استادن جو عالمي ڏينهن: ماضيءَ جا استاد رڳو ڪلاسن تائين محدود نه هوندا هئا
ماضيءَ جا استاد رڳو ڪلاسن تائين محدود نه هوندا هئا، پر اهي هر وقت استاد هوندا هئا. ڪلاس کان پوءِ شام جو به پنهنجي شاگردن کي ڪنهن نه ڪنهن نصابي يا غير نصابي سرگرميءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ آماده ڪندا هئا، کين ورزش ڪرائيندا هئا، ڪتاب پڙهائيندا هئا ۽ تفريح جا موقعا پڻ فراهم ڪندا هئا. هاڻي اها ڳالھ ڄڻ خواب بڻجي وئي آهي. اڄ جو استاد گهڻو ڪري ڪلاس تائين محدود ٿي ويو آهي، ۽ ڪلاس به باقاعدگيءَ سان وٺي ٿو يا نه، اهو به هڪ الڳ بحث آهي. تنهنڪري اهو به ڏسڻ گهرجي ته اڄ جي استادن ۽ ماضيءَ جي استادن ۾ جيڪو فرق پيدا ٿيو آهي، ان به معاشري کي غير متوازن ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.

نسيم بخاري
هر سال 5 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن رڳو گلن، ڪارڊن ۽ تقريبن تائين محدود نه هوندو آهي، پر اهو قومن کي اهو ياد ڏياريندو آهي ته استاد ڪنهن به سماج جي فڪري، اخلاقي ۽ تهذيبي تعمير جو سڀ کان اهم ڪردار هوندو آهي. جيڪڏهن استاد مضبوط هوندو ته سماج مضبوط هوندو، ۽ جيڪڏهن استاد ڪمزور، پريشان يا مايوس هوندو ته قومن جو مستقبل به غير محفوظ ٿي ويندو.
5 آڪٽوبر کي عالمي استاد ڏينهن طور ملهائڻ جي شروعات 1994ع ۾ يونيسڪو ڪئي. هي ڏينهن 1966ع ۾ يونيسڪو ۽ عالمي محنت تنظيم (ILO) پاران استادن جي حيثيت، حقن، ذميوارين ۽ ڪم جي حالتن بابت منظور ڪيل عالمي سفارش جي ياد ۾ مقرر ڪيو ويو. هن سفارش ۾ واضح ڪيو ويو ته استادن کي مناسب پگهار، عزت، تربيت، ترقي جا موقعا ۽ بهتر ڪم ڪندڙ ماحول ملڻ گهرجي، ڇو ته معياري تعليم، معياري استاد کان سواءِ ممڪن نه آهي.
اڄ به يونيسڪو، يونيسيف، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن ۽ ايجوڪيشن انٽرنيشنل گڏجي دنيا کي اهو پيغام ڏين ٿا ته استاد رڳو ملازم نه، پر قومن جا معمار آهن.
دنيا جي ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن، جهڙوڪ فن لينڊ، جاپان، سنگاپور، ڏکڻ ڪوريا ۽ جرمني ۾ استاد کي انتهائي عزت ۽ اعتماد حاصل آهي. انهن ملڪن ۾ استاد جي چونڊ انتهائي سخت معيارن تحت ڪئي ويندي آهي، پر هڪ ڀيرو استاد بڻجڻ کان پوءِ کيس معاشي تحفظ، سماجي عزت ۽ علمي آزادي ڏني ويندي آهي.
فن لينڊ ۾ استاد ڊاڪٽر يا انجنيئر جيترو معزز سمجهيو ويندو آهي. جپان ۾ ٻار پنهنجي استاد آڏو ادب سان جهڪندا آهن. سنگاپور ۾ استادن لاءِ مستقل تربيت جا پروگرام آهن. ڪيترن ملڪن ۾ استادن کي رهائش، تحقيق، بيمه ۽ اضافي مراعتون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون.
انهن سماجن کي خبر آهي ته فوج سرحدن جي حفاظت ڪري ٿي، پر استاد قوم جي مستقبل جي حفاظت ڪندو آهي.
برصغير جي وڏي شاعر شيخ اياز، لکيو آهي ته جيڪڏهن کيس پنهنجي استادِ کيئلداس فانيءَ جي صحبت نصيب نه ٿئي ها ته هو ان مقام تي نه پهچي ها، جنهن تي هو پهتو.
