Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

نئين آئيني ترميم، جمھوريت جي دعوي ۽ ٻٽو قانون

ملڪ ۾ ”ھائبرڊ رجيم“ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي، ملڪي سلامتيءَ وارن ادارن جو رياستي فيصلن تي مڪمل ڪنٽرول ٿي ويو ۽ سياسي قيادت پس منظر ۾ ھلي ويئي آھي

27ھين آئيني ترميم سان فوجي بالادستيءَ جي دور جي شروعات ٿيندي ۽ فوجي اقتدارکي آئيني حيثيت ملندي

سيد يوسف شاھہ

ملڪ ۾ گهڻي عرصي کان ھلندڙ بحث کان پوءِ نيٺ سينيٽ 27 آئيني ترميم 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي، وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ سينيٽ ۾ آئيني ترميمي بل پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي۽ پي ٽي آئي جي سيف اللہ ابڙو ۽ جي يو آءِ جي احمد خان آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيئي گهربل 64 ووٽ پورا ڪيا. اھڙيءَ ريت آئيني ترميم جي 59 شقن جي منظوري ڏني ويئي.

ھتي اھا ڳالھہ غور طلب آھي تہ پي ٽي آءِ ميمبر ووٽ ڏيڻ کان پوءِ سينيٽ جي ميمبر شپ تان استعفي ڏيئي ڇڏي جنھن مان اھا پڪ ٿي ويئي تہ انھن ميمبرن تي يا تہ شديد دٻاءُ ھو يا کين ايڏي وڏي ملھہ ۾ خريد ڪيو ويو، جو ھن کي سينيٽ ميمبريءَ جي وڌيڪ ضرورت نہ رھي. جڏھن تہ پي ٽي آءِ ۽ جميعت علماءِ اسلام ترميم جي مخالفت ڪندي بائيڪاٽ ڪيو. 18 ھين ترميم مان صوبي ”خيبر پختون خواھہ“ مان لفظ”خيبر“ ھٽائي ھاڻي فقط ”پختون خواھہ“ سڏيو ويندو. آرٽيڪل 243 جي شق 4 ۽ 7 ۾ ترميم ڪري چيف آف آرمي اسٽاف جو عھدو بدلائي ”ڪمانڊر آف ڊفينس فورسز“ (CDF) ڪيو ويو. ترميم مطابق صدر وزير اعظم جي مشوري تي سي ڊي ايف جي مقرري ڪندو۽ 28نومبر کان ”چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي (CJCSC) جو عھدو ختم ٿي ويندو. وزير اعظم، ڪمانڊر آف ڊفينس فورسز جي سفارش تي ” ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ“ جي مقرري ڪندو جيڪو پاڪستان آرمي جي آفيسرن مان ھوندو. ترميم مطابق فيلڊ مارشل، ايئر مارشل ۽ ايڊمرل چيف کي ”قومي ھيروز“ طور ڄاڻايو ويندو، جنھن سان انھن کي تاحيات مراعتون ۽ وردي ملندي ۽ کين آرٽيڪل 47 تحت سندن عھدي تان ھٽائڻ جو ڪوبہ طريقو نہ ھوندو. آرٽيڪل 243 ۾ ”فائيو اسٽار رينڪ“ جي شق شامل ڪري، فيلڊ مارشل رينڪ کي آئين جو حصو بڻايو ويو آھي جنھن سان ٽنھي فوجن، بري، بحري ۽ ھوائي فوجن لاءِ ”فائيو اسٽار رينڪ“ آئيني حيثيت اختيار ڪري ويو آھي.

ان مان ظاھر ٿئي ٿو تہ 27ھين آئيني ترميم رڳو ھڪ قانوني تبديلي ناھي پر ملڪ جي سول ۽ فوجي لاڳاپن جو ھڪ اھڙو موڙ آھي جنھن کي ڊگهو اثر رکندڙ قرار ڏنو پيو وڃي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ جو عھدو ختم ڪري ان جا سمورا اختيار نئين انتھائي طاقتور عھدي ”ڪمانڊر آف ڊفينس فورسز“ ۾ ضم ڪيا ويا آھن جيڪو عھدو فيلڊ مارشل سنڀاليندو، جڏھن تہ تازو آگسٽ ۾ قائم ڪيل ”پاڪستان راڪيٽ فورس“ کي پڻ سڌو سنئون سي ڊي ايف جي ماتحت ڪرڻ سان گڏ ايئر فورس ۽ بحريا کي بہ سي ڊي ايف جي ماتحت ڪيو ويندو.

