Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سچ جو زوال ۽ فتني جو عروج: اڄ اسان سڀ ھڪ دجالي دور مان گذري رھيا آھيون

جڏهن چوڌاري ڪُوڙ جو طوفان هجي، تڏهن سچ تي بيھڻ ئي سڀ کان وڏي عبادت آهي. دجالي دؤر جو مقابلو رڳو نعرن سان نه، پر عملي سچائيء ۽ پختي ڪردار سان ئي ممڪن آهي.

حڪيم پريم چاندواڻي

انساني تاريخ جي ورقن کي جيڪڏهن غور سان پڙهجي ته معلوم ٿيندو ته هر دؤر پنهنجي پٺيان ڪي نشان ڇڏي ويندو آهي، پر جنهن دؤر مان اسين گذري رهيا آهيون، ان کي اهلِ نظر ۽ فڪر رکندڙ ماڻهو “دجالي دؤر” سان تعبير ڪن ٿا. هي اهو وقت آهي جتي مادي ترقي ته آسمان کي ڇهي رهي آهي، پر انساني روح ۽ اخلاقي قدر پاتال ۾ پيهجي ويا آهن. جڏهن سماج مان سچائيءَ جي خوشبو ختم ٿي وڃي ۽ هر طرف ڪُوڙ جو ڌنڌ ۽ ڌنڌو وڌي وڃي، ته سمجهڻ گهرجي ته فتنو پنهنجي پوري طاقت سان ڇائنجي چڪو آهي.

ڪوڙ ۽ فتني جو عالمي ڄار

دجالي دؤر جي سڀ کان وڏي نشاني “ڪوڙ” هوندي آھي. اڄ جي دؤر ۾ اسين ڏسون ٿا ته سچ کي اهڙي طرح لڪايو وڃي ٿو ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ هزارين دليل گهڙيا وڃن ٿا. پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا جي ذريعي انساني ذهنن کي يرغمال بڻايو ويو آهي. فتنو رڳو ٻن ماڻهن جي جنگ ناهي، پر فتنو اهو آهي جو ماڻهو حق ۽ باطل جي وچ ۾ تميز ڪرڻ جي سگهه وڃائي ويهي. جڏهن معاشري ۾ افواهه حقيقتن تي غالب اچي وڃن، ته اهو ئي دجالي اثر آهي.

جبر ۽ طاقت جو غلبو

هن دؤر جو ٻيو وڏو الميو “جبر” جو وڌڻ آهي. هي جبر ۽ ڏاڍ رڳو ڪنهن آمر جي تلوار جو ناهي، پر هي معاشي جبر آهي، هي فڪري جبر آهي. اڄ جو انسان آزاد هجڻ جي دعويٰ ته ڪري ٿو، پر هو نظام جو غلام بڻيل آهي. طاقتور قومون ڪمزورن جو رت وهائڻ کي پنهنجو حق سمجهن ٿيون. انصاف جون تارازيون اڄ به وزن نه پر طاقت ڏسي جهڪن ٿيون. ڏاڍ جو ايئن وڌڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته انسانيت هاڻي سخت آزمائش مان گذري رهي آهي.

موجوده صورتحال

هن سڄي بحث جو حاصل مقصد اهو آهي ته دجالي دؤر رڳو هڪ عقيدو ناهي پر هڪ مڪمل “نظام” آهي، جيڪو سچائيءَ جي بنيادن کي کوکلو ڪري رهيو آهي. هي دؤر اسان کان تقاضا ڪري ٿو ته اسين پنهنجي اندر جي بصيرت کي بيدار ڪريون. جڏهن چوڌاري ڪُوڙ جو طوفان هجي، تڏهن سچ تي بيهڻ ئي سڀ کان وڏي عبادت آهي. ڏاڍ جي آڏو ڪنڌ نه جهڪائڻ ۽ فتني جي باهه ۾ پاڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ اسان کي پنهنجي روحاني ۽ اخلاقي قوت کي مضبوط ڪرڻو پوندو.

اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اونداهي ڪيتري به گهري ڇو نه هجي، سچ جو هڪ ننڍڙو ڏيئو سڄي اونداهيءَ کي ختم ڪري سگهي ٿو. دجالي دؤر جو مقابلو رڳو نعرن سان نه، پر عملي سچائيء ۽ پختي ڪردار سان ئي ممڪن آهي.

دجالي  دؤر، ڪيئن  هوندو،

گهڻو ڪوڙ فتنو، جبر وڌندو۔

جي جابر بي لغام  هوندو،

هر  فتنو  عام جام هوندو۔

جابر  قوتون، ڪهڙيون  آهن،

جيڪي من جون ميريون آهن۔

جابر سڏجي ڪنهن کي،

عالم کان غير جنهن کي۔

دجالي دؤر ۾ ڇا ٿيندو؟!

هر سؤ  فتنو، ڦڏو  هوندو،

رت ريلا ڪري، پيو وهندو۔

______________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button