Editor's pickMain Slideڪالم

خان محمد پنھور: پراڻن فڪرن مان نواڻ جا رستا ڪڍندڙ

خان محمد پنهور سنڌ ۾ صحافتي، علمي ۽ ادبي شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو۔ کيس خاص طور تي تحقيقي ۽ علمي خدمتن جي ڪري وڌيڪ ياد ڪيو ويندو آهي۔ هو نه رڳو پراڻن فڪرن مان نوان رستا ڪڍندڙن مان هو پر، پنهنجي وس آهر چرپر ۽ تحرڪ ۾ به رهيو

Khan Muhammad Panhwar-The AsiaN

حميد منگي

ذهن ۾ جڏهن اهو سوال اٿندو آهي ته، دنيا کي بدلائڻ واري وڏي ۾ وڏي طاقت فڪر آهي يا تحرڪ ته جواب ايندو ته، اڳ ۾ فڪر، جنهن سان انسان جو سياسي، اخلاقي شعور وڌي ٿو ۽ بعد ۾ اهو عوامي تحريڪ جي صورت ۾ وڌي تبديليءَ جو سبب بڻجندو آهي. ان خيال کي مختصر نموني ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته فڪر سوال پيدا ڪري شعور جي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچي ٿو، نتيجي ۾ ماڻهو گڏ ٿين ٿا، ان مان تحريڪ ٺهي ٿي، جنهن سان تبديلي اچڻ جا امڪان وڌندا آهن۔ هتي اها به ڳالهه ڪندا هلون، اڪيلو فڪر هجي يا تحرڪ ٻئي هڪٻئي بنا اڌورا ئي هجن ٿا۔ جيڪڏهن فڪر عملي صورت اختيار نه ٿو ڪري ته ڪتابن يا لکڻين تائين محدود رهجي ٿو وڃي ۽ جيڪڏهن تحرڪ، فڪر کان خالي هجي ٿو ته، اهو به رستي تان ڀٽڪي سگهي ٿو. انهيء ڪري اڳ ۾ انساني فڪر کي بدلجي، پوءِ دنيا جا نظام بدلجڻ ۾ دير ناهي لڳندي۔

هتي هي سوال به اهم آهي ته، دنيا کي بدلائڻ لاءِ نئون فڪر ٺاهڻو پوندو يا وري معاشري ۾ موجود خيالن کي وڌيڪ منصفاڻي نموني لاڳو ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي، پر جيئن ته هر نئين دور ۾ نئين فڪر جي اهميت به هجي ٿي ۽ هر نئون دور نئين فڪر کي جنم به ڏئي ٿو۔ پر اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هر نئون فڪر، هروڀرو پراڻي فڪر کي مڪمل طور تي ختم نه ٿو ڪري. پر ان جي ڀيٽ ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي، هر نئون فڪر، پراڻن خيالن جا مفيد حصا پاڻ سان کڻي اڳتي وڌندو رهيو آهي. مثال طور، زرعي دور انسان ۾ نئين سماجي تنظيم ضرور پيدا ڪئي پر، ان کان اڳ واري ڪٽنبي دور جون ڪئي ريتون رسمون، رواج، اٿڻيون ويهڻيون جاري رکيون. جڏهن صنعتي دور نوان سياسي ۽ معاشي خيال آندا ته، زرعي دور جي چڱن عملن کي جاري رکيو ويو۔ هاڻي جڏهن دنيا ٽيڪنالاجي واري دور ۾ داخل ٿي رهي آهي، انسانيت لاء عالمي تعاون، علم ۽ ڊجيٽل ذميواريءَ جهڙا موضوع وڌيڪ اهم ٿي رهيا آهن ته، ان سان گڏ صنعتي دور واريون اڪثر رهڻيون ڪهڻيون به جاري آهن۔