ھيءَ  ترميم سياسي ۽ عدالتي سطح تي سخت تنقيد جو نشانو بڻيل آھي ۽ ترميم منظور ٿيڻ جو طريقو جمھوري اصولن جي ڀڃڪڙي ڪوٺيو پيو وڃي ڇو تہ قانونسازيءَ جي ھن عمل ۾ پارلياماني بحث کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آھي جنھن سان ملڪ ۾ ”ھائبرڊ رجيم“ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آھي ۽ ملڪي سلامتيءَ وارن ادارن جو رياستي فيصلن تي مڪمل ڪنٽرول ٿي ويو آھي، سياسي قيادت پس منظر ۾ ھلي ويئي آھي، جيڪو عمل قومي سطح تي ڪمزوريءَ جو سبب بڻجندو، جنھن سان نہ رڳو پرڏيھي پاليسي پر سفارتي ڳالھين جي گنجائش پڻ ختم ٿي ويندي ۽ اھا ترميم سياسي ويزن جي شڪست ثابت ٿيندي ۽ فوجي اختيارن جي مرڪزي ٿيڻ سان شھري نگرانيءَ جي اصول کي پڻ نقصان رسندو. ھن ترميم ذريعي ملڪي سلامتيءَ وارا ادارا سمورن رياستي شعبن تي قابض ٿي ويندا، جيڪا سول حڪومتن ۽ بيوروڪريسيءَ تي بي اعتماديءَ جي علامت آھي، جنھن سان سموري رياستي طاقت فوجي دائري ۾ اچي ويئي آھي ۽ وزير اعظم جو فوجي قيادت سان مڪمل ھم آھنگ ھجڻ ان حقيقت کي چٽو ڪري ٿو، ايتري تائين جو پيپلز پارٽيءَ جي راجا پرويز اشرف چيو تہ ” فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خلاف ڳالھائيندڙ گمراھہ آھن.“

27ھين آئيني ترميم سان فوجي بالادستيءَ جي دور جي شروعات ٿيندي ۽ فوجي اقتدارکي آئيني حيثيت ملندي وفاقي آئيني عدالت (Federal Constitutional Court)قائم ٿيندي، جيڪاسپريم ڪورٽ جي اختيارن ۾ وڌيڪ مداخلت جي برابر آھي جڏھن تہ 26ھين ترميم ذريعي اڳي ئي عدليا کي بي اختيار ڪيو ويو آھي. ھيءَ ترميم طاقت جي توازن کي فوجي ادارن ڏانھن موڙي ڇڏيندي جڏھن تہ حڪمران مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽيءَ اڳ ۾ ئي فوجي بالادستيءَ کي قبول ڪري ورتو آھي. اھا راءِ پڻ سامھون اچي رھي آھي تہ ” فيلڊ مارشل واري عھدي کي آئيني تحفظ ڏيڻ واري شق مستقبل جي ڪنھن قانوني ڪارروائيءَ کان بچڻ لاءِ ڪئي ويئي آھي ڇوتہ فوجي قيادت اھا پڪ ڪرڻ چاھي ٿي تہ مستقبل ۾ ڪا نئين حڪومت ھن عھدي کي چئلنج نہ ڪري سگهي.“ سينئر صحافي اعزاز سيد جي چواڻي تہ ”ھن اسٽيبلشمينٽ وٽ ھڪ پلان ڏٺو آھي جنھن مطابق آصف زرداريءَ کي صدارت تان ھٽائي فوجي قيادت کي اقتدار ۾ آڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جنھن کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلم ليگ (ن) خلاف بہ ڪارروايون ٿينديون.“ حڪومت 27ھين آئيني ترميم جي منظوريءَ کان پوءِ اعليٰ عدليا جي نئين جوڙجڪ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آھي ۽ وفاقي آئيني عدالت لاءِ 7 ججن جا نالا پڻ شارٽ لسٽ ڪري ڇڏيا آھن ۽آئيني عدالت جي شروعاتي ميمبرن جو انگ صدارتي حڪم سان طئي ٿيندو. 

         27 آئيني ترميم ۾ وفاقي آئيني عدالت جي تجويز شامل ڪئي ويئي آھي، جنھن مطابق ججن جي بدليءَ جو اختيار صدر کان کڻي سپريم جوڊيشل ڪميشن ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي۽ ججن جي ٽرانسفر يا ڪنھن ٻيءَ ھاءِ ڪورٽ ۾ بدليءَ کان انڪار ڪرڻ وارن ججن کي ريٽائرڊ تصور ڪيو ويندو. ازخود نوٽيس جو اختيار سپريم ڪورٽ کان کڻي آئيني عدالت ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي جيڪا بہ ان صورت ۾ ازخود نوٽيس وٺي سگهندي جڏھن ڪو ان لاءِ  درخواست ڏيندو. جڏھن تہ پارليامينٽ ۾ بحث ھيٺ ترميم تي جسٽس منصور علي شاھہ چيف جسٽس کي خط لکيو آھي تہ ھو عدليا جي سربراھہ طور انتظاميا سان رابطو ڪري اھو واضح ڪري تہ آئيني عدالت جي ججن سان مشورو ڪرڻ بنا ڪابہ ترميم نٿي ٿي سگهي، سمورن جمھوري نظامن ۾ عدليا سان لاڳاپيل قانونسازيءَ وقت عدليا سان مشاورت ڪئي ويندي آھي، ڇا ھڪ آئيني ترميم ان وقت ٿي سگهي ٿي جڏھن گذريل آئيني ترميم عدالت ۾ چئلنج ٿيل ھجي، جيستائين 26ھين آئيني ترميم تي سوال باقي آھن، نئين آئيني ترميم مناسب ناھي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطھر مناللہ پڻ 27ھين آئيني ترميم جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي پنھنجن خدشن جو اظھار ڪيو آھي تہ ”اشرافيا عوامي راءِ کي ڌٻائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کي استعمال پئي ڪري، تنھنڪري عدالتي ڪانفرنس گهرائي وڃي، سچ ڳالھائيندڙ جج انتقام جو شڪار ٿي رھيا آھن، ڀٽي جي عدالتي ڦاھي معاف ڪرڻ جهڙو ڏوھہ نہ ھو، بينظير ۽ نواز شريف سان بہ ايئن ئي ٿيو۽ پي ٽي آءِ جو باني بہ ان جو شڪار آھي، ججن جا اعتراف ۽ خط سپريم ڪورٽ جي ضمير تي بار آھن، ريڪارڊ ۾ رھي تہ عوام جي تقدير ڪيئن عدليا جي سنگ مرمر جي ديوارن پويان طئي ٿي رھي آھي.“ 

عام راءِ اھا آھي تہ ھن ترميم ذريعي سپريم ڪورٽ مڪمل طور حڪومتي ڪنٽرول ھيٺ اچي ويئي آھي، جيڪڏھن سپريم ڪورٽ ۾ موجود ڪنھن ڪيس ۾ آئيني نقطو سامھون آيو تہ چيو ويندو ”ھن ڪيس کي آئيني عدالت ڏانھن موڪليو وڃي“ اھڙيءَ ريت ھن ترميم عدليا کي مفلوج ڪري ڇڏيو آھي ۽ سپريم ڪورٽ جي ڪارڪردگي محدود ڪئي ويئي آھي جنھن مان تاثر ملي ٿو تہ ”ھاڻي حڪومت خلاف ڪو فيصلو نٿو اچي سگهي.“

ترميم مطابق صدر جي خلاف تاحيات ۽ گورنرن خلاف سندن عھدي دوران ڪابہ فوجداري ڪارروائي نٿي ٿي سگهي ۽ ڪنھن بہ عدالت پاران صدر جي خلاف تاحيات ۽ گورنرن خلاف سندن مدت دوران ڪوبہ گرفتاري وارنٽ جاري نہ ڪيو ويندو. جڏھن تہ وزير اعظم کي ڪيسن مان تاحيات ڇوٽ واري ترميم رڳو ان ڪري واپس ورتي ويئي جو قانوني ماھرن مطابق ان جو فائدو عمران خان کي بہ پھچي سگهيو ٿي، ھاڻي پي ٽي آءِ بانيءَ جو بندوبست ڪرڻ کان پوءِ ايندڙ 28ھين ترميم ۾ اھا ڇوٽ وٺي سگهجي ٿي. اھڙيءَ ريت ھڪ ئي ملڪ ۾ ٻہ قانون لاڳو ٿي ويندا، ھڪ اقتدار ڌڻين لاءِ جيڪي جيترو وڻين ڪرپشن ڪن، ملڪي خزانا لٽين ۽ صوبن جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضا ڪن سندن ڪو وار بہ ونگو نہ ڪري سگهندو ۽ ٻيون قانون سياسي مخالفن، پنھنجا حق گهرندڙڪارڪنن، سچ لکندڙ ليکڪن ۽ عام ماڻھن لاءِ جن کي عبرتناڪ سزائون ملنديون. ان موقعي تي رانا ثناءُ اللہ ھڪ عجيب ۽ غير منتقي ڳالھہ ڪندي چيو آھي تہ فيلڊ مارشل کي ڇوٽ ڏيڻ سان آرٽيڪل 6 ختم نٿو ٿئي پر آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ”قومي ھيروز“ ۽ آئيني عھدا رکندڙن تي آرٽيڪل 6 ڪيئن لڳي سگهي ٿو. پر ھتي سوال ٿو اٿي تہ جيڪي ماضيءَ ۾ آئين ٽوڙيندا رھيا آھن تن کي ”تاحيات ڇوٽ“ آھي تہ باقي آرٽيڪل 6 ڪنھن تي لڳندو؟

گذريل ڪافي عرصي کان شوشا ڇڏيا پئي ويا تہ ھن آئيني ترميم ذريعي صدارتي نظام لاڳو ٿيندو، ملڪ ۾ موجود صوبن کي ٽوڙي گهڻا صوبا ٺاھيا ويندا، 18ھين ترميم رول بيڪ ڪئي ويندي، اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪٽوتي ٿيندي ۽ صوبن جا معدني وسيلا مرڪز حوالي ڪيا ويندا، پر ان تي عوامي رد عمل ڏسڻ لاءِ حڪومتي ڌريون مڪمل طور خاموش رھيون ۽ آئيني مسودي کي ڳجهو رکيو ويو جنھن جو اعتراف پيپلز پارٽيءَ جي سي اي سي گڏجاڻيءَ ۾ ھنن لفظن سان ڪيو ويو تہ ”27ھين ترميم جي تجويز ڪيل ڊرافٽ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي قانوني ماھرن جا رايا اڳ ۾ ئي شامل آھن ۽ پارٽيءَ جي سياسي ڪاميٽي پڻ ان ڊرافٽ جو جائزو وٺي چڪي آھي.“ جنھن مان اھو ظاھر ٿيو آھي تہ ھن ترميم کي سوچيل سمجهيل رٿا تحت منظور ڪرايو ويو آھي، جيڪا سياسي عمل کي محدود ڪرڻ ۽ طاقت جي توازن کي ھڪ مخصوص رخ ڏانھن موڙي خطرناڪ سياسي خلا پيدا ڪرڻ آھي۽ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي پنھنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سياسي جمود پيدا ڪري رھيون آھن، پر حڪمرانن جي معاملن کي ڳجهو رکڻ واري روش کي نظر ۾ رکڻ گهرجي نہ تہ اھي شوشا ڇڏيل سمورا معاملا 28ھين آئيني ترميم ۾ منظور ڪرائي سگهن ٿا.جڏھن جمھوري نظام ۾ مخالف ڌر کي غير موثر بڻايو ويندو آھي تڏھن ان جا خطرناڪ نتيجا سامھون ايندا آھن جيڪي آخرڪار ن ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڳچيءَ ۾ پوندا. تاريخ شاھد آھي تہ جڏھن بہ ڪنھن شخص پارليامينٽ جي خودمختاريءَ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي اھو پاڻ بہ قانون ۽ تاريخ جي ڪٽھري ۾ بيٺل نظر آيو آھي ۽ اقتدار ۽ طاقت جي باوجود سندن عبرتناڪ انجام ٿيو آھي. گڏيل مخالف ڌر جو اتحاد تحريڪ تحفظ آئين ھن ترميم خلاف مزاحمتي تحريڪ جي شروعات ڪري چڪو آھي، جڏھن عوام کي انصاف نہ ملندو ۽ سندن وسيلن جي ڦرلٽ ٿيندي تہ فطري طور تي شديد عوامي  رد عمل بہ  سامھون ايندو.

محبت گوليون سَي بُو رَھَي ھو،

وطن ڪا چھرا خون سَيَ ڌو رَھَي ھو،

گُمان تجهڪو ڪَيَ رستا ڪَٽ رھا ھَيَ،

يقين مجهڪو ڪَيَ منزل کو رَھَيَ ھو.

________________

Syed Yousif Shah-TheAsiaN

سيد يوسف شاھ ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر سياسي ڪارڪن ۽ فري لانس ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button