Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسماج

عوام جا مسئلا ۽ حڪومت جي ذميواري: فلاحي رياست جي ماڊل جو اڀياس

فلاحي رياست جي تصور، ان جي تاريخي پسمنظر ۽ عوامي زندگيءَ تي پوندڙ مثبت اثرن جو هڪ گهرو فڪري جائزو. دنيا ۾ ڪي اھڙا بہ ترقي يافته ملڪ آھن  جتي انسان جي عزت، آزادي ۽ انصاف کي اوليت ڏني وڃي ٿي. حڪومتي ذميوارين ۽ انساني سماج جي مستقبل بابت هڪ نئون رخ سوچڻ تي مجبور ڪندڙ آرٽيڪل.  

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميد منگي

هڪ ڄاڻ موجب دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪجهه ملڪ اهڙا به آهن، جتي عوام جو ڪو به مسئلو عوام جو ناهي هوندو پر اهو مسئلو حڪومت جو مسئلو هوندو يا ٿي پوندو آهي، ڪنهن به مامري تي، رڳو هڪ درخواست ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي۔ لاڳاپيل ادارو شهريء جي موجودگيء يا غير موجودگيءَ ۾ اهو مسئلو حل ڪري، هڪ فارم تي صحيح وٺي آفيس ۾ جمع ڪرائيندو آهي، جنهن ۾ اهو لکيل هوندو آهي ته، ڄاڻايل مسئلو هاڻي مسئلو ناهي رهيو، اهو حل ٿي چڪو آهي۔ انهن ملڪن ۾ نه ته ڪا سفارش هلندي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڪم جي اُڪلاءَ لاء پئسا ڏيڻا پوندا آهن ۽ نہ ئي ڪٿي  ڪرپشن جو نالو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، بس هر ماڻهو پنهنجي ضرورت آڌار ڪمائيندو، کائيندو ۽ زندگي گذاريندو آهي۔ البته اتان جا ماڻهو حڪومت جا مقرر ٽيڪس ضرور ڀريندا آهن، موٽ ۾ پُرسڪون ۽ پنهنجي مرضيء واري زندگي گذاريندا آهن۔

اهڙن ملڪن ۾ اتفاقي طور تي ٿيل ڪوبه دل ڏکوئيندڙ هڪڙو واقعو يا حادثو، اڪثر ڪري آخري واقعو يا حادثو هوندو آهي، جو لاڳاپيل اداري جا عملدار انهي واقعي جي ايمانداراڻي جاچ ڪري، رپورٽ اداري ۾ جمع ڪرائيندا آهن ۽ اهو ادارو وري حڪومت آڏو ڪجهه تجويزون رکندو آهي ۽ حڪومت مناسب تجويزن تي ترت فيصلو ڪري، اهڙن واقعن کي سدائين لاء ٻنجو ڏئي ڇڏيندي آهي۔ اهڙن ملڪن کي فلاحي رياست ڪوٺيو ويندو آهي، جتي ٻيا ڏوهه ته پنهنجي جاء تي پر، ڪوڙ ڳالهائڻ کي به وڏو ڏوهه سمجهيو ويندو آهي جڏهن ته ٻين ڏوهن جي سزا به جسماني ۽ ذهني ٽارچر بدران، ڏنڊ جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پوندي آهي۔ اتفاق سان پوء به ڪنهن کي جيل موڪلڻ ضروري ٿي پوندو آهي ته، اتي تشدد بدران اهڙي تربيت ڪئي ويندي آهي، جو ڏوهاري ٻيهر ڏوهه ڪرڻ بدران، ان جي باري ۾ سوچڻ کي به ڏوهه سمجهندو آهي۔ مطلب ته اهڙن ملڪن ۾ اڪثر ٿاڻا، جيل ۽ ڪورٽون خالي ئي هوندا آهن۔

