تي آندو ويندو ته سنڌ کي ورهائڻ يا نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندڙ ڪير آهن، ۽ بحث کان پوءِ ايوان جي اڪثريتي راءِ جي بنياد تي قرارداد منظور ڪئي ويندي. سندس چوڻ آهي ته پيپلز پارٽيءَ جا نمائندا ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سنڌ جي ورهاڱي خلاف آواز اٿاريندا.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن جون مفصل ۽ جذباتي وطن دوستيءَ سان ڀرپور تقريرون ڏسڻ وٽان هيون. وڏي چالاڪيءَ سان، جنهن فنڪارانه انداز ۾ هُو ماڻهن ۽ دنيا آڏو پاڻ کي وطن پرست ۽ سنڌ دوست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ۽ بحث جي ضرورت بابت جيڪي سبب بيان ڪري رهيا هئا، تن کي ٻڌي ذهن ۾ هڪ سوال ضرور اڀري ٿو ته:
جڏهن سنڌ اسيمبلي ماضيءَ ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ جي خلاف قرارداد منظور ڪري چڪي هئي، تڏهن انهن پهريان ئي پنهنجي سياسي دشمنن کي پرکڻ جي ضرورت ڇو محسوس نه ڪئي هئي؟ ڇا کين خبر ناھي تہ سندن سياسي دشمن ڪير آھن ۽ نئين ڌار صوبي جو بي ڍنگو راڳ ڪير ڳائي رھيا آھن. آخرڪار هاڻي اهڙو ڇا ٿي ويو آهي، جو کين صرف بحث مباحثي ذريعي ئي سنڌ جي دشمنن جو پتو لڳائڻو پئجي رهيو آهي؟ ڇا اهي ماڻهو هن بحث مباحثي کان اڳ بي نقاب نه هئا؟ ڇا اهي ان کان اڳ سنڌ کي ورهائڻ يا صوبي کي الڳ ڪرڻ جو مطالبو نه ڪندا رهيا هئا؟
هي سوال رڳو سياسي تقريرن جو نه، پر سياسي نيتن، حڪمت عملين ۽ عوام آڏو پيش ڪيل دعوائن جي سچائيءَ جو به آهي. پوءِ سوال اهو آهي ته جيڪڏهن نتيجو آخرڪار سنڌ جي وحدت جي حق ۾ قرارداد ئي آهي ته پوءِ شروعات قرارداد سان ڇو نه ڪئي وئي؟
سنڌ اسيمبلي اڳ ئي ڪيترائي ڀيرا سنڌ جي ورهاڱي خلاف قراردادون منظور ڪري چڪي آهي. خود سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تازو چيو هو ته ايوان نون صوبن جي مخالفت ۾ ڇهه ڀيرا قراردادون منظور ڪري چڪو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ٻيهر به قرارداد منظور ڪئي ويندي.
پر سنڌ جو عوام هاڻي رڳو بيان نٿو چاهي. اھو نتيجو به چاهي ٿو.
فائدو زيرو، نقصان ٻيڻو ڪھڙي ڏاھب آھي ؟
نثار کهڙي جي هن قدم جو سياسي فائدو آخر ڪنهن کي ٿئي ٿو؟
جيڪڏهن مقصد سنڌ جي وحدت جو دفاع آهي ته پوءِ دفاع لاءِ سڀ کان مضبوط هٿيار واضح قرارداد آهي.
پر جيڪڏهن بحث دوران ايم ڪيو ايم پاڪستان يا ڪنهن ٻي ڌر کي سنڌ جي ورهاڱي، نون صوبن يا انتظامي يونٽن بابت پنهنجو موقف سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تان تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ته پوءِ اهو موقف رڳو سياسي جلسي يا پريس ڪانفرنس تائين محدود نه رهندو.
اهو سنڌ جي سرڪاري پارلياماني رڪارڊ جو حصو بڻجي ويندو. ميڊيا ان کي نشر ڪندي. سوشل ميڊيا ان جا ٽڪرز هلائيندي. ووٽرن تائين دليل پهچندا. ۽ اهڙي طرح هڪ پراڻو سياسي مطالبو ٻيهر هڪ آئيني ايوان جي بحث جو حصو بڻجي ويندو.
