Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ناڪامي ڪاميابيء جي راھه کولي ٿي: رستي جا روڙا هٽائيندي اڳتي وڌندا رهو

مقصد ماڻڻ لاء صداقت، همت ۽ دل لڳيء سان اڳتي وڌندي رستي جي روڙن کي هٽائيندي، تڪليفون برداشت ڪندي عزم ۽ حوصلي سان اڳتي وڌندو رھجي

حڪيم پريم چاندواڻي

ناڪامين مان سبق سکڻ گهرجي، هر ناڪامي ڪاميابيءَ جي نويد ڏيندي آهي، تنهن ڪري غلطين مان به پرائڻ گهرجي ۽ ناڪامين جي سببن تي غور ويچار ڪري ڪو بهتر حل ڪڍجي جيئن ڪاميابين جي راھه روشن ٿي سگهي۔ اهڙو دستور عمل جوڙڻ گهرجي جنهن سان ڪاميابين حاصل ڪرڻ کي يقيني بنائي سگهجي۔ ارادي جي مضبوطي وري ان دستور عمل کي يقيني ڪاميابين سان همڪنار ڪندي آهي۔ ڪڏهن به مايوس ٿيڻ نه گهرجي ۽ پنهنجي جستجو جدوجهد، ڪوششن ۽ اميدن جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي۔ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تائين سڪون سان ويهڻ نه گهرجي پر جستجو لاتقنطو سمجهندي بردباريء بيباڪيء، ڪاوشن ۽ همت سان گهربل نتيجا يا ڪاميابيون ماڻي وٺجن۔ ڪوشش ڪاميابيء جي ڪنجي آهي ۔ تنهن ڪري ان مقصد کي ماڻڻ لاء صداقت همت ۽ دل لڳيء سان اڳتي وڌندي پنهنجي هدف کي حاصل ڪرڻ گهرجي، ان ڏس ۾  رستي جي روڙن کي هٽائيندي ۽ تڪليفون برداشت ڪندي عزم ۽ حوصلي سان اڳتي وڌندو رهجي ۽ ٿڪجي يا بي همت ٿي رستي ۾ ويهي نه رهجي۔

تڪليفن جي باھه ۾ پچي، انسان پڪو پختو ۽ مظبوط ٿئي ٿو ۽ سندس قوت اراديء ۾ بي پناھه اضافو ٿئي ٿو۔ ڏک، درد، اذيتون انسان جي اندر سهپ ۽ قوت پيدا ڪن ٿيون۔ هر ناڪامي، ڪاميابيء جي راھه هموار ڪندي آهي، تنهن ڪري آزمائشن وقت مايوس ٿيڻ يا دل لاهڻ نه گهرجي۔ مردانگي انهيء ۾ آهي ته مڙس ماڻهو ٿي مسئلن مونجهارن ڏکيائين تڪليفن ۽ اذيتن جو جوان جذبي، بي پناھه همت ۽ حوصلي سان مقابلو ڪجي، بيحد برداشت هجڻ گهرجي،  خاموشيء سان حالتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي۔

نهائينء کان نينهن، سک منهنجا سپرين،

سڙي سارو ڏينهن، ته به ٻاهر ٻاڦ نه نڪري۔ لطيف سرڪار۔  جيڪڏهن ٻاڦ ٻاهر نڪرندي ته ٿانؤ ڀيلا رهجي ويندا۔ اهڙيء ريت انسان کي به بيحد درجي جي برداشت همت حوصلو ۽ پختي قوت ارادي، سان ۽  خاموشيء سان جهد مسلسل سان منزل طرف وڌڻ گهرجي۔ ڪنهن به راھه جي رڪاوٽ کي خاطر ۾ نه آڻجي نه ئي همت هارجي۔