فلاحي رياست جو مقصد اهو هوندو آهي ته، رياست رڳو قانونسازي ۽ سيڪيورٽيءَ تائين محدود نه رهي، پر عوام جي بنيادي ضرورتن، ان جي عزت ڀري زندگي، سماجي انصاف جي به ذميواري کڻي، امير ۽ غريب وچ ۾ فرق کي گهٽائي، موقعن جي منصفاڻي ورڇ ڪندي بنيادي سهولتون فراهم ڪري جهڙوڪ تعليم، صحت، صاف پاڻي، ٽرانسپورٽ، صفائي ۽ رهائش لاء ضروري قدم کڻڻ. غربت گهٽائڻ، ڪمن ۽ ڌنڌن جا موقعا پيدا ڪرڻ، ضرورت مند ماڻهن جي مدد ڪرڻ، ماڻهن کي روزگار ۽ معاشي تحفظ ڏيڻ، بي روزگاري، بيماري يا پيرسنيءَ دوران شهرين جي پرگهور لهڻ، هر ماڻهوءَ کي اهڙي زندگي جيئڻ جو موقعو ڏيڻ جنهن ۾ سندس بنيادي شهري حق محفوظ رهن، سماج ۾ استحڪام آڻڻ، مايوسين، ناانصافين ۽ تفاوتن کي گهٽائڻ شامل آهن.

فلاحي رياست جو خيال خاص طور تي هنري ۽ ڪاريگري فن جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ مضبوط ٿيو، جڏهن ڳوٺ ترقي ڪري شهر ٿيا ۽ شهرن جي مختلف ڪارخانن، فيڪريٽرين، بازارن ۽ دڪانن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن ۾ سماجي شعور پيدا ٿيو، انهن وچ ۾ ڪچهرين دوران سوالن ۽ جوابن جي ڏي وٺ ٿي، بحث مباحثا ٿيا، جن عوامي شعور کي جنم ڏنو ۽ شهرين انهيءَ جي بنياد تي ووٽ ڏيڻ شروع ڪيو، نه رڳو ايترو پر ان سان گڏ ٻيهر ووٽنگ مهل کانئن پڇاڻو ڪيو، درست جواب نه ملڻ تي، ڪنهن احتجاج يا ڪاوڙ جي اظهار بدران، نئين نمائندي جي چونڊ ڪئي، اهو عمل تيسيتائين ورجائبو رهيو، جيسيتائين چونڊيل نمائندن پنهنجا افعال ۽ پرڪار نه سڌاريا، ڪيل وعدن ۽ وچنن تي پورا نه لٿا، اهڙيءَ طرح اڳتي هلي انهيءَ سلسلي ئي ”فلاحي رياست“ تي وڃي دنگ ڪيو۔

اهم ڳالهه هيءَ به آهي، بلاشڪ فلاحي رياست جو تصور هر ملڪ ۾ هڪجهڙو ناهي هوندو ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو. ڪن ملڪن جا ادارا پاڻ سماجي خدمتون ڏئي سگهندا آهن، ڪي خانگي شعبن کي سرس آزادي ڏئي يا مالي مدد ڪري کانئن سماجي خدمتون وٺندا آهن۔ موجوده دور ۾ دنيا اندر تمام ٿورا ملڪ آهن، جن کي فلاحي رياستون سمجهيو ويندو آهي، انهن ۾ به مڪمل فلاحي رياست هجڻ بابت ڪجهه ٿورا گهڻا فرق موجود آهن. هر فلاحي ملڪ پنهنجي معيشت، سماجي ڍانچن مطابق ماڊل اختيار ڪيا آهن. جن مان ڪجهه مشهور مثال هي آهن: يورپ جي پڇڙيءَ وارو ملڪ ”ناروي“ صفائي، تعليم، صحت، عوامي خدمتن بابت مشهور آهي. سويڊن به وسيع سماجي خدمتن ۽ عوامي ڀلائيءَ جو نظام قائم ڪيو آهي. ڊينمارڪ سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن سان گڏ، شهري سهولتن ۾ گهڻو اڳڀرو آهي. فنلينڊ سماجي برابريءَ بابت عالمي سطح تي شهرت حاصل ڪئي آهي. هالينڊ منجهه سماجي انشورنس ۽ عوامي سهولتن جو نظام جڙيل آهي، جڏهن ته جاپان ۽ جرمنيءَ ۾ به ڀلائيءَ وارين پاليسين جي جوڙجڪ ۽ مارڪيٽي معيشت جا گڏيل ماڊل آهن.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