اصل ۾ سوال، نئين فڪر ۽ پراڻي فڪر وارو ناهي، پر ڪنهن به فڪر کي وڌيڪ منصفاڻو بڻائڻ جي ضرورت رهي آهي۔ جيئن هر دور جا سوال نوان ٿين ٿا ۽ جواب ٿوري ڦيرگهير سان ساڳيا ئي رهندا آهن۔ مطلب ته وقت جي گذرڻ سان، سوالن ۾ نواڻ ايندي رهندي آهي پر جوابن جي ڳولها ساڳي رهندي آهي۔ هتي هڪ ٻيو سوال به اڀري پيو ته جڏهن مستقبل نئين عالمي فڪر اچڻ جون وايون پيو واري ته، ان جو بنياد منطق تي هجڻ گهرجي يا انساني همدرديء تي؟ ته ان جو درست جواب ٿيندو “ٻنهي جو”۔ ڇو ته، منطق سماج لاء ڪارائتو ته ٿيندو، پر شايد سخت ۽ بي احساس به ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن همدردي هجي ٿي ته نيت سٺي هوندي به ڪڏهن ڪڏهن فيصلا غير واضح يا غير عملي ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري ڪيترائي مفڪر اهو خيال پيش ڪندا رهيا آهن ته، سماج جي پائيدار ترقيءَ لاء منطق ۽ همدردي ٻنهي جو هجڻ لازمي آهي۔ ڇوته منطق ٻڌائي ٿو، ڪهڙو عمل ممڪن آهي ۽ همدردي ٻڌائي ٿي ته، ڪير متاثر ٿيندو ۽ ڪهڙي فيصلي سان انسانن جي عزت محفوظ رهندي۔ اصل ۾ انسان نه صرف ذهين هجي، پر ان سان گڏ اهو انسان دوست به هجي. مطلب “منطق رستو ڏيکاري ٿو ۽ همدردي انهيء رستي کي انسان دوست بڻائي ٿي”۔

خان محمد پنهور، سنڌ ۾ صحافتي، علمي ۽ ادبي شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو۔ کيس خاص طور تي تحقيقي ۽ علمي خدمتن جي ڪري وڌيڪ ياد ڪيو ويندو رهيو آهي۔ هو نه رڳو پراڻن فڪرن مان نوان رستا ڪڍندڙن مان هو پر، پنهنجي وس آهر چرپر ۽ تحرڪ ۾ به رهيو، هڪ طرف هو ”هوندا سي حيات“، ”ٻري جن ٻاري“، ”لطيفي لات“ ۽ ”نعره مستانه“ جهڙا ڪتاب ماڻهن کي رسائيندو رهيو، ٻئي طرف هو ڳوٺ سڌار سنگت جهڙيون تنظيمون جوڙي، صدين کان ڏتڙيل ڳوٺاڻن سان عملي طور همدرديءَ جا اظهار به ڪندو رهيو۔ هو پنهنجي پوري زندگيء ۾ ماٺ ڪري نه ويٺو، ڀٽائيءَ جي شعر جيان ”جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي“ وانگر ووڙيندو ۽ پاڻ ولوڙيندو رهيو، ڪڏهن علمي ميدان ۾ ته، ڪڏهن وري عملي جاکوڙ کي جاري رکندي جيسيتائين جيئرو هو، هلندو ئي رهيو۔

خان محمد پنهور 27 جون 1949ع، سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ آراضيءَ ۾ ڄائو۔ هن پنهنجي صحافتي سفر جي شروعات عبرت اخبار سان ڪئي پر جلد ئي اطلاعات کاتي ۾ نوڪريءَ سان لڳي ويو، جنھن دوران ھُن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم اي جي دگري حاصل ڪئي. سُتت ئي ھُن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت جو شعبو قائم ٿيڻ تي اُتي ذميواريون سنڀاليون. اھو شيخ اياز جي وائيس چانسلري وارو دور ھو.