  ڏک سکن جي سونهن آهن، ڏکن ڏسڻ کان پوء جيڪي سک ملن ٿا، انهن جو اسان وڏو قدر ڪيون ٿا، ڏکن کان پوء جيڪي سک ملن ٿا، انهن ۾ تمام گهڻي راحت، فرحت، سڪون ۽ سرور هجي ٿو۔  اگر ساڳيا ئي سک اسان کي ڏکن ملڻ کان سواء ملي وڃن ته جيڪر اسان وٽ انهن جو ايترو قدر نه هجي۔ محنت سان ڪمايل روزيء ۾ جيڪو لطف يا مزو ايندو آهي اوترو پنيل يا غلط طريقي سان حاصل ڪيل روزيء ۾ هرگز ناهي هوندو۔ اگر رات نه هجي ها، ته اسان کي ڏينهن جو قدر نه ٿئي ها۔ اگر سفر سهنجو ۽ آسان هجي ته ماڳ تي رسڻ جو اهو مزو نه ايندو۔ هر شئي جو ضد ضرور آهي پر پاڻ کي ئي پرک ڪري صحيح رستي ۽ دڳ سان هلڻو آهي، ورنه منزل تي رسڻ جي آس آس ئي رهجي ويندي ۽ ماڳ تي پهچڻ ناممڪن يا تمام گهڻو مشڪل ٿي پوندو۔

تڏنهن ڀٽائي سرڪار چيو هو ته

“ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري،

جني   جي  ورونهن،  سڄڻ  آيو  مون  ڳري”

ڏکن جي ڪري ئي سفر سهنجو ٿي پوي ٿو، ۽ محبوب جو ملڻ نصيب ٿئي ٿو۔ تڏنهن ڀٽائي سرڪار فرمايو ته

ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا۔

امرتا اڪثر قرباني ڏيڻ، تڪليفون، عذاب ۽ اذيتون سهڻ کان پوء ئي ملندي آهي۔ پيسو ڪمائڻ سولو آهي پر نانؤ نيڪي ڪمائڻ تمام گهڻو مشڪل ۽ محال آهي۔ جڏنهن ابتدائي قدم کڻبا تڏنهن ئي گهربل منزل تي پهچي سگهبو۔ باقي پير پير تي ڌري ويهڻ سان ڪڏنهن به منزل ناهي ملندي۔

سنداڻ   ۽   وڏاڻ  جو  آ،  منطقي   مثال،

صديون  ٿي  عمر ماڻي، سنداڻ ڌڪ سهي۔

سر جڏنهن باهه ۾ پچندي آهي، تڏنهن انجي عمر سؤين سال ٿي ويندي آهي، ميندي جڏنهن پٿر تي پيسجي ويندي آهي، تڏنهن لال ڪنوار جي هٿن جو سينگار ٿيندي آهي، سون جڏنهن باهن ۾ سڙندو ۽ رجندو آهي، تڏنهن ڪنهن حسين مهجبين جي ڳچيء جو هار ٿيندو آهي، اکين کي اوجاڳا ڏبا آهن، پنڌ ۾ پير پٿون ٿيندا آهن، تڏنهن محبوب جو درشن نصيب ٿيندو آهي، جبل جهاڳڻا پوندا آهن، تڏنهن منزل تي رسبو آهي، اکين کي اشڪن سان اشنان ڪرائبو آهي، تڏنهن پرين اکين ۾ سمائبو آهي ڏک جا ڏونگر ڏوربا آهن، تڏنهن سکن جي سيج نصيب ٿيندي آهي۔ دل تي شديد چوٽ لڳندي آهي تڏنهن آهن ۾ اثر پيدا ٿيندو آهي، عشق ۾ پاڻ کي پچائبو آهي، تڏنهن شاعريء ۾ سوز ۽ گداز پيدا ٿيندو آهي۔ مطلب ته ڪابه منزل ايتري سولائيء سان ناهي ملي ويندي، سچي لڳن مقصد سان سچائي،  همدردي، دل جي نرمي ۽ صدق دل ئي محبوب کي اوڏڙو ڪندي آهي۔ ڪوڙو، ٺڳ، لوڀي،  ٺوڳي، بيمان ڪڏنهن منزل ماڻيندو، اهو ناممڪن آهي۔ ڀلي ڪوئي آزمائي ڏسي۔ سچائيء ۾ وڏي طاقت آهي، ڪوڙ جي قلعي چئن ڏينهن جي آهي۔ ڪوڙ جي قلعي لٿي پوء جهڙو تئو، پوء ڪوڙو ڪنڌ کڻڻ جي قابل ناهي رهندو۔ ڪوڙا ماڻهو اڪثر اهڙي ذهني دٻاء ۾ ڦاسي پوندا آهن، جو خودڪشي ڪري پنهنجي ضمير ۽ ظرف کي هميشه لاء سمهارڻ کان سواء انهن وٽ ٻيو ڪو چارو ئي نه هوندو آهي۔  ظلم قائم آهي، پر ظالم ڪڏنهن به قائم رهي نٿو سگهي۔ ظالم جي اکين تي جهالت ۽ نادانيء جي پٽي ٻڌل هوندي آهي۔ دراصل ان کي ڪو نيڪيء جو رستو ئي نه سجهندو آهي، پوء ويندو جهالت جون سڀ حدون پار ڪندو۔ ظالم ماڻهوء جي ڪا به دعا قبول ناهي ٿيندي۔  نيڪ ماڻهوء کي ئي نيڪ نامي نصيب ٿيندي آهي، جيڪو ماڻهو ٻئي کي بيوقوف سمجهي اڳلي کي ٺڳيندو رهندو آهي سو دراصل ۾ پنهنجي ظرف ۽ ضمير کي کاٽ هڻي رهيو هوندو آهي۔ اڳلو مسڪين ٻن ڏينهن جي تڪليف سهي وري به سرهو هوندو پر ٺڳ ماڻهو ٻين جي نظرن ۾ ته ڪريل هوندو ئي آهي، پر پنهنجي نظرن ۾ به ڪري پوندو آهي۔ جبل تان ڪريل ماڻهو ته بچي سگهي ٿو پر نظرن ۾ ڪريل ماڻهو ڪڏنهن به ساڳيو مقام حاصل ڪري يا ماڻي نٿو سگهي۔ اسان اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته پائداري ۽ عمر درازي سچ ۽ سچائيء کي ئي آهي نه ڪوڙ ۽ ڪوڙائيء کي۔ امرتا قربانيء ، تڪليفن ۽ اکين کي اوجاڳا ڏيڻ سان ملندي آهي۔ آزمائش شرط آهي، اگر انهيء ڳالهه ۾ ذري جو به وڌاء هجي ته پوء اسان جا اوجاڳا اجايا آهن، امرتا ۽ جاوداني اسان جا ڏينهن جا ڏٺل سهانا سپنا آهن، ۽ پوء اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان به زبان دراز ۽ لٻاڙي آهيون۔ اسان جون سڀ تحريرون پاڻيء تي ليڪا آهن۔

“نيڪي نيڪي نيڪي ڪر دستور عمل،

نيڪيء سان ئي مان امرتا ملندي،

سيوا سان خوشنودي ملندي، مالڪ جي

سيوا جهڙي ٻي نه عبادت هوندي آ۔”

جن شخصن به آعلى’ مقام ماڻيو آهي، ان پويان سندن ڪيل محنتن مشقتن، تڪليفن، مجاهدن، اوجاڳن، جانفشاني، جستجو، جاکوڙ، جهاد ۽ رات ڏينهن هڪ ڪري درد، سوز، ورھ وڇوڙي، گهر کان دوريء جهڙين تڪليفن کي برداشت ڪيو آهي۔ انهن تڪليفن ۽ ڪوششن کان سواء منزل ملڻ مشڪل ۽ محال آهي۔ جيڪو جيتريون وڌيڪ تڪليفون ۽ عذاب برداشت ڪري ٿو، اهو اوترو ئي پنهنجي ماڳ کي تمام ويجهو رسي ٿو۔

تنهن ڪري ڪنهن به ماڳ کي ماڻڻ لاء اڻ ٿڪ ڪوشش ۽ انتهائي محنت ۽ مشقت ڪرڻ  بيحد ضروري آهي۔ قربانيون ئي انسان کي امرتا بخشينديون آهن۔

الله پاڪ ڪنهن جي به محنت يا ڪيل تڪليف کي ضايع ٿيڻ نٿو ڏئي۔ شرط اهو آهي ته هر محنت دل جي سچائيء سان ۽ انتهائي محبت سان ڪئي وڃي۔ ورنه اها بيگار جي برابر هوندي ۽ صحيح معنى’ ۾ گهربل نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيندي۔ ۽ ساري ڪيل محنت اڪارت هلي ويندي۔ حاصل مقصد ته ڏک سهڻ کان سواء سکن تائين رسائي مشڪل ۽ محال هوندي۔

ڏک ئي سکن جي راھه کي روشن ڪندا آهن۔ ۽ سکن تائين پهچڻ ۾ رهنمائي ڪندا آهن۔ ڏک ۽ سک هڪ سڪي جي ٻن پاسن جيان ۽ لازم ملزوم آهن۔

ناڪامي آ، ابتدا،

ڪاميابي آ انتها۔

_________________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button