فلاحي رياست جي معني برابري ۽ غربت جي خاتمي لاءَ موقعا ڏيڻ ۽ عوام لاء تحفظ وڌائڻ هوندو آهي. اهو ماڻهن مٿان هوندو آهي ته، انهن موقعن مان هُو فائدا حاصل ڪن ٿا يا نه۔ جمهوريت کي مستقبل جي نظامن سان ڳنڍي ڏسبو ته، هڪ بحث هيءُ به ٿي سگهي ٿو ته، فلاحي رياستن جون قومون ۽ قيادتون چاهن ته، ٻين عالمي قوتن سان ملي، فلاحي رياستي نظام کي عالمي فلاحي نظام ۾ بدلائي سگهن ٿيون پر، اهو انهن جي مٿي جو سور ڪونهي، اهو ته انهن ملڪن جي قيادتن مٿان فرض آهي، جيڪي عوامي مسئلا حل نه ٿا ڪري سگهن.  جيڪڏهن هُو فلاحي رياستن سان ميل ملاقاتون ۽ معاهدا ڪري، بهتريءَ لاء ممڪن حد تائين صلاحون ۽ ٻي مدد حاصل ڪن ته، پنهنجن شهرين کي پيرن تي بيهاري پنهنجو بار هلڪو ڪري سگهن ٿا۔

هڪ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته، جيڪڏهن دنيا جا ڪجهه ملڪ فلاحي پاليسين ۾ اڳتي آهن، ته پوءِ دنيا جي ٻين ملڪن جا حڪمران ايئن ڇو نه ٿا ڪن؟ ان جو مختصر جواب ته هي ٿي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ هر ملڪ جون حالتون، وسيلا، سياسي تاريخ ۽ ادارا مختلف هوندا آهن ۽ پڻ هر ملڪ وٽ هڪجهڙا مالي وسيلا به ناهن هوندا۔ جڏهن ته ادارن جي مضبوط هجڻ سان گڏ انهن اندر شفافيت اهم هوندي آهي. انهيءَ ڪري جيڪي قيادتون توڙي قومون پنهنجن ملڪن کي فلاحي رياستن ۾ تبديل ڪرڻ جون خواهشمند آهن, انهن کي پهريون ڪم ته پنهنجن ادارن کي مضبوط ڪرڻ وارو ڪرڻو پوندو ۽ اهڙن ماڻهن کي اڳتي آڻڻو پوندو، جيڪي نه رڳو بهتر ڪردار جا مالڪ هجن پر، خوبين سان ٽمٽار ۽ لاڳاپيل شعبن جا ماهر به هجن۔

ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته، هر ملڪ جو تاريخي پس منظر مختلف رهيو آهي، ڪجهه ملڪن ۾ زرعي، صنعتي ترقي، سماجي سڌارا ۽ پورهيتن جون تحريڪون ٻين جي ڀيٽ ۾ جلد آيا هوندا ته، هو ترقي ڪري اڳتي نڪري ويا هوندا۔ ڪجهه ملڪن ۾ عوام وڏو عرصو نوآبادياتي نظام (غلامي) هيٺ رهيو يا اتي وڏي عرصي تائين مختلف ملڪن، نسلن وچ ۾ جنگيون لڳنديون رهيون يا ڪنهن به سبب جي ڪري سياسي عدم استحڪام رهيو ته، اتي فلاحي رياست قائم ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ محنت جي گهرج پوندي آهي۔ جيئن ته هر سماج اهو توازن ساڳئي نموني قبول نه ٿو ڪري پر، ڪوشش ڪرڻ ۾ به ته ڪو حرج ناهي.  هر ملڪ جون سياسي ترجيحون الڳ هونديون، پر اهو سوال پنهنجي جاء تي رهندو ته جيڪي قيادتون عوامي ڀلائيءَ تي وڌيڪ ڌيان نه ٿيون ڏين ته، آخر اهو به ته ٻڌائن، انهن جي عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي۔