شايد انهيءَ ڪري سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته:
جيڪو ڪم مخالف ڌريون سالن کان ايوان کان ٻاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون، ڇا اهو بحث جي صورت ۾ کين ايوان اندر وڌيڪ وڏو پليٽ فارم ته فراهم نه ٿو ڪري؟
اهو سوال بهرحال سياسي تجزئي جو سوال آهي، الزام جو نه.
ايم ڪيو ايم پاڪستان ڊگهي عرصي کان سنڌ ۾ وڌيڪ انتظامي يونٽن ۽ خاص طور ڪراچيءَ بابت پنهنجي سياسي موقف جو اظهار ڪندي رهي آهي. هاڻي جيڪڏهن اهو موقف سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي تفصيل سان پيش ٿئي ٿو ته ان جا سياسي اثر ضرور پڻ پوندا. ڌريون پنهنجا دليل ڏين ٿيون. جواب اٿن ٿيون .ميڊيا بحث کي ھٿي وٺرائي ٿي.
ڇا سنڌ جي وحدت جو دفاع صرف جوابي تقريرن سان ٿيندو يا ان جو حتمي جواب قرارداد جي صورت ۾ به ايندو؟
اڄ جي صورتحال ۾ نثار کهڙي جو اعلان ته بحث کان پوءِ قرارداد آندي ويندي، بحث جي گنجائش پيدا ڪري ڏيڻ به قوم سان ڪھڙي مھرباني آھي؟ پيپلز پارٽيءَ پاڻ کي پنهنجي ئي اعلان جي پابند ته ڪري ڇڏيو آهي.گڏوگڏ سنڌ سان غداري به ڪئي آھي.
سنڌ اسيمبليءَ جي بحث جو سڀ کان وڏو امتحان پيپلز پارٽيءَ جو آهي. ڇو ته پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ سان سياسي تعلق رڳو موجوده حڪومت تائين محدود ناهي. ان جي سياسي تاريخ ۾ صوبائي خودمختياري، 18هين ترميم ۽ سنڌ جي حقن جو حوالو به موجود آهي.
سنڌ جو وڏي وزير مراد علي شاهه اڳ ئي چئي چڪو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو موقف ان معاملي تي واضح آهي. نثار کهڙو به هاڻي چئي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ کي ورهائڻ جي اجازت نه ڏيندي ۽ بحث کان پوءِ قرارداد منظور ڪرائي ويندي.
ته پوءِ هاڻي سوال سادو آهي:
اها قرارداد ڪيتري صاف هوندي؟ ڇا ان ۾ سنڌ جي موجوده جاگرافيائي ۽ آئيني وحدت کي واضح طور ڪنھن بہ امڪاني ردوبدل کي ناقابلِ قبول قرار ڏنو ويندو؟ ڇا نون صوبن سان گڏ نون انتظامي يونٽن جي نالي تي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت تبديل ڪرڻ کي به سدائين سدائين لاءِ رد ڪيو ويندو؟ ڇا سنڌ جي سڀني سياسي ڌرين کان ان قرارداد جي حمايت ورتي ويندي؟ ۽ ڇا ايوان مان اهو واضح پيغام ويندو ته انتظامي مسئلن جو حل انتظامي سڌارا آهن، صوبائي ورهاڱو نه؟
جيڪڏهن ڪراچيءَ جا مسئلا آهن ته انهن جو حل ڪراچيءَ جي بهتر مڪاني حڪومت ۾ ڳولھڻ نه گهرجي؟ جيڪڏهن حيدرآباد جا مسئلا آهن ته ان کي اختيار ڏيو. جيڪڏهن سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، نوابشاهه يا ٻين شهرن جا مسئلا آهن ته انهن کي انتظامي وسيلن، بهتر بلدياتي نظام ۽ موثر ادارن ذريعي حل ڪيو وڃي. مقامي حڪومتن کي مضبوط ڪيو وڃي. وسيلن جي ورڇ منصفاڻي ڪئي وڃي. پاڻي، صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ روزگار جا مسئلا حل ڪيا وڃن.
نقشو نه ٽوڙيو، نظام درست ڪريو. هي ڳالهه سنڌ جي وحدت جي حمايت به آهي ۽ بهتر حڪمرانيءَ جي گهر به.
سنڌ مهاجرن جي خلاف ناهي. سنڌ جو موقف ڪنهن به ٻولي ڳالهائيندڙ انسان جي خلاف نه رهيو آھي. سنڌ ڪنهن اردو ڳالهائيندڙ جي خلاف ناهي. سنڌ ڪنهن پنجابي، پختون، سرائيڪي، بلوچ يا ڪنهن ٻئي ٻولي ڳالهائيندڙ انسان جي خلاف ناهي. سنڌ تاريخي طور ايندڙن کي جاءِ ڏيندڙ ڌرتي رهي آهي.
1947ع کان پوءِ هندستان مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ مسلمانن لاءِ سنڌ جي شهرن جا دروازا کليا. ان دور ۾ سنڌ جي شهري سماج ۾ وڏو آباديءَ وارو ۽ معاشي ڦيرو آيو، جڏهن ته ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ رهندڙ هندو آباديءَ جي وڏي حصي جي لڏپلاڻ سبب شهرن جي معاشي، تعليمي ۽ سماجي ڍانچي ۾ پڻ وڏو خال پيدا ٿيو.
سنڌ مهاجرن کي رڳو پناهه نه ڏني. شهر ڏنا. روزگار جا موقعا ڏنا. ڪاروبار جا موقعا ڏنا. تعليم جا دروازا کوليا. ۽ ڪيترن خاندانن کي نئين زندگيءَ جي شروعات لاءِ جاءِ ڏني.
وقت سان گڏ مھاجر خاندانن جا ڪيترائي نسل سنڌ ۾ پيدا ٿيا، هتي تعليم حاصل ڪيائون، هتي روزگار ڪيو ۽ سنڌ جي سماجي، ادبي، صحافتي، تعليمي، ڪاروباري ۽ سياسي زندگيءَ جو حصو بڻيا. تنهنڪري سوال نفرت جو نه، تعلق جو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن ڌرتيءَ تي نسلن تائين زندگي گذري وڃي ته پوءِ ان ڌرتيءَ سان رشتو به اوترو ئي مضبوط ٿيڻ گهرجي. مستقل اجنبيت سياسي تصور بڻجي وڃي ته پوءِ سوال پيدا ٿين ٿا.
”ڌرتي ماءُ آهي“
25 آگسٽ تي بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ مختصر جملو لکيو: ”ڌرتي ماءُ آهي.“
لفظ ننڍا هئا، پر مطلب وڏو هو. جيڪڏهن ڌرتي ماءُ آهي ته پوءِ سوال بلاول ڀٽو زرداريءَ کان به پڇي سگهجي ٿو: ماءُ جي وحدت بابت موقف به ايترو ئي واضح هجڻ گهرجي يا نه؟ ماءُ جي عزت هوندي آهي. ماءُ سان تعلق هوندو آهي. ماءُ جي حفاظت جو جذبو هوندو آهي. ۽ جيڪڏهن سنڌ ڌرتي ماءُ آهي ته پوءِ سنڌ جي وحدت تي ڪو به مبهم سياسي اشارو سنڌ جي ماڻهن لاءِ اطمينان بخش نه ٿيندو.
انهيءَ ڪري اڄ جي بحث کان پوءِ سنڌ بلاول ڀٽو، مراد علي شاهه ۽ نثار کهڙي کان رڳو تقريرون نه، واضح پارلياماني موقف ڏسڻ چاهي ٿي. پيپلز پارٽيءَ تي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جو الزام نئون ناهي. اھو شڪ جڏھن پڪ ۾ بدلجڻ لڳي ته پوءِ؟
سنڌ جو سوال ڪنهن سياسي جماعت جو ڪارڊ نه هجڻ گهرجي.
سنڌ ڪنهن پارٽيءَ جي جاگير ناهي. سنڌ ڪنهن خاندان جي ملڪيت ناهي. سنڌ ڪنهن فرد جي ذاتي سياسي سرمايي جو نالو ناهي.
سنڌ هڪ تاريخي، ثقافتي، سماجي ۽ آئيني وجود آهي.
تنهنڪري جيڪڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي وحدت جو دفاع ڪري ٿي ته اهو سنڌ جو حق آھي. ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو سنڌ جي وحدت بابت ڳالهائي ٿو ته ان کي به سياسي مفاد کان مٿانهون ٿي ڳالهائڻ گهرجي.
سنڌ جي وحدت جي حمايت ۾ ڪراچيءَ ۾ وڏي ريلي ۽ احتجاج سامهون آيو آهي.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ لائرز فورم جي سڏ تي ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ”وحدتِ سنڌ مارچ“ ٿيو، جنهن ۾ سياسي ڪارڪنن، وڪيلن، اديبن، دانشورن ۽ سول سوسائٽيءَ جي ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ سنڌ کي ورهائڻ يا نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي. شرڪت ڪندڙن اهو به واضح ڪيو ته سنڌ جي وحدت جو سوال ڪنهن هڪ ٻولي يا برادريءَ خلاف سوال ناهي. سنڌ جي وحدت جو دفاع جيڪڏهن نفرت جي ٻوليءَ بدران برابري، آئيني حقن ۽ گڏيل شهريت جي ٻوليءَ ۾ ٿيندو ته ان جو اخلاقي وزن وڌيڪ هوندو.
سنڌ کي ٽوڙڻ جي مخالفت جو مطلب ڪنهن انسان يا ڌر کي ٽوڙڻ نه آهي. سنڌ کي مضبوط ڪرڻ جو مطلب سنڌ ۾ رهندڙ هر انسان کي برابر حق ڏيڻ هجڻ گهرجي.
سياسي اثرن جو تجزيو ڪرڻ صحافت جو حق به آهي ۽ فرض به.
پارلياماني طريقيڪار کي به سمجهڻو پوندو. قرارداد ۽ تحريڪِ التوا هڪجهڙا پارلياماني معاملا ناهن. تحريڪِ التوا ذريعي ڪنهن اهم عوامي معاملي کي معمول جي ڪارروائي روڪي بحث لاءِ آندو وڃي ٿو. قرارداد ذريعي ايوان ڪنهن معاملي تي پنهنجو موقف وڌيڪ واضح نموني رڪارڊ ڪرائي سگهي ٿو. تنهنڪري هي چوڻ درست نه ٿيندو ته تحريڪِ التوا منظور ٿيڻ سان سنڌ ورهائڻ جي منظوري ملي وئي. اهڙي قانوني معنيٰ ڪڍڻ درست ناهي. پر سياسي معنيٰ ضرور پيدا ٿئي ٿي. ڇو ته جنهن موضوع کي ايوان ۾ بحث لاءِ آندو وڃي ٿو، اهو سياسي طور اهميت حاصل ڪري ٿو. ۽ اهو ئي سبب آهي جو هاڻي اصل اهميت بحث کان وڌيڪ بحث کان پوءِ جي نتيجن کي حاصل ٿي وئي آهي. هاڻي جيڪڏهن اها قرارداد اچي ٿي ۽ ان ۾ سنڌ جي موجوده آئيني، جاگرافيائي ۽ تاريخي وحدت بابت صاف ۽ غير مبهم موقف ڏنو وڃي ٿو ته پوءِ پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي نقصان کي ڪافي حد تائين سياسي فائدي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي. پر جيڪڏهن بحث ٿيو، تقريرون ٿيون، مخالفن پنهنجا موقف رکيا، ميڊيا ڪوريج ڪئي ۽ پوءِ معاملو خاموشيءَ ۾ هليو ويو ته پوءِ سنڌ جو سوال وڌيڪ سخت ٿيندو:
آخر تحريڪِ التوا جي ضرورت ئي ڇو هئي؟ اهو سوال پوءِ صرف قومپرستن جو نه هوندو. عام سنڌي ووٽر جو به هوندو.
سنڌ اسيمبلي 1943ع ۾ قراردادِ پاڪستان جي منظوريءَ ذريعي پاڪستان جي سياسي سفر ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. سنڌ پاڪستان جي قيام جي تاريخ ۾ تماشائي نه هئي. سنڌ هڪ بنيادي سياسي ڌر هئي. اڄ جڏهن پاڪستان جي وفاقي ڍانچي، صوبائي خودمختياري ۽ نون صوبن بابت بحث هلي رهيو آهي ته سنڌ جو سوال صرف سنڌ جو سوال نٿو رهي. اهو پاڪستان جي وفاقي مستقبل جو سوال بڻجي وڃي ٿو. ننڍا صوبا ٺاهڻ سان انتظامي مسئلا حل ٿيندا يا نوان سياسي تڪرار جنم وٺندا ؟ سنڌ هزارين سالن کان مختلف قومن ۽ تهذيبن جي اچ وڃ ڏٺي ۽ ڪيترن کي پنهنجي سماجي وجود ۾ ضم ڪيو. جنهن سنڌ سڀني کي جاءِ ڏني، ان سنڌ جي وجود کي ورهائڻ جو مطالبو آخر ڇو؟
_____________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



