گھوٽڪي_ڪشمور ڪنڌڪوٽ پُل سانحو: سنڌ ۾ ترقيءَ جي نالي تباهي
سنڌ ۾ گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان ترقيءَ جي انهن وڏين رٿائن مان ڪي تہ عوام لاءِ سهولت بدران موت جو پروانو بڻجنديون رھيون آھن. تازو افسوسناڪ واقعو ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۽ گھوٽڪيءَ جي وچ ۾ سنڌو درياءَ تي اربين رپين جي لاڳت سان اڏجندڙ پل جو آهي، جتي پُل جو هڪ وڏو حصو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان رسيو.

نصير اعجاز
ڪنهن به ملڪ يا صوبي جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ جو دارومدار ان جي مضبوط انفراسٽرڪچر تي هوندو آهي. پر سنڌ ۾ گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان ترقيءَ جي انهن وڏين رٿائن مان ڪي تہ عوام لاءِ سهولت بدران موت جو پروانو بڻجنديون رھيون آھن. تازو افسوسناڪ واقعو ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۽ گھوٽڪيءَ جي وچ ۾ سنڌو درياءَ تي اربين رپين جي لاڳت سان اڏجندڙ پل جو آهي، جتي پُل جو هڪ وڏو حصو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان رسيو (ڊان نيوز، مئي 2026).
اهو واقعو ڪو پهريون يا اڪيلو واقعو ناهي، پر سنڌ جي انفراسٽرڪچر ۾ پيھي ويل ڪرپشن، غير معياري ڪم، ۽ احتساب جي مڪمل کوٽ جو هڪ ٻيو واضح ثبوت آهي.
ڪراچيءَ ۾ شيرشاهه فلاءِ اوور سانحو گھڻو پُراڻو ڪونھي ۽ ڪنھن کان وسريو ڪونہ ھوندو. پُلين ۽ فلاءِ اوورز جي ڪري پوڻ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ۽ هانءُ ڏاريندڙ واقعو صدر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ پيش آيو هو. پهرين سيپٽمبر 2007ع تي ڪراچيءَ جي صنعتي علائقي شيرشاهه ۾ نئين تعمير ٿيل فلاءِ اوور جو هڪ وڏو حصو اوچتو ڪري پيو هو. ان سانحي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون ملبي هيٺيان دٻجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ويهن کان وڌيڪ ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي سخت زخمي ٿيا. ان وقت حڪومت پاران وڏي دعوا ڪئي وئي، جاچ ڪميٽيون جوڙيون ويون، پر نتيجو ٻُڙي نڪتو. نہ ئي ڪنهن ذميوار انجنيئر کي ۽ نه ئي لاڳاپيل ٺيڪيدار ڪمپنيءَ جي ڪنھن ماڻھوءَ کي گرفتار ڪري ڪيس ھلائي سزا ڏني وئي ۽ نہ ئي ٺيڪيدات ڪمپنيءَ کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو.
ڪراچي جهڙي ميٽروپوليٽن شهر ۾ اهڙا واقعا اڪثر ٿيندا رهن ٿا. ڪڏهن گلستانِ جوهر، ڪڏهن ناظم آباد ته ڪڏهن وري شاهراهہ فيصل تي فلاءِ اوورز جا ٽڪرا، ڪنڪريٽ ۽ پلستر ڪرڻ جا واقعا اخبارن جي زينت بڻجندا آهن، پر سرڪار جي ڪن تي جُونءَ به نٿي چُري.
پاڪستان جي برعڪس، جتي انساني جان جي ڪا قيمت ناهي، دنيا جي اُسريل ملڪن ۾ انفراسٽرڪچر جي ناڪاميءَ تي انتھائي سخت قانوني ۽ فوجداري ڪارروايون ڪيون وينديون آهن. جڏهن به ڪو اهڙو واقعو ٿيندو آهي ته انجنيئرن کان وٺي ڪمپني مالڪن تائين سڀني کي جيل موڪليو ويندو آهي. ان جا ڪجهه مثال هيٺيان آهن:
اٽليءَ جي شهر جينوا ۾ 2018ع تي مورانڊي (Morandi) پُل جو هڪ حصو ڪرڻ سبب 43 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. اٽليءَ جي حڪومت ان کي رڳو حادثو قرار نه ڏنو. ان واقعي جي مڪمل عدالتي جاچ ڪرائي وئي، جنهن کان پوءِ پل جي سارسنڀال ڪندڙ ڪمپني ‘Autostrade’ جي اعلي اختيارين، ڊائريڪٽرن ۽ سرڪاري انجنيئرن سميت 59 ماڻهن تي غفلت، قتلِ ۽ دستاويزن ۾ ڦيرڦار جا ڪيس هلايا ويا ۽ ڪمپنيءَ تي اربين يورو جو ڏنڊ هنيو ويو (بي بي سي نيوز، 2021).
سال 2007 ۾ آمريڪا جي رياست مائنسوٽا ۾ مسيسپي نديءَ تي ٺهيل پل اوچتو ڪري پئي هئي، جنهن ۾ 13 ماڻهو فوت ٿيا. نيشنل ٽرانسپورٽيشن سيفٽي بورڊ (NTSB) جي جاچ ۾ معلوم ٿيو ته ڊيزائن ۾ نقص هو. جيتوڻيڪ اهو واقعو پراڻي ڊيزائن جي ڪري ٿيو، پر جنهن ڪمپنيءَ پل جي لوڊ جو غلط اندازو لڳايو هو، ان کي متاثرين کي اٽڪل 50 ملين ڊالر کان وڌيڪ جو معاوضو ڏيڻو پيو ۽ مستقبل جي منصوبن لاءِ بليڪ لسٽ ڪيو ويو.
چين ۾ جتي به انفراسٽرڪچر جي ڪم ۾ ڪرپشن يا غير معياري مواد جي شڪايت ملندي آهي، اتي ڪرپشن قانون تحت سڌو سنئون موت جي سزا يا عمر قيد جي سزا ٻڌائي ويندي آهي. اتي انجنيئر يا وزير ڪرپشن ڪرڻ جو سوچي به نٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته اتي پبلڪ سيفٽي تي ڪ به سوديبازي نه ڪئي ويندي آهي.