جيڪڏهن انساني تاريخ کي پڙهنداسين ته، ٻه خيال سامهون ايندا۔ پهريون خيال اھو تہ انسان آهستي آهستي اڳتي وڌندو رهيو آهي. وڌيڪ علم، وڌيڪ حق، وڌيڪ تعاون، وڌيڪ انصاف، ۽ ٻيو خيال ته تاريخ ڪو سڌو سفر نه آهي، هر ترقيءَ سان نوان مسئلا به پيدا ٿين ٿا، نيون شيون به سامهون اچن ٿيون، طاقت جا نوان مرڪز به ٺهن ٿا، جمهوريت وڌي ٿي ته نوان اختلاف به جنم وٺن ٿا. شايد حقيقت ٻنهي جي وچ ۾ هجي، انسان جي صلاحيت وڌي رهي آهي پر، اخلاقي ۽ سماجي سوال ختم ناهن ٿيا، تنهن ڪري اهو به ممڪن آهي ته مستقبل ۾ سوال هيءَ نه هجي ته ”بهتر نظام ڪهڙو آهي؟“ پر اهو هجي ته ”ڪهڙو نظام انسان جي عزت، آزادي ۽ انصاف کي وڌيڪ دير تائين قائم رکي سگهي ٿو؟“

پاڻ حڪومتي نظامن کي رڳو طاقت ۽ وسيلن سان نه، پر انساني ڀلائيءَ جي نظر سان ڏسندا رهيا آهيون. جيڪو خود هڪ فڪري رخ آهي، شايد امن ۽ انصاف آخري منزل نه پر هڪ مسلسل انساني ڪوشش هجي. جيڪڏهن امن، انصاف يا فلاحي سماج کي آخري منزل نه، لڳاتار انساني ڪوشش سمجهجي، ته پوءِ تاريخ کي ٻئي نموني به ڏسي سگهجي ٿو۔ هر دور پنهنجي مسئلن جا ڪجهه حل پيدا ڪري ٿو، انهن حلن مان نوان سوال پيدا ٿين ٿا، پوءِ نئون دور نوان جواب ڳولهي ٿو. مثال طور، ڪٽنبي ۽ قبيلائي دور انساني بقا ۽ گڏيل سهڪار وارا دور هئا۔ رياستي دور، قانون، نظم ۽ ضبط وارو دور هو۔ جمهوري دور، شهري حقن ۽ نمائندگي وارو دور هجي، فلاحي دور معني سماجي تحفظ وار دور ۽ ايندڙ دور شايد عالمي ذميواري هجي، مطلب ته ڪو به نظام مڪمل نه هوندو، نظام جي عظمت ان ۾ هوندي ته، اهو انساني تڪليف گهٽائي، آزادي وڌائي ۽ پاڻ کي بهتر ڪرڻ جي صلاحيت رکي. شايد ان ڪري امن توڙي فلاح رڳو جنگين جي غير موجودگي نه، پر انصاف، عزت، موقعن جي برابري ۽ گڏيل ذميواريءَ جا نالا به هجن. شايد هي انساني فڪري سفر به تاريخ يعني ماضيءَ کان شروع ٿيو آهي ۽ مستقبل ڏانهن وڃي رهيو هجي۔

____________________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button