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ھجڻ دوران ھُن  هن  شيخ عبدالمجيد سنڌيء تي تحقيق ڪئي جيڪو سندس ايم فل  جو موضوع  ھو. بعد ۾ “الوحيد” اخبار جي تاريخي ڪردار تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪيائين، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته، هُو ماضيء جي شخصيتن ۽ ادارن مان اهي گڻ ڪڍڻ جو ماهر هو. خان محمد پنهور رڳو اتي ئي بس نه ڪئي پر، هو ٻاراڻي ادب، رسالن، علمي سرگرمين ۽ سماجي جاڳرتا ۾ به سرگرم رهيو۔

هن سنڌي صحافت کي باقاعده تحقيق سان محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس وڏن علمي ڪمن مان هڪ ”الوحيد“ اخبار جو سنڌ جي صحافت، سياست، علم ۽ ادب ۾ حصو هو۔ هن پنھنجي پي ايڇ ڊيءَ واري ٿيسز ۾ “الوحيد” اخبار جي ڪردار جو جائزو ورتو ته ڪيئن صحافت سنڌ ۾ سياسي، سماجي ۽ علمي شعور کي وڌايو. سندس خيال ھو ته صحافتي تاريخ، صرف واقعن جي فهرست ناهي پر ان کي سماجي تبديليءَ طور به پڙهڻ گهرجي.

خان محمد پنهور جي لکڻين ۾ جيتوڻيڪ ترقي پسنديءَ جو عنصر گهٽ هئو پر، انهن لکڻين ۾ سنڌ سان محبت، علم جي اهميت، سماجي شعور ۽ پڻ تنقيدي سوچ واضح نظر اچن ٿا۔ هو علم جي اهميت بيان ڪرڻ سان گڏ، سدائين سماجي سجاڳي اها به علم ذريعي تبديليءَ تي به زور ڏيندو رهيو. خان محمد پنهور جي ڪتاب ”هوندا سي حيات“، ۾ رڳو شخصيتن جو ذڪر ناهي پر فڪري ۽ تاريخي يادگيريون به سمجهيون وڃن ٿيون. هن ڪتاب جون ڪجهه ڳالهيون تاريخي ۽ ادبي شخصيتن جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ، سماج ۾ علم ۽ شعور جي اهميت کي وڌائڻ، ماڻهن جي ڪردار کي تاريخ جي رخ سان ڳنڍڻ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ فڪري ورثو محفوظ ڪرڻ هئو۔ هن ڪتاب جو انداز گهڻو ڪري تحقيقي ۽ مشاهدي تي ٻڌل رهيو آهي.

بلڪل اهڙيء طرح ”الوحيد“ اخبار بابت سنڌ جي صحافت، سياست، علم ۽ ادب ۾ حصو به سندن وڌيڪ علمي ۽ تحقيقي ڪمن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن ڪتاب ۾ خاص طور تي سنڌي صحافت جي ارتقا، اخبارن جي تاريخ جا سماج ۽ سياسي شعور تي اثر، علمي تحريڪن ۽ عوامي آگاهيءَ جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ پڻ ان دور جي فڪري تبديلين جي وضاحت به ٿيل آهي، هن ڪتاب جو هڪ اهم خيال اهو به آهي ته، خيالن جي دنيا ۾ تبديلي گهڻو ڪري علم، گفتگو ۽ شعور ذريعي اچي ٿي ۽ پڻ هن ڪتاب ۾ اهو به سمجهايو ويو آهي ته پائيدار تبديلي لاءِ فڪر، تعليم ۽ عوامي شعور اهم بنياد آهن. بهرحال پنهنجي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي ادارت هيٺ ”پارس“ نالي سان هڪ ٽماهي رسالو به ڪڍندو رهيو، مان جڏهن سکر ۾ ٻه ڪتاب گهر هلائيندو هوس ته، انهيء وقت ۾ سندس ڀاڻيجو ناصر پنهور جيڪو هاڻي  ماحولياتي ماهر آهي، اهو رسالا ڏئي ويندو هو۔ رسالي جي مواد ۾ به ڄڻ ته ”ڄاڻ جي کاڻ“ هوندي هئي، پوء اوچتو خبر ئي نه پئي ته، سنڌ جو اهو ڏيئو به 27 مئي 1999ع تي اجهامي ويو۔

_______________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. حميد منگي صاحب سنڌ جي ھڪ جاکوڙي ڪردار کي ياد ڪري ڀلو ڪم ڪيو آهي. سندس محنت قابل تعريف آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button