پر اسان وٽ سنڌ ۾ ڪرپشن جو ناسور ۽ نظام جي ناڪاميءَ سبب ڪو بہ قدم نٿو کنيو وڃي. ڪشمور-ڪنڌڪوٽ پل جو اڏاوت دوران ئي تباهه ٿيڻ ڪو ٽيڪنيڪل نقص ناهي پر اها سڌي سنئين انتظامي غفلت ۽ مالي بدعنواني آهي.
چيو وڃي ٿو تہ اھو پُل وارو منصوبو شروع ۾ 17 ارب رپين جو هو، پر دير ۽ مصلحتن جي ڪري لاڳت وڌي 70 اربن تائين پهچي وئي (ڊان، مئي 2026). پر ان جي باوجود ڪم جو معيار اهو هو جو پل افتتاح کان اڳ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
اھو غير معياري ۽ ناقص ڪم ڪميشن ڪلچر جي ڪري ٿئي ٿو. جڏهن ڪنهن منصوبي جو هڪ وڏو حصو سياسي رشوتن، ڪميشنن ۽ آفيسرشاهي جي نظر ٿي ويندو، ته پوءِ ٺيڪيدار وٽ سيمينٽ ۽ لوهه جو معيار گهٽائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه بچندو آهي. ٺيڪيدار بہ اڳئي ٻہ نمبري، جن کي ٺيڪا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪميشن ڏيڻ تي ڪو اعتراض ڪونہ ھوندو آھي ڇو تہ پئسو سندن کيسي مان ڪو نہ ٿو وڃي.
حيرت تہ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي خاموشيءَ تي ٿئي ٿي، جيڪا بدعنوان انجنيئرن جا لائسنس رد نٿي ڪري. پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل (PEC) ۽ سنڌ جو پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (W&S) رڳو هڪ ربر اسٽيمپ بڻجي چڪا آهن، جيڪي پئسي جي عيوض غير معياري ڪم جي فٽنيس جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيندا آهن.
جيستائين اسان جي ملڪ ۾ انساني جان جي قيمت کي نه سڃاتو ويندو ۽ ڏوهارين کي عبرتناڪ سزائون نه ڏنيون وينديون، تيستائين اهي سانحا ٿيندا رهندا. ڪشمور ڪنڌڪوٽ پل جي حادثي تي رڳو ڪاغذي ڪميٽي جوڙڻ ڪافي ناهي. حڪومت کي گهرجي ته ان منصوبي جي لاڳاپيل چيف انجنيئر، ڪنسلٽنٽ ۽ ٺيڪيدار ڪمپنيءَ جي مالڪن خلاف قتلِ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، لاڳاپيل ڪمپنيءَ جا اثاثا ضبط ڪري، ان کي هميشه لاءِ بليڪ لسٽ ڪيو وڃي، سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن فلاءِ اوورز ۽ پُلين جو هڪ آزاد عالمي اداري کان انفراسٽرڪچر آڊٽ ڪرايو وڃي ته جيئن ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ مستقبل جي ڪنهن وڏي حادثي کي روڪي سگهجي.
________________

نصير اعجاز ڪراچيءَ م رھندڙ صحافي آھي