ساڳيءَ ريت سنڌي ادب ۽ صحافت جي هڪ وڏي نالي، ناول نگار ۽ ڪالم نگار امر جليل، لکيو آهي ته جيڪڏهن شڪارپور ۾ پرائمري تعليم دوران کيس حبيب الله ڀٽو جي صحبت نصيب نه ٿئي ها ته هو علم ۽ ادب جي دنيا ۾ ايترو مشهور نالو نه بڻجي ها.
استاد رڳو ڪلاس روم تائين محدود نه هوندا آهن. جيڪي ماڻهو زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اوهان جي رهنمائي ڪن ٿا، اوهان کي ڪنهن منزل تائين پهچائين ٿا، اوهان کي ڪجهه سيکارين ٿا، سمجهائين ٿا، يا معاشي حوالي سان مستحڪم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا، يا زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڄاڻ، صلاح ۽ رهنمائي ڏين ٿا، اهي به محسن ۽ استاد ئي هوندا آهن. جن جو ڌيان ۽ گيان ماڻھو کي معتبر يا مھان بڻائيندو آھي.
ماضيءَ جا استاد رڳو ڪلاسن تائين محدود نه هوندا هئا، پر اهي هر وقت استاد هوندا هئا. ڪلاس کان پوءِ شام جو به پنهنجي شاگردن کي ڪنهن نه ڪنهن نصابي يا غير نصابي سرگرميءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ آماده ڪندا هئا، کين ورزش ڪرائيندا هئا، ڪتاب پڙهائيندا هئا ۽ تفريح جا موقعا پڻ فراهم ڪندا هئا. هاڻي اهو معاملو ڄڻ خواب بڻجي ويو آهي. اڄ جو استاد گهڻو ڪري ڪلاس تائين محدود ٿي ويو آهي، ۽ ڪلاس به باقاعدگيءَ سان وٺي ٿو يا نه، اهو به هڪ الڳ بحث آهي. تنهنڪري اهو به ڏسڻ گهرجي ته اڄ جي استادن ۽ ماضيءَ جي استادن ۾ جيڪو فرق پيدا ٿيو آهي، ان به معاشري کي غير متوازن ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
عام طور تي هڪ استاد گهٽ ۾ گهٽ 35 کان 40 سال تائين پنهنجي سروس سرانجام ڏئي ٿو. ان عرصي دوران هر سال سندس ڪلاس ۾ سوين ٻار پڙهن ٿا. جيڪڏهن اندازو لڳايو وڃي ته هڪ استاد پنهنجي سڄي ملازمت دوران هزارين، بلڪه لکين شاگردن کي تعليم ۽ تربيت ڏئي، زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري سگهي ٿو.
پر معاملو اهو آهي ته ڇا اهي شاگرد ڪڏهن پوئتي مڙي ڏسن به ٿا ته اسان ڪهڙن استادن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي هئي؟ اسان ڪهڙي اداري ۾ پڙهيا هئاسين؟ الله تعاليٰ اسان کي جيڪا عزت، شهرت ۽ دولت عطا ڪئي آهي، ان ۾ انهن استادن جو ڪهڙو حصو آهي؟ جن جي تربيت ۽ رهنمائيءَ سبب اسان دنيا ۾ سڃاڻپ حاصل ڪري، ڪنهن اهم منصب تائين پهتاسين يا زندگيءَ ۾ خوشحال ٿياسين، ڇا انهن استادن ڏانهن موٽي ڏسڻ، سندن مسئلا حل ڪرڻ ۽ کين زندگيءَ جي سهولتن ۽ خوشحالين ڏانهن آڻڻ اسان جي ذميواري ناهي؟
شاگرد ڪٿي کان ڪٿي پهچي وڃن ٿا، وڏن عهدن تي فائز ٿين ٿا، دولت، عزت ۽ شهرت حاصل ڪن ٿا، پر استاد گهڻو ڪري اتي ئي بيٺل نظر اچي ٿو، جتان هن کين سفر شروع ڪرايو هو—پنهنجي ڪلاس روم ۾، پنهنجي محدود وسيلن سان، ايندڙ نسلن کي اڳتي وڌائڻ جي ذميواري نڀائيندي.
پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ ۾ استادن جي حيثيت بابت صورتحال پيچيده آهي. هڪ پاسي استاد عزت ۽ احترام جي علامت سمجهيو وڃي ٿو، پر ٻئي پاسي ڪيترائي استاد معاشي، انتظامي ۽ ذهني مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
سنڌ ۾ هزارين استاد ڏورانهن علائقن ۾ خدمتون سرانجام ڏين ٿا، جتي بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. ڪيترن اسڪولن ۾ فرنيچر، بجلي، پاڻي، انٽرنيٽ، لائبريرين ۽ ليبارٽرين جي کوٽ آهي. استادن کي تدريس سان گڏ مردم شماري، چونڊون، پوليو مهم، سروي ۽ ٻين غير تدريسي ذميوارين ۾ به لڳايو ويندو آهي، جنهن سبب سندن اصل تعليمي ڪم متاثر ٿئي ٿو.
سنڌ حڪومت گذريل سالن ۾ هزارين استادن جون ڀرتيون ڪيون آهن، پر استادن جي تربيت، معيار ۽ مسلسل پيشورانه ترقي اڃا به وڏو چئلينج آهي.
استاد جي زندگي صرف ڪلاس روم تائين محدود نه هوندي آهي. گهر جي خرچن، ٻارن جي تعليم، علاج، مهانگائي ۽ معاشي پريشانين جو اثر سڌو سنئون سندس ذهني حالت تي پوي ٿو.
گهڻا استاد اضافي آمدني لاءِ ٽيوشن، ڪوچنگ يا ٻيا ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا. اهڙي صورتحال ۾ استاد جو مطالعو، تحقيق ۽ ذاتي ترقي متاثر ٿئي ٿي. ذهني دٻاءُ، پريشاني ۽ مستقبل جي غير يقيني صورتحال به ڪيترن استادن لاءِ وڏا مسئلا آهن.
دنيا ۾ استاد کي رڳو پگهار نه، پر ذهني سڪون، عزت ۽ سماجي تحفظ پڻ ڏنو ويندو آهي، جڏهن ته اسان وٽ اڪثر استادن کي پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻو پوي ٿو.
يونيسيف موجب پاڪستان ۾ اڃا به لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ استادن کي وڌيڪ سهولتون، تربيت ۽ مدد جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن استاد مايوس هوندو ته شاگرد به متاثر ٿيندو. جيڪڏهن استاد خوشحال هوندو ته سڄي نسل جي تعمير بهتر ٿيندي. قومون عمارتن، روڊن ۽ منصوبن سان نه، پر استادن جي محنتن سان ٺهنديون آهن
استاد کي رڳو تقريبن ۾ گل ڏيڻ ڪافي ناهي. حقيقي احترام هي آهي ته:
• استادن کي مهانگائي مطابق مناسب پگهار ملي.
• مسلسل تربيت ۽ تحقيق جا موقعا فراهم ڪيا وڃن.ش .
• اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بهتر سهولتون ڏنيون وڃن.
• استاد جي راءِ کي تعليمي پاليسي ۾ اهميت ڏني وڃي.
• استادن لاءِ صحت، رهائش ۽ سماجي تحفظ جا نظام مضبوط ڪيا وڃن.
• معاشري ۾ استاد جي عزت کي عملي طور وڌايو وڃي.
5 آڪٽوبر رڳو هڪ ڏينهن نه، پر هڪ سوال آهي: ڇا اسان پنهنجي استادن کي اهو مقام ڏنو آهي، جنهن جا هو حقدار آهن؟
استاد اهو ڏيئو آهي، جيڪو پاڻ سڙي ٻين کي روشني ڏئي ٿو. جيڪڏهن اسان پنهنجي استادن جي عزت، خوشحالي ۽ ذهني سڪون جو خيال نه رکيو، ته مستقبل جون نسلون به ان جو اثر محسوس ڪنديون
“جي استادن جا آھن روشن ۽ معاشي حوالي سان خوشحال هوندا، ته قومن جا رستا به روشن هوندا.”
عالمي استاد ڏينهن تي اچو ته رڳو مبارڪون نه ڏيون، پر اهو عزم به ڪريون ته استاد کي اهو مقام، عزت ۽ سهولتون فراهم ڪيون، جيڪي ڪنهن به مهذب ۽ ترقي يافته سماج جي سڃاڻپ هونديون آهن.
___________